اسلام ۽ امن

ڪيترائي ڀيرا مون پنهنجي مسلمان دوستن کان اها ڳالهه ٻڌي آهي ته اسلام برداشت سيکاريندڙ يا پر امن مذهب آهي ۽ صرف ڪجهه اهڙا انتها پسند آهن جيڪي اسلام جو نالو خراب ڪري رهيا آهن. ان باوجود، اسلام جي نالي تي، گزريل 14 صدين دوران 27 ڪروڙ انسانن کي قتل ڪيو ويو آهي ۽ يارهن سيپٽمبر کان وٺي سڄي دنيا ۾ 20 هزار دهشت گرد حملا ٿي چڪا آهن. تنهنڪري، تشدد اسلام جي اقدار کي واضع ڪري ٿو جنهن جي بنياد اهڙن نظرين جهڙوڪ جهاد ۽ جبري شهادت تي رکيل آهي جنهن ۾ سختي سان ان ڳالهه جي حمايت ۽ حوصله افزائي ڪئي وئي آهي ته تشدد، نفرت ۽ جارحيت اسلامي عقيدي جي اظهار جو جائز طريقو آهي. پهريان به ۽ اڄ به، اسلام طاقت ۽ زور زبردستي سان ڪيترين ئي قومن کي غلام بڻايو، انهن کي ڌمڪيون داٻا ڏيئي انهن کي يرغمال بڻايو ته جيئن پنهنجي نظريي مطابق فتح جو جذبو قائم رکي سگهجي. تنهنڪري قرآن واري الله جي عزت ڪرڻ لاءِ تيار عقيدت مندن پاران تاريخي اسلام جي فتوائن موجب فعل ڪندڙن تي آئون تنقيد نه ٿو ڪري سگهان ڇاڪاڻ ته هو مخلصي ۾ مذهب جي ڏنل تعليم مطابق اطاعت ڪري رهيا آهن، ۽ نه ئي انهن مسلمان تي جيڪي معتدل پرامن آهن ڇاڪاڻ ته اهو ئي اصل مسلمان آهن جيڪي قرآن جي سورت نمبر 9 آيت 29، سورت نمبر 9 آيت 73 ۽ سورت نمبر 9 آيت 123 موجب عمل ڪري رهيا آهن. لازمي طور تي اسلامي نظريي مطابق، اهو به هڪ سبب آهي ته جيڪڏهن الله پنهنجي مرضي مطابق انهن دهشت گردن کي حملا ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي ته اها هن جي رضا هوندي، ٺيڪ؟ تنهنڪري ڪافر خلاف وڙهڻ کان انڪار ڪرڻ الله جي بهترين منصوبي جي نفي ڪرڻ هوندو
جيتوڻيڪ آئون اهڙي فعل جي مذمت ڪندو آهيان پر اهو سمجهڻ ڏکيو ڪم ناهي ته اهي قرآن موجب عمل ڪري رهيا آهن. تنهنڪري مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن توهان پاڻ کي سچو مسلمان سمجهو ٿا ته هن پيراگراف کي قبول نه ڪري ڇا توهان قرآن جي خلاف ورزي نه ڪري رهيا آهيو؟ ۽ ڇا اهو ارتداد ناهي ته پنهنجي عقيدي مطابق صرف قرآن جون مخصوص سورتون استعمال ڪري مذهبي طور توهان دنيا بابت پنهنجي راءِ قائم ڪري رهيا آهيو؟ قرآن سورت 33 آيت 36. وڌيڪ اهو ته، اهو اصرار ڪرڻ ته اسلام امن جو دين آهي ۽ ٻئي طرف دهشت گردي جي اهڙن واقعن تي خاموش رهڻ ۽ انهن جي مخالفت نه ڪرڻ هڪ طرح جو اتفاق ڪرڻ آهي ۽ اهڙي اظهار جو مطلب انهن غلط ڪمن جي اجازت آهي جيڪا هڪ طرح سان جرم ۾ مدد جي زمري ۾ اچي ٿي. جيڪڏهن توهان دهشت گردي خلاف راءِ رکو ٿا ته ڇا توهان ان مهم جي مخالفت ڪندئو ايتري قدر جو توهان جي پنهنجي جان خطري ۾ پئجي وڃي؟
بدقسمتي سان، ڀلي مسلمانن جو هڪ وڏو تعداد امن پسند هجي، پر اسلامي قيادت جو اهو انتها پسندانه عنصر آهي جيڪو اسلامي ثقافت کي اڳياڻ آڻي ٿو ۽ انهيءَ ڪري اڪثريت انهن روين جي حمايت ۽ عالمي سطح تي مخالفانه راءِ جي مخالفت ڪندي نظر ايندي. وڌيڪ اهو ته اسلام ۾ جمهوري ۽ سفارتي انداز سان سڌارو آڻڻ لاءِ سيڪولر طريقي سان مسئلو حل ڪرڻ مغربي طريقو ته ٿي سگهي ٿو پر اهو اسلامي طريقو ناهي. شروع ۾ توهان اها دليل ڏئي سگهو ٿا ته قرآن ۾ ٻين سان شفاف رويو رکڻ جي تلقين ڪئي وئي آهي، سورت 2 آيت 256، 109. پر ان باوجود ڏسجي ته ابتدائي دور ۾ هو ان حالت ۾ نه هئا ته پنهنجو بچاءُ ڪري سگهن پر جيئن جيئن انهن طاقت حاصل ڪرڻ شروع ڪئي ته اهي سورتون معطل سمجهي وڃڻ لڳيون ۽ انهن جي جاءِ تي ٻيون جارحاڻي سوچ واريون سورتون اچي ويون ته جيئن ڪنٽرول حاصل ڪري سگهجي، ۽ اگر ضرورت پوي ته، ان لاءِ تلوار ۽ تشدد جو رستو اختيارڪجي
اسلامي غلبي ڏانهن وڌندي منهنجي اها ڳالهه هڪ سازشي نظريو محسوس ٿي سگهي ٿو پر تاريخي لحاظ کان ڏسجي ته اهو سڀ ٿي چڪو آهي ۽ اڄ به ٿي رهيو آهي ۽ ان ۾ خفيه ايجنڊا طئي ٿيل آهي جنهن ۾ مختلف مرحلن تي آهستي آهستي معاشري جو مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ۽ آخر ۾ اسلامي قانون نافذ ڪيو ويندو ته اسلام تي ايمان نه آڻيندڙن کي جهڪائي سگهجي. اڪثر ڪري ان جو سبب عيسائين ۽ ٻين گروپن تي ظلم ۽ جبر جي صورت ۾ سامهون آيو آهي. مان وائس آف مارٽرز (شهيدن جو آواز) نالي گروپ جي حمايت ڪندو آهيان (ڊبليو ڊبليو ڊبليو ڊاٽ پرسيڪيوشن ڊاٽ ڪام) جيڪا هڪ عيسائي تنظيم آهي جيڪا اهڙن ماڻهن جي مدد ڪندي آهي جيڪي شهادت جا متاثرين آهن. هر سال اهڙا 30 هزار عيسائي آهن جيڪي ان وصف ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا، اهو تعداد تبديل به ٿي سگهي ٿو ۽ ان ۾ اهڙا به ماڻهو شامل آهن جن جي ملازمت يا جائيداد جو نقصان ٿيو هجي، يا انهن جي جيل يا وري موت جو منهن به ڏسڻو پيو هجي. ان ڳالهه سان آئون پنهنجي ان راءِ کي به اڳيان وڌائيندس ته مسلمان ”دين ۾ ڪو به جبر ناهي“ جهڙا قرآني حوالا ڏيڻ مهل ثابتي ناهن ڏئي سگهندا ۽ اهي ان حقيقت کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن ته اسلام جي اڳوڻي دور ۾ مسلمانن ڪيترن ئي ماڻهن کي ڪافر قرار ڏيئي قتل ڪيو هو ڇاڪاڻ ته انهن اسلام قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ مسلمانن انهن کي جهاد ذريعي اسلام قبول ڪرايو ٿي. ان جبر ۾ توهين واري قانون جو غلط استعمال ۽ جزيي جي ادائيگي شامل آهي جنهن تحت اسلام قبول نه ڪندڙن کي محدود ڪرڻ ۽ انهن کي گهٽ درجي جو شهري قرار ڏيڻ جا طريقا استعمال ڪيا ويندا هئا ۽ قرآن جي سورت 9 آيت 29 ۾ ابن ڪثير جهڙن عالمن جي ثابتي ملي ٿي. ڇا توهان مان ڪنهن اهو ٻڌو آهي ته انسانيت جي مدد ڪندڙ هڪ مسلمان تنظيم ڪافرن جي فلاح ۽ بهبود جو ڪم ڪيو، ان جو سبب اهو آهي ته اهي تنظيمون صرف ۽ صرف پنهنجن ماڻهن جو خيال ڪن ٿيون، ٻين جو نه ڇاڪاڻ ته قرآن جي سورت نمبر 3 آيت 110 ۽ سورت 98 آيت 6 ۾ واضع آهي ته مسلمان پاڻ کي ٻين کان بالاتر سمجهندا آهن. ليڪن اهي عيسائي تنظيمون آهن جن ٻين مذهبن جي ماڻهن ۽ انهن جي انساني حقن جو خيال رکيو آهي، يتيم گهر ۽ اسپتالن جهڙا مرڪز قائم ڪيا اٿئون، حالانڪه تازو ئي شام ۾ انهن مسلمانن جي به مدد ڪئي وئي آهي جيڪي بي گهر ٿيا ۽ عراق ۾ پناه وٺي رهيا هئا ۽ جن کي پنهنجي ئي مسلمان ڀائرن نظرانداز ڪيو هو.
خير، ڪنهن به معاشري ۾ اسلام جي واڌ ويجهه جو سلسلو ان وقت شروع ٿئي ٿو جڏهن هو ميزبان ملڪ ۾ طفيلي ذريعي سان هجرت يعني اميگريشن، ٻار پيدا ڪرڻ ۽ فنڊنگ گڏ ڪري ڪافرن کي سچائي نه پر زور زبردستي سان انهن کي تڙي ڪڍڻ جي پاليسي تي عمل ڪندا آهن. اسلامائزيشن جو اهو عمل سست رفتاري سان ۽ آهستي آهستي ٿيندو آهي جنهن ۾ مسلمان قرآن (سورت نمبر 3 آيت 28) ۾ واضع ڪيل تقيه جي طريقي تحت پنهنجا اصل مقصد ۽ منصوبا ڳجها رکندا آهن ۽ شروع ۾ دوستي جي دوکي ۾ رکندا آهن. مسلمانن جي انهيءَ فعل جي حمايت توهان کي ابن الڪثير جهڙن عالمن جي تبصرن ۾ به نظر ايندي، ۽ توهان کي ان عمل جي هڪ جهلڪ امريڪا ۾ به نظر ايندي ۽ ان کي دفاعي جهاد چئي سگهجي ٿو جيڪو هو هر ان ماڻهو خلاف ڪري رهيا آهن جيڪو اسلام تي تنقيد ڪري رهيو آهي يا غير اسلامي مذهب جو پرچار ڪري رهيو آهي، اها صورتحال اسان کي اتر افريقا ۽ يورپ ۾ نظر ايندي جتي انهن ڪجهه ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي. آخر ۾، اهو سب ڪجهه جارحاڻي جهاد جو سبب بڻبو ته جيئن اسلامي رياستن کي مڪمل ڪنٽرول ملي سگهي. حيراني جي ڳالهه ته اها آهي ته هي سڀ پاڻ ۾ مختلف مسلڪن سان تعلق رڪندڙ پاڻ ۾ وڙهي به پوندا آهن پر آخر ۾ هي سڀ مسلمان ڀائر آهن ۽ سڀ هڪ ئي ڪتاب جا پيروڪار آهن. تنهنڪري جڏهن ڳالهه ملغوب طاقت جي هوندي آهي ته انهن جو پاڻ ۾ ڌونس ڌمڪي جوڪنهن به سطح تي نظريو درست ناهي ۽ نه ئي هي سڀ پاڻ ۾ ايترا وڙهي پوندا جو ڪنهن طرح جي ”جنگي نظريي“ تي عمل ڪن
بعد ۾ اهو ڪنٽرول هو پنهنجن ڪارڪنن ذريعي قائم رکندا آهن جيڪو ڪافرن کي مارڻ جو ڌمڪيون ڏيئي اهو ڪنٽرول برقرار رکندا آهن تنهنڪري انهن کي ذاتي حقن بابت ڪا ڄاڻ ناهي. آزادي صرف هڪ دوکو آهي جنهن ۾ اسلامي اقدار خاندان، حڪومت ۽ قرآن ۾ ٻڌايل طريقي موجب حڪمراني جي پاليسي تي عمل ڪرڻ آهي
آخر ۾، آئون ان ڳالهه جو اعتراف ڪريان ٿو ته ڪجهه مسلمان تحمل ۽ برداشت جي نظريي تي عمل ڪندا آهن ۽ اهي اهڙن مسلمانن جي فعلن تي ڏک محسوس ڪندا آهن جيڪي جارحاڻي سوچ رکندي اسلامي عقيدن تي سنجيدگي سان عمل ڪندا آهن. مون کي خوشي آهي ته اهڙا تحمل پسند مسلمان سخت اسلامي عقيدن جي پيروي نه ٿا ڪن. شايد انهن جي دل جي گهرائي ۾ اسلام جي نفي جو عنصر موجود آهي پر خوف سبب هو پنهنجو آواز اٿاري سگهن ٿا ۽ نه ئي هو ڪنهن طرح جي مزاحمت ڪري سگهن ٿا. حتيٰ ڪه اهڙا مسلمان به هوندا جيڪي لاشعوري طور تي نه چاهيندا ته اسلام ۾ اهڙا سخت عقيدا شامل هجن. حقيقت ۾ اهڙن مسلمانن جي دل ۾ اهو آواز موجود هوندو آهي ته مذهب جي ڦهلاءُ ۽ عقيدي خاطر ماڻهو مارڻ اخلاقي طور درست ناهي
مان سمجهان ٿو ته قرآن جي تعليم جي تعليم کان هٽي ڪري ڏسجي ته اهڙا مسلمان جيڪي پنهنجي نقطه نظر ۾ معتدل آهن اهو هاڻوڪي دور جي ظالمن جي مذمت ڪن ٿا جهڙوڪ هٽلر، اسٽالن، عيدي امين، پول پوٽ ۽ هيرو هيٽو. اهڙا مسلمان انهن ظالمن جي ظلم ۽ جبر ۽ انهن جي تڪبر ۽ انهن جي انسانيت خلاف ڪيل ڪمن کي ناپسند ڪن ٿا، هي اهي ظالم آهن جن انسانن ۾ ڪنهن به طرح جو فرق ڪئي بغير انهن کي قتل ڪيو ۽ اهڙن ماڻهن ۽ الله جي نالي تي انسانن کي قتل ڪندڙن ۾ ڪو فرق ناهي
ان باوجود بدقسمتي سان ڪجهه مسلمان پنهنجي قوم طرفان انسانيت يا معاشري تي ڪيل ظلم جي ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ نه ئي ان معاملي ۾ پنهنجي حصو ڏسڻ لاءِ تيار آهن. اها ڳالهه مونکي يسوع جي ان قول جي ياد ٿي ڏياري ته ٻين جي اکين مان پٿري ڪڍڻ کان اڳ ۾ پنهنجي اک مان ته پٿري ڪڍو. اهڙا مسلمان پنهنجي قوم جي آندل بربادي کي ڏسڻ جي معاملي ۾ ايترا ته انڌا آهن جو هو مسئلي جي پاڙ تائين پهچڻ جي ڪوشش ئي نه ٿا ڪن ۽ اهو مسئلو انهن ۾ پاڻ ۾ آهي
مان سمجهان ٿو ته جبلت جي لحاظ کان مسلمانن کي خبر آهي ته انهن جو پالڻهار شفيق ۽ مهربان آهي جيڪو زندگي جي واڌ ويجهه چاهي ٿو ۽ هن اسان کي ماءُ جي صورت ۾ پنهنجي شفقت جا ڪيترائي مثال به ڏنا آهن. جيڪڏهن خدا مائرن کي محدود پيار سان پيدا ڪيو آهي ته اها سوچڻ جي ڳالهه آهي ته هن ۾ پاڻ ۾ انسانن لاءِ ڪيتري محبت ۽ شفقت هوندي. خداوند ڪريم يسوع جي صورت ۾ اسان کي محبت ڪندڙ نبي عطا ڪيو جنهن انسان جي گناهن جي قيمت ادا ڪئي جنهن سبب هن کي لازوال زندگي ملي. خدا نفرت ذريعي اسان کي فتح ناهي ڪيو بلڪه هن اسان کي پيار ڏنو آهي جيڪو هن جي ذات جي بهترين صفات مان هڪ آهي
آخر ۾ آئون هي بلاگ پڙهڻ تي توهان جو شڪر گزار آهيان ۽ چاهيندس ته توهان اسلام بابت ايمانداري سان ۽ سوچ سمجهه سان راءِ قائم ڪيو. وڌيڪ آزاد خيال سان سوچڻ سان توهان پنهنجي عقيدي جي نظام تي غور ڪري سگهندئو ۽ ان جي تاريخي پوزيشن معلوم ڪري سگهندئو ته اها انساني حقن ۽ زندگي جي تقدس جي خلاف آهي. مان توهان کي اها درخواست به ڪندس ته توهان سچ جي بالادستي لاءِ اٿو پوءِ ڀلي ان لاءِ توهان کي پنهنجي انهن ثقافتي ۽ معاشرتي اقدار کان انڪار ڇو نه ڪرڻو پوي جيڪي توهان تي مڙهيون ويون آهن
سڄي ڳالهه جو نتيجو اخذ ڪندي اهو چوندس ته انساني وجود جي جاءِ اهڙي آهي جنهن ۾ خدا مذهب کي پيدا ڪيو آهي. هڪ اهڙو مذهب جنهن کي پيار محبت ۽ قرباني تحت بيان ڪري سگهجي ٿو. اهو پيار يسوع کان شروع ٿيندو ۽ هن جي شاگردن جي ذريعي وڌندو رهندو، هي اهڙو پيار ۽ محبت جو رشتو آهي جيڪو معزز آهي ڇاڪاڻ ته ان ۾ صرف پاڻ بابت ناهي سوچڻو، ان ۾ ٻين جي سوچ رکبي آهي ۽ اهڙي طرح محبت جو رشتو قائم رهندو جنهن ۾ پنهنجن دشمنن کي به معاف ڪري انهن سان به محبت جو رشتو قائم ڪبو دشمنن کي پنهنجو ٻيو ڳل به پيش ڪبو
پيارا دوست، زندگي لاءِ هڪ بهتر رستو آهي ۽ يسوع چوي ٿو ته اهو ئي واحد رستو آهي. اهو رستو موت طرف نه پر زندگي طرف وٺي ٿو وڃي. خوف، نفرت، ڪاوڙ ۽ قتل بدران بدران محبت جو رستو. ڇاڪاڻ ته خدا دنيا سان ايتري محبت ٿو ڪري جو هن اسان کي يسوع جي صورت ۾ تحفو ڏنو ته جيڪو به هن تي يقين رکندو ان جو زوال نه ايندو، بلڪه ان کي لازوال زندگي ملندي

مسلم ۽ اسلامي وسيلا

سنڌي-Sindhi

Islam and Peace

Permission granted by David Woods for excerpts taken from the article on “Jihad, Jizya, and Just War Theory” in the Christian Research Journal Vol.36/No.1/2013

Permission granted by David Woods for excerpts taken from the article on “ Muhammad and the Messiah” in the Christian Research Journal Vol.35/No.5/2012

Leave a Reply