Archive for the ‘سنڌي-Sindhi’ Category

عيسيٰ جي بصيرت ۽ خواب

Friday, December 26th, 2014

هڪ مسلمان ملڪ سان تعلق رکندڙ منهنجي دوست مون کان پڇو ته ڇا آئون هن کي اهڙن ماڻهن متعلق ٻڌائي سگهان ٿو جيڪي عيسيٰ جي بصيرت ۽ خواب کان واقف آهن. ڳالهه شروع ڪندي توهان کي ٻڌائيندس ته جڏهن مان ننڍڙو ٻار هئس ته مون کي خدا جو سپنو آيو ۽ اهو اهڙو خواب هو جيڪو ڪير به گهڙي نه ٿو سگهي. خواب ۾ خدا جو اچڻ بالڪل ايئن ئي هو جيئن بائيبل ۾ هن جي جلال بابت فرمايل آهي پر مون کي ان بابت ڪا به ڄاڻ نه هئي. ان خواب جو مون تي اهڙو اثر ٿيو جو مون کي اهو اڄ تائين ياد آهي ۽ جيتوڻيڪ هن مون کي ڪجهه به نه چيو پر اها هن جي وجود جي روشني يا چمڪ هئي جنهن ذريعي مون تائين اهو پيغام پهتو ته هو عبادت لائق آهي ۽ ان لاءِ مون هن آڏو پنهنجو سر نمايو
منهنجا ڪجهه دوست يهودي به آهن جن کي به عيسيٰ جي حوالي سان ذاتي طور تي تجربو ٿي چڪو آهي. هڪ عورت منهجي سٺي دوست هئي ۽ هوءَ عيسائيت کان پاسو ڪندي هئي ڇاڪاڻ ته هوءَ سمورن مذهبن کي درست سمجهندي هئي. پر مرڻ کان ڪجهه وقت اڳ جڏهن هوءَ اسپتال ۾ هئي ته هن دعويٰ ڪئي ته هن کي عيسيٰ ڪيترا ئي دفعا پنهنجو ديدار ڪرايو. هاڻي هيءَ هڪ اهڙي يادگار ۽ ڪرشماتي صورتحال آهي جنهن ۾ ڪو يهودي اهو اعتراف ڪري ته هن ايترو ويجهو کان عيسيٰ کي ڏٺو ۽ مان يقين سان چئي سگهان ٿو ته ان واقعي کان پوءِ هن عورت جو عيسيٰ جي سچي مسيحا هئڻ بابت تاثر گهڻي قدر تبديل ٿيو
ٻيو واقعو ڏکڻ افريقا جي هڪ يهودي جو آهي جيڪو هاڻي ان چرچ جو پادري آهي جنهن ۾ آئون ويندو رهندو آهيان. هو به ان ڳالهه کي رد ڪندو هيو ته عيسيٰ ئي سچو مسيحا آهي حالانڪه يروشلم جي دوري جي موقعي تي هن کي ڏينهن ڏٺي ڪيترا ئي ڀيرا هو نظر آيو. هاڻي هن پادري پنهنجن تجربن بابت هڪ ڪتاب لکيو آهي جنهن جو عنوان ”يروشلم جي ملاقات“ آهي
آخر ۾ آئون پنهنجن مسلم دوستن سان پيش آيل ڪجهه انتهائي دلچسپ ۽ حيران ڪندڙ واقعا ۽ شهادتن جو ذڪر ڪندس، جيڪي عيسيٰ کي نه رڳو نبي سمجهندا آهن پر انهن پنهنجي عقيدي ۾ هن کي خدا سمجڻ لڳا آهن
پهريون ڀيرو مون ان معاملي تي وچ اوڀر سان تعلق رکندڙ هڪ ماڻهو سان انٽرنيشنل چرچ جي تقريب ۾ ڳالهايو هو ۽ بعد ۾ اهو ساڳيو ماڻهو مون کي سودي سلف جي دڪان تي مليو. منهنجو هن ايراني شهري سان ان ڳالهه تي مباحثو ٿيو ته هو عقيدت مند ڪيئن ٿيو ۽ هن مون کي ٻڌايو ته هن عيسيٰ جو ديدار ڪيو يا هن کي خواب آيو
هڪ ٻيو ماڻهو فلسطيني دوست آهي جنهن سان منهنجي ملاقات اسرائيل ۾ ٿي ۽ هن مون کي ٻڌايو ته جيتوڻيڪ هن جو تعلق هڪ مسلم گهراڻي سان آهي پر ڪيئن نه ڪيئن ڪري منهنجو عقيدو عيسيٰ ۾ مضبوط ٿيو. بعد ۾ هن کي ان عقيدت سبب جيل ۾ قيد ڪيو ويو ۽ هي اهو ئي وقت هو جڏهن يسوع مسيح هن اڳيان ظاهر ٿيو ۽ جيل جي سڄي ڪمري کي روشن ڪري ڇڏيائين
جن ٻين ماڻهن سان منهنجي ملاقات ٿي آهي انهن ۾ هڪ پاڪستاني عورت به شامل آهي جنهن جو چوڻ هو ته جڏهن هو نوجوان ڇوڪري هئي ته هڪ رات خواب ۾ عيسيٰ هن جي خواب ۾ آيو ۽ هن کي پيڻ لاءِ پاڻي ڏنائين. اهو ٻڌي مون هن کي واضع ڪيو ته بائبل موجب عيسيٰ پاڻي جي ان وهڪري وانگر آهي جيڪو زندگي عطا ڪندو آهي
هڪ ٻي عورت جو تعلق ايران سان هو جنهن مون کي اي ميل موڪلي ۽ چيائين ته سمهڻ مهل جڏهن هن دعا گهري ته ان وقت هن کي سجاڳي ٿي جڏهن سڄو ڪمرو سائي رنگ جي روشني سان ڀريل هو ۽ هڪ مرد جو آواز آيو ته ”اٿ! آئون عيسيٰ آهيان“ هن عورت ٻڌايو ته اهو لقاءُ ڏسي آئون ڍڄي ويس ۽ بستري مان ٻاهر نه آيس ڇاڪاڻ ته مون کي حجاب پهريل هو ۽ نه ئي پاڻ کي ڍڪيل هو.
آخر ۾ اهو چوندس ته اهڙيون ڪافي ڳالهيون آهن جيڪي آئون ڀلجي چڪو آهيان ۽ خواهش آهي ته جيڪر انهن کي پهرين ئي لکي وٺان ها ليڪن ان باوجود مون کي اهڙن ڪيترن ئي واقعن بابت معلومات ملي رهي آهي جن سان ماڻهن جي زندگي ايتري حد تائين تبديل ٿي رهي آهي جو اهي مرد ۽ عورتون پنهنجن خاندانن حالانڪه معاشري پاران نيڪالي کي به قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا جنهن جو مطلب ڪجهه ماڻهن لاءِ موت به ٿي سگهيو ٿي. ماڻهون ڪنهن به فضول شئي لاءِ پنهنجي زندگي خطري ۾ ناهن وجهندا ۽ مون کي يقين آهي ته مردن ۽ عورتن جي زندگي تي ايترو ته زبردست اثر پيو جيڪو انهن کي ڪڏهن به پنهنجي عقيدي يعني موسيٰ يا محمد مان ناهي مليو ۽ اها ئي ڳالهه انهن کي سجاڳ ڪرڻ جو سبب بڻي ۽ ان تعليم يا هدايتن کي چيلنج ڪرڻ لاءِ سوچ عطا ڪئي جيڪا انهن کي هن (عيسيٰ) بابت ملندي رهي هئي. شايد توهان انهن واقعن جي صداقت تي شڪ جو اظهار ڪيو پر مان صرف توهان کي اها درخواست ڪندس ته توهان عيسيٰ يا خدا کي چئو ته هو توهان کي پنهنجي سڃاڻپ اهڙي ذاتي طور تي ڪرائي جو توهان جو هن تي بطور خدا يا مسيحا طور عقيدو قائم ٿئي
آخر ۾ اهو به ٻڌائيندس ته مون 700 ڪلب تي ڪجهه ويڊيو فلمون به ڏٺيون آهن جن ۾ انهن مسلمانن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي جيڪي هي عقيدو اختيار ڪري رهيا آهن

www.cbn.com/tv/3166680520001
www1.cbn.com/cbnnews/insideisrael/2012/June/Dreams-Visions-Moving-Muslims-to-Christ

www1.cbn.com/video/fatimas-quest-for-god
morethandreams.org

مسلم ۽ اسلامي وسيلا

سنڌي-Sindhi

Visions and Dreams of Jesus, Isa, Esa, Yeshu, Yeshua

قرآن بائبل جي حمايت ٿو ڪري

Friday, December 26th, 2014

توريت، مزامير ۽ انجيل ۾ لکيل ڳالهين ۽ خدائي تلقين جي قرآن حمايت ڪري ٿو ليڪن ان باوجود اڄ جي دور جي مسلم عقيدو ان ڳالهه جي دعويٰ ٿو ڪري ته بائبل کي خراب ڪيو ويو آهي ۽ ان تي يقين نه ٿو ڪري سگهجي. يقيني طور تي اها ڳالهه ثابت نه ٿي ڪري سگهجي ۽ اهو بيان انهن ڪيترن ئي بيانن مان هڪ آهي جيڪو اسلام جي مڃيندڙن طرفان ڦئلايل آهي
اهڙي سوچ جو هڪ سبب ته اهو آهي ته ڇاڪاڻ ته ڪيترا ئي بائبل مطالعي لاءِ دستياب آهن ان ڪري اها منطق ڏني ويندي آهي ته اهي سڀ درست ٿي نه ٿا سگهن
ڪيترن ئي بائبل جي دستيابي جو سبب صرف اهو آهي ته قلمي نسخي جي صورت ۾ اسان وٽ ڪيتريون ئي شاهديون موجود آهن. صرف يوناني مسودي جا 6000 نسخا موجود آهن جيڪو ڪنهن ٻئي قديم ادبي نسخي جي مقابلي ۾ انتهائي قديم ثبوت آهي
اڄ جي جديد دور ۾ اسان وٽ ڇاپي جي مشين جي سهولت سان گڏو گڏ پيشڪش، تبادلي ۽ دستاويز محفوظ ڪرڻ جا بهتر ذريعا موجود آهن. بائبل جي آڳاٽي دور ۾ مسودا تمام گهٽ ۽ مهانگا هوندا هئا. تنهنڪري محفوظ ڪرڻ جي ضرورت ۽ ان سان گڏ پاڪ نسخن جي طلب سبب اهو انتهائي ضروري هو ته انهن جون ڪاپيون ڇاپيون وڃن ۽ انهن کي ڦهلايو وڃي
اهي ڪاپيون سخت چڪاس ۽ تحرير ڪاري جي اصولن موجب تيار يا شايع ڪيون ويون ۽ يهودين پاران اهڙي ٽئڪنيڪ استعمال ڪئي وئي ته جيئن اصل نسخي جو مواد تبديل نه ٿئي. اهي نسخا ۽ ڪاپيون ايتري قدر مفيد آهن جو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو ته اهي درست آهن. توهان کي اها ڳالهه ياد هئڻ گهرجي ته قابل قبول نسخن ۾ اگر ڪا شئي بي ربط هئي ته اها انتهائي معمولي سطح تي هئي ۽ اصل نسخي جي مقابلي ۾ ان ۾ ڪا به تبديلي نه هئي. پر جيڪا ڳاله نئين عهد نامي بابت نوٽ ڪرڻ لائق آهي، اها هي آهي ته جيڪڏهن ان کي تلف ڪري سگهجي ها ته به ان کي قديم ڪليسا جي پادرين جا لکيل حواله پيش ڪري ٻيهر تحرير ڪري سگهجي ها ۽ اها ئي ڳالهه نه صرف انهن نسخن جي صداقت بلڪه انهن جي درست هئڻ جو ثبوت آهي
نئين عهد نامي جي حمايت ۾ اها ڳالهه به موجود آهي ته اصل صحيفي ۽ پراڻي دستياب نسخي جي وچ ۾ 100 کان 250 سالن جو عرصو آهي جيڪو انهن ٻنهي جي وچ ۾ ٻين قديم ادبي لکڻين جي مقابلي ۾ انتهائي گهٽ ترين وقت آهي. سيزر جي گيلڪ جنگن بابت ڏسون ته اسان کي خبر پوندي ته انهن تاريخي دستاويزن وچ ۾ هڪ هزار سالن جو عرصو موجود آهي
بائبل جي صداقت جو هڪ ٻيو طريقو بحيره مردار جا ويڙهيل ڪاغذ آهن جيڪي قمران مان 1940 لڳ ڳولهي لڌا ويا. هن وقت تائين عهد قديم (پراڻي بائبل) جو جيڪو آڳاٽو ترين نسخو برآمد ڪيو ويو آهي اهو سال 900 جي عمومي دور (ڪامن اِرا ) جو آهي. جڏهن اسان ان قديم ترين نسخي کي بحيره مردار جي ويڙهيل نسخن سان ڀيٽائيندا سين ته اسان کي ڪو به فرق نظر نه ايندو
بائب ۾ ڪنهن به طرح جي تبديلي کي روڪڻ لاءِ طئي ڪيل معيار (چيڪ ۽ بيلنس) ۾ اهي گڏجاڻيون به هيون جيڪي پاڪ نسخي ۾ ٻڌل ڳالهين جي شامل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ منعقد ڪيون وينديون هيون ڇاڪاڻ ته مختلف نوعيت جا جعلي دستاويز به ان دور ۾ ورهايا پئي ويا ۽ چرچ جي قيادت کي اصول (آرٿوڊاڪسي) ۽ قانون (ڪينن) طئي ڪرڻا هئا جيڪي اصل ۾ مقدس نسخا هئا. عيسائين جي ڪونسل نائسيا عام دور (سي اي) جي سال 325 ۾ ٿي جڏهن ته يهودين جي ڪونسل جامنيا جو اجلاس عام دور (سي اي) جي سال 90 ۾ ٿيو
مختلف بائبل هئڻ جو هڪ سبب اهو به آهي ته پاڪ نسخي کي انهن ماڻهن جي زبان ۾ آڻڻ هو جن لاءِ مقصود هو. پيروڪارن کي هدايت ڪئي وئي ته هو سڄي دنيا ۾ ڦئلجي وڃن ۽ انجيل مقدس جي تبليغ ڪن ۽ اهو ئي اهڙو طريقو هو جنهن جي ذريعي اهو سڀ موثر طريقي سان ڪري سگهجي پيو. اهڙي ڪا به سازش ناهي جنهن جي ذريعي بائبل کي تبديل يا ان ۾ ترميم جي ڪوشش ڪئي وئي هجي. مان اهو تصور به نه ٿو ڪري سگهان ته ڪو شخص مون کي پنهنجي اصل عبراني، سامي ۽ يوناني زبان ۾ لکيل بائبل ڏيئي چوي ته ان جي معنيٰ سمجهاءِ. اگر مان اهي قديم ٻوليون پڙهي به وڃان ته ثقافتي لحاظ سان مان انگريزي ٻولي ۾ سوچ سمجهه جو ڪم ڪندس ۽ اها منهنجي تعصب تي ٻڌل تشريح هوندي
جڏهن به ادبي تنقيد جي ڳالهه ايندي آهي، بائبل وانگر قرآن کي به اهڙي طرح جي چئلنجن کي منهن ڏيڻو پيو پوي. آخر ڪار اهو پاڪ ڪتاب به آسمان تان براهِ راست ناهي لٿو، ۽ نه الله پنهنجي آنڱر سان ان کي لکيو آهي
آخر ۾ آئون اهو چوندس ته بائبل متعلق جيڪي به خيال محمد کي آيا، اهي هن عيسائيت ۽ يهوديت جي ثانوي اثر تحت حاصل ڪيا ڇاڪاڻ ته اهي ئي انهن مسودن جا اصل باني هئا. اگر محمد جي وقت تائين تاريخ ۾ بائبل ۾ تبديليون ٿي چڪيون هجن ها ته هن کي معاملي جو سچ ڪيئن خبر پوي ها ان باوجود ته هو عيسائيت ۽ يهوديت جي اثر تي دارو مدار رکي رهيو هو. اسلام جي اچڻ کان اڳ ئي بائبل جو مسودو بهترين حالت ۾ دستياب هيو ان ڪري مان هن موضوع کي بحث جوڳو نه ٿو سمجهان. اگر بائب کي عيسائين ۽ يهودين تبديل ڪيو ته پوءِ الله پنهنجي خودمختاري ۾ مسلمانن کي پهرين وحي ان بابت ڇو نه ڏني. مون کي خبر آهي ته اهي دليلون مزاحيه آهن پر مان انهن کي پنهنجي منطقي انجام تائين آڻڻ چاهيان ٿو ته جيئن توهان کي به خبر پوي ته انهن بي بنياد دليلون ڪيتري قدر ناهموار آهن

مسلم ۽ اسلامي وسيلا

سنڌي-Sindhi

The Quran Supports the Bible

اسلام جو هلالي چنڊ ۽ ستارو

Friday, December 26th, 2014

اسلام جي دعويٰ آهي ته اهو مذهب هر طرح جي بت پرستي جي اثر کان پاڪ مذهب آهي پر ان باوجود اسان کي ڪثرت پرستي جي آڳاٽي دور جون اهڙيون ڪيتريون ئي علامتون ۽ عمل نظر ايندا ۽ اهي اسلام جي سماجي ڍانچي ۾ نظر ايندا
مون پهريان ڪعبي بابت مباحثو ڪيو ۽ هاڻي اسلامي پيشڪاري جي هڪ وڌيڪ پهلو تي بحث ڪندس جيڪو اسان کي هلالي چنڊ ۽ ستاري جي شڪل ۾ نظر ايندو آهي
اهي ٻئي نشان ڪيترن ئي مسلمان ملڪن سان وابسته نظر ايندا ۽ انهن ملڪن انهن علامتن کي امتيازي نشان طور انهن کي پنهنجي جهنڊي ۾ به شامل ڪيو آهي ۽ ان سان گڏو گڏ اسان کي اهي ٻئي علامتون انهن اسلامي ملڪن جي مينارن ۽ مسجدن تي به نظر اينديون
ان طرح جي علامت جي تاريخ اسان کي اسلام جي شروعاتي ڏينهن ۾ ملندي جڏهن اهو شايد اجرام فلڪي (آسماني شين) جي عبادت سان جڙيل هو جنهن ۾ هڪ عرب ديوتا هبل (چنڊ ديوتا) جو نالو به شامل آهي جنهن جي وابستگي ڪعبي سان هئي
اهي علامتون غير ملڪي ثقافت يا عرب شجري مان ظاهر ٿيون هونديون پر ان باوجود غالب امڪان کان گهڻي ڀاڱي اهي علامتون بت پرستي جي نشاني يا مورتي کا متاثر ٿي ڪري ٺاهيون ويون هيون
اها دعويٰ ڪرڻ ته اسلام ۽ بت پرستي جي ثقافتي قدرن ۾ فرق آهي، شڪ سان ڀريل آهي. جن شين کي ٻيا خدا جو رتبو ڏيندا رهيا، انهن کان اهڙيون علامتون مستعار وٺڻ ”هڪ خدا“ جي نظريي جي لاءِ طنز آهي
اهو ئي عجوبو ٻين ڪيترن ئي اسلامي علائقن ۾ به نظر ايندو جتي مقامي عقيدي ۽ آکاڻين کي اڪثر مذهبي اتحاد پسندي تحت محمد جي تعليم سان ملائي پيش ڪيو ويندو آهي ۽ اسلام کي بطور مذهب پاڪيزگي ۽ ملاوٽ سان پيش ڪيو ويندو آهي ۽ مان چاهيندس ته توهان چنڊ خدا جي معاملي ۾ جج طور فيصلو ڪيو

www.bible.ca/islam/islam-photos-moon-worship-archealolgy.htm

مسلم ۽ اسلامي وسيلا

سنڌي-Sindhi

The Crescent Moon and Star of Islam

پاڪيزگي جي روايت ۽ تطهير

Friday, December 26th, 2014

جڏهن اسان دنيا جي سمورن وڏن مذهبن تي نظر وجهندا سين ته خبر پوندي ته انهن سڀني ۾ زندگي جڳ عام ڪمن سان جڙيل پاڪيزگي جا ڪجهه اصول موجود آهن جهڙوڪ ٻار جي پيدائش ۽ موت، انهن ۾ انسان جي روزاني سرگرميون به شامل آهن جن ۾عورتن جي ماهواري، گيس، ننڊ، جنسي تعلق، بي هوشي، رت وهڻ، توليدي مادو، الٽي، ۽ بيماري وغيره
پاڪيزگي جي انهن رسمن ۾ وضو به شامل آهي جنهن تي بهائي مذهب ۾ عمل ڪيو ويندو آهي جڏهن ته ٻين مذهبن ۾ سڄي بدن تي پاڻي هارڻ لازمي تصور ڪيو ويندو آهي
يهودين ۾ انهيءَ رسم تحت هٿ ڌوئبا آهن ۽ هڪ خاص طريقي تحت پاڪيزگي اختيار ڪبي آهي جنهن کي ميڪوه چيو وڃي ٿو جڏهن ته مسلمانن ۾ ان کي غسل يا وضو چيو ويندو آهي. هندو پاڪ درياءُ گنگا ۾ وهنجي اشنان ۽ پنيا هوشنام ڪندا آهن. شنتو مذهب جا پيروڪار ميسوگي تي عمل ڪندا آهن جڏهن ته مقامي امريڪي انڊين سويٽ لاج (عرق خانه) نالي طريقي ذريعي پاڪيزگي اختيار ڪندا آهن
عالمي منظرنامي متعلق انهن تمام مذهبن جا پاڻ ۾ اختلاف ٿي سگهن ٿا پر ان باوجود پاڻي جي استعمال متعلق اهڙيون ڪيتريون ئي هڪ جهڙائيون موجود آهن جن تحت هڪ انسان پنهنجي پاڪي يا ناپاڪي بابت محتاط طريقي سان ۽ شعور ذريعي فرق ڪري سگهي ٿو ته هو ڪيتري قدر ناپاڪ آهي ۽ هن کي پاڪيزگي جي ضرورت آهي ۽ ان مقصد لاءِ هو پاڪيزگي لاءِ آفاقي مادو، جنهن کي پاڻي چئبو آهي، استعمال ڪري ٿو
اهو شعور، جيڪو ڪجهه مذهبي اظهارن ۾ به ملندو آهي، اعليٰ حقيقت جي محتاط سمجهه لاءِ اسان جي ڪردار جو حصو بڻجي وڃي ٿو جنهن ۾ اسان منهاجي طريقو شامل ڪري ان قديم چوڻي تي عمل ڪندا آهيون ته صفائي نصف ايمان آهي. پر ان باوجود اهو چوڻ ته خدائي عدم اطمينان جو ٽوڙ ڪڍڻ يا پاڻ کي پاڪ صاف ڪرڻ جو موقعو سمجهڻ لاءِ ان کي موثر ذريعو سمجهڻ جي معاملي ۾ ان طبعي حالت يا ماديت ۾ ڪو تعلق آهي، هڪ بي نتيجو عمل آهي جنهن ۾ مسلسل ساڳو ئي عمل دهرائجي ٿو ۽ ان ۾ پاڻ کي ڌوئڻ جو نه ختم ٿيڻ وارو سلسلو موجود آهي ۽ ان سڄي عمل ۾ تڪميل جي سوچ نظر نه ٿي اچي ۽ پائيدار پاڪيزگي حاصل نه ٿي ٿئي. پاڪيزگي ۽ تقديس ڏانهن اهڙو ردعمل ميرٽ قائم نه ٿو ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته وقت جي مختصر هئڻ سبب انهن جي نفي ٿئي ٿي انسانن جي شڪل ۾ اهي پنهنجي غير اخلاقيت ۽ عدم ڪمال پاڻ کي ڌوئيندا رهن ٿا. تنهنڪري اهو ڏسي سگهجي ٿو ته گهڙي گهڙي پاڻ کي ڌوئڻ باوجود مڪمل صورت ۾ صفائي حاصل نه ٿي ٿئي ۽ ناپاڪي جا ڪجهه جزا پوءِ به رهجي وڃن ٿا ۽ ان جو سبب اهو آهي ته انسان پاڻ ۾ ان شخصيت کي تلاش ڪري ٿو جيڪو ناقابل رسائي تصور ڪيو ويندو آهي ته جيئن دلين مان ناپاڪي ختم ٿي سگهي
ان باوجود جيستائين پاڻ کي ڌوئڻ ۽ وهنجڻ جو تعلق آهي ته صحت جي اصولن جا ڪجهه عملي فائدا به آهن پر جسم جي اندر تائين ويندڙ عادت تي ٻڌل آداب پرستي جي ذريعي اندروني ۽ بيروني غلاظت ۾ تعلق جوڙڻ کان پوءِ به انهن جو ڪو فائدو نه ٿو ٿئي ڇاڪاڻ ته اها صورتحال بالڪل ايئن آهي جيئن طبعي دائري کي غير مادي يا لافاني روح سان ملائڻ
ان صورتحال کي ربي يشوا هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي

ميٿيو2 ۽ 1-15، 11 ۽ 20-17
ان وقت فريسين ۽ فقيهن يروشلم مان يسوع وٽ اچي چيو (2) تنهنجا شاگرد بزرگن جي روايت کي ڇو نظرانداز ٿا ڪن ته ماني کائڻ مهل هٿ ناهن ڌوئندا؟
 جيڪا شئي وات ۾ ويندي آهي اها انسان کي ناپاڪ نه ڪندي آهي پر جيڪا وات مان نڪرندي آهي اها ناپاڪ ڪندي آهي
 ڇا توهان کي نظر نٿو اچي ته جيڪي ڪجهه توهان کائو ٿا اهو پيٽ مان ٿي جسم مان ٻاهر نڪري ٿو وڃي؟
 پر جيڪي ڳالهيون وات مان نڪرن ٿيون اهي دل مان نڪرنديون آهن ۽ اهي ئي ماڻهو کي ناپاڪ ڪن ٿيون
 ڇاڪاڻ ته خراب خيال، خونريزي، زنا ڪاري، حرام ڪاري، چوري، ڪوڙي گواهي ۽ بد گوئيون دل مان ئي نڪرن ٿيون
 اهي ئي ڳالهيون انسان کي ناپاڪ ڪن ٿيون پر بنا هٿ ڌوئڻ جي ماني کائڻ سان انسان ناپاڪ نه ٿو ٿئي

انساني غلاظت کان سواءِ ذهن ۾ هڪ عليحده طرح جي غلاظت جي خاتمي جي زبردست سوچ موجود ٿي سگهي ٿي ۽ ان جو تعلق اخلاقي ناڪامين سان آهي. اها ڳالهه اسان کي ناليواري ڊراما نگار وليم شيڪسپيئر جي هڪ جڳ مشهور ڊرامي جي ياد ٿي ڏياري جنهن ۾ ليڊي ميڪ بيٿ رڙ ڪري چوي ٿي ته ”لهه، غليظ داغ“. هن ڳالهه جو تعلق خون جي ان داغ سان آهي جيڪو ليڊر ميڪ بيٿ جي هٿ تي شاهه ڊنڪن جي قتل سبب لڳو ۽ هوءَ اهو داغ لاهڻ لاءِ رڙ ٿي ڪري
ڪنهن نه ڪنهن پهلو تحت پاڻ کي صاف ڪرڻ جو اهي رسمون ادا ڪري بالواسطه طور تي اهي ماڻهو واضع طور تي پنهنجي غير اخلاقي حالت جو اعتراف ٿا ڪن تنهنڪري پاڻ کي ڌوئي صاف ڪرڻ انسان جي ان صلاحيت جو اعتراف آهي جنهن تحت هو پر اسرار انداز سان پنهنجي اخلاقي ناڪامين کي لڪائڻ لاءِ لازمي طور پاڻ کي صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو
ان باوجود مان سمجهان ٿو ته اهو سڀ ڪرڻ سان انسان پنهنجي محدود ۽ قابل انحصار صلاحيتن ذريعي توبهه خاطر ۽ خدا کي خوش ڪرڻ واسطي غلطي سڌارڻ يا درستگي آڻڻ لاءِ انهن جي تاثير جو اظهار نه ٿو ٿئي پوءِ ڀلي اهي رسمون ادا ڪرڻ لاءِ انسان کي آگاهي، خواهش، خوف خدا يا جذبو هجي يا نه هجي. تصور ڪجي ته اهو سڀ اگر ممڪن به هجي ته اها خبر ناهي ناپاڪي جي سطح ۽ ان جي حيثيت کي مڪمل طور ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ ڌوئڻ مهل ڪيتري قدر مهٽڻو پوندو ته جيئن روح کي متاثر ڪندڙ ۽ ناپاڪي جي دل تي ڇڏيل داغ کي ماضي مان ۽ مستقبل جي فعل مان صاف ڪري سگهجي
نتيجي طور سموري انسان ذات ۾ هڪ قدرتي شعور آهي ته انسان خدا جي هدايت ۽ ان جي معيار جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ جيڪڏهن هن اهو مسئلو حل نه ڪيو ته آخرت ۾ ان جو حساب ٿيندو

رومنز 16-14-2
 ان لاءِ ته هڏهن اهي قومون جيڪي شريعت نه ٿيون رکن، پنهنجي طبعيت موجب شريعت جا ڪم ڪن ٿيون، ته شريعت نه رکڻ باوجود اهي پنهنجي لاءِ هڪ شريعت آهن
 تنهنڪري اهي شريعت جون ڳالهيون پنهنجي دلين تي لکيل ڏيکارين ٿا ۽ انهن جو دل به انهن ڳالهين جي گواهي ڏيندو آهي ۽ انهن جا باهمي خيال انهن تي الزام هڻن ٿا يا انهن کي معذور رکن ٿا
 جنهن ڏينهن خدا منهنجي خوشخبري مطابق يسوع مسيح جي معرفت ماڻهن جي لڪل ڳالهين جو حساب ڪندو

مسئلي جي حل جي خاطر روشن خيالي ڏانهن سفر لاءِ انسان ان ڇڪتاڻ جي کي منهن ڏيڻ لاءِ نظرين وچ ۾ هڪ مبهم مذهبي خيالات ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر هڪ لادين ۽ ڌوڪي جو شڪار انسان جو ضمير ڪنهن به طرح جي سفر تي نڪرڻ جي ضرورت کان انڪار ڪندو آهي، انهن جي راءِ مطابق ضمير ڪنهن به طرف ڏانهن انسان جي رهنمائي نه ٿو ڪري ڇاڪاڻ ته سگمنڊ فرائڊ جي نظريي موجب ذهني طور ڪمزور ماڻهو مذهب جو سهارو وٺن ٿا ۽ ڪنهن عقيدي تي عمل ڪرڻ لڳن ٿا. سو، ڪنهن به طرح ڏسجي، انسان ذات کي ان مسئلي کي منهن ڏيڻ يا ان کا بچڻ جو طريقو ملي ويو آهي ته جيئن هو خالق طرفان ملندڙ ضمير جي آواز جو پاڻ انتظام ڪري سگهي
ان بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مان هڪ شخص ذريعي ۽ يسوع مسيح جي ڪم سان مسئلي جو حل پيش ڪندس جنهن ۾ ٻين مذهبن وانگر اهڙو ڪو به طريقو شامل ناهي جنهن ۾ انسان کي خدا جي ڳولا يا ان تائين پهچ بابت ٻڌايل هجي بلڪه ان طريقي ۾ خدا پنهنجي تعلق ذريعي انسان جي ڳولا ڪري ٿو ۽ جوابي طور تي انسان ڀروسي جي جذبي تحت خدا سان رابطو ڪري ٿو. تنهنڪري اهو معاملو ڪنهن به طرح جي طاقت يا ڪمزوري جو ناهي، يا انسان جي ذاتي صلاحيتن جو به ناهي، پر هڪ تحفي وانگر پاڪيزگي ۽ صفائي انتهائي شفقت سان عطا ڪئي وئي آهي ۽ ان جي نتيجي طور انسان نه پر خدا پنهنجي عبادت ۽ پيرو ڪاري کي يقيني بڻايو

ططس 3.5
پوءِ هن اسان کي نجات ڏني پر راستبازي جي انهن ڪمن سبب نه جيڪي اسان ڪيا پر پنهنجي رحمت مطابق نئين پيدائش جي غسل ۽ پاڪ روح ذريعي، اسان کي نئون ٺاهڻ لاءِ

رومنز 6.23
ڇاڪاڻ ته گناهه جو پورهيو موت آهي پر خدا جي معافي اسان جي خداوند يسوع مسيح ۾ هميشه جي زندگي آهي

افسيون 9-2.8
 ڇاڪاڻ ته توهان کي ايمان جي ذريعي سان ۽ فضل سان نجات مليو آهي ۽ اهو تنهجي طرفان نه پر خدا طرفان آهي
 ۽ نه ئي اعمالن سبب آهي ته جيئن ڪو به فخر ڪري سگهي

1 يوحنا 1.7
پر جيڪڏهن اسان نور ۾ هلون جنهن طرح هو نور ۾ آهي ته اسان جي پاڻ ۾ ڀائيواري آهي ۽ هن جي پٽ يسوع جو رت اسان کي سڀني گناهن کا پاڪ ڪري ٿو

1 يوحنا 1.9
 جيڪڏهن پنهنجن گناهن جو اعتراف ڪريون ته اسان جي گناهن کي معاف ڪرڻ ۽ اسان کي سڄي ناراستي کان پاڪ ڪرڻ ۾ سچو ۽ عدل وارو آهي

توهان کي اهو اعتراض ٿي سگهي ٿو ته پاڻي ذريعي پاڪ ڪرڻ ۽ بپتسمو ڏيڻ جي معاملي ۾ عيسائيت ٻين مذهبي اظهارن کان مختلف ناهي ۽ ڪنهن حد تائين آئون توهان سان اتفاق ڪندس ته پاڻي ذريعي پاڪيزگي چرچ جي ٻڌايل طريقي سان وهنجڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي پر اها راءِ صرف انهن ماڻهن جي حد تائين آهي جيڪي ڪوڙا عقيدت مند آهن ۽ اصل ۾ ناپاڪ آهن. عقيدي جي بنيادي عنصر طور، بپتسمو ڪنهن به ڪامل انسان کي ظاهري طور تي پاڪ ڪرڻ جو اظهار آهي ۽ يسوع مسيح جو پاڪ خون هر عقيدت مند کي باضابطه طور تي پاڪ ڪري ٿو ۽ انهن کي شخصي تبديلي آڻڻ لاءِ نيڪو ڪار قرار ڏئي ٿو ۽ ان سڄي طريقي ۾ اندروني تبديلي اچي ٿي. تنهنڪري پاڻي ذريعي بپتسمو ڏيڻ ان ڳالهه جي تصديق آهي ته انسان ۾ تبديلي صرف هائيڊروجن ۽ آڪسيجن کي ملائي تيار ڪيل مادي (پاڻي) ذريعي نه ٿي اچي پر اهي يسوع مسيح جا ڪم آهن ۽ روح القدس جو پاڻي آهي جيڪو انسان کي پاڪ ڪري ٿو. اهو خدا پاڻ آهي جيڪو انسان کي نجات عطا ڪري ٿو، بپتسمو صرف ان ڳالهه جو هڪ معمولي مظهر آهي جيڪو اسان کي خدا جنت ۾ ڏيکاريندو ۽ ان حقيقت جو به هڪ مظهر آهي جيڪو اسان کي ماءُ جي پيٽ ۾ نظر اچي ٿو اسان پنهنجي مرضي سان يا ڪنهن مذهبي سرگرمي جي نتيجي ۾ پيدا نه ٿيا آهيون، بلڪه اسان خدا جي مرضي سان يا ٻيهر يسوع ۽ پاڪ روح جي مرضي سان پيدا ٿيا آهيون. ٻيهر پيدا ٿيڻ جي ڳالهه کي هندو ۽ ٻڌ مت جي ٻيهر پيدا ٿيڻ جي عقيدي سان نه ملائجي، ڇاڪاڻ ته اهو عمل عيسيٰ جي آشيرواد جو نتيجو آهي جيڪو خدا جي مرضي سان ۽ هن جي نجات جي وعدي تي يقين رکڻ جي نتيجي ۾ حاصل ٿئي ٿو

ان سڄي صورتحال کي مستقبل ۾ اسرائيل کي گناه کان پاڪ ڪرڻ لاءِ عبراني نبي حزقيال جي آيت 27-36.25 ۾ هن طرح بيان فرمايو آهي
 پوءِ آئون توهان تي صاف پاڻي ڇڙڪائيندس ۽ توهان پاڪ صاف ٿي ويندئو ۽ مان توهان کي سڄي ناپاڪي ۽ توهان جي سڄن بتن کان پاڪ ڪري ڇڏيندس
 ۽ مان توهان کي نئون دل بخشيندس ۽ توهان جي بدن ۾ نئين روح وجهندس ۽ جسم مان خراب دل کي ڪڍي وٺندس ۽ ان ۾ پاڪ دل وجهندس
 ۽ مان پنهنجو روح توهان جي جسم ۾ وجهندس ۽ توهان کان پنهنجي آئين جي پوئيواري ڪرائيندس ۽ توهان منهنجي حڪم جي تعميل ڪندئو ۽ انهن تي عمل ڪندئو

سوڪوت يا عيد المظال جي موقعي تي ربي يشوا اها ڳالهه هن طرح بيان ڪئي آهي

يوحنا 39-7.37
 پوءِ عيد جي آخري ڏينهن جيڪو خاص ڏينهن آهي يسوع اٿي بيٺو ۽ وڏي آواز سان چيائين ته جيڪڏهن ڪو اڃايل آهي مون وٽ اچي پيئي
 جيڪو مون تي ايمان آڻيندو ان جي اندر مان جيئن ته مقدس ڪتاب ۾ بيان فرمايل آهي، زندگي جي پاڻي جون نديون وهنديون
 هن اها ڳالهه روح بابت چئي آهي جنهن کي هو حاصل ڪرڻ ويجهو هئا جن هن تي ايمان آندو ڇاڪاڻ ته روح اڃا تائين نازل نه ٿي هئي ان لاءِ يسوع به پنهنجي جلال تي نه پهتو هو

قديم زماني جي يهودين کي ديني سطح تي خدا جي فرضن ۾ شمار ٿيندڙ ذمي واريون پوريون ڪرڻ جي معاملي ۾ اطمينان حاصل هو ۽ ان ڳالهه جو ذڪر عبراني 10 ۾ به آهي، هي صرف اشارا هئا ۽ نه ئي حقيقت ڇاڪاڻ ته يسوع پاران اسان کي پاڪ ڪرڻ جي پيشڪش صرف هڪ ڀيرو ۽ سڀني کي ”خدا جي رڍ“ طور ڪئي وئي هئي جيڪا دنيا جا سڀ گناه پاڪ ڪري ٿي. اڄ جيڪڏهن اهو چئجي ته يهودين کي عبادت، روزي ۽ چڱن ڪمن لاءِ قرباني جي ضرورت ناهي ته ان سان مطمئن ته ٿي سگهجي ٿو پر اها خدائي ڪلام جي نه رڳو خلاف ورزي بلڪه توريت جي تڪميل جي معاملي ۾ ان سان بغاوت به آهي

احبار 17.11
 ڇاڪاڻ ته جسم جي جان رت ۾ آهي ۽ مان قربان گاه ۾ توهان جي جان جي ڪفاري لاءِ ان کي توهان کي ڏيئي ڇڏيو آهي ته جيئن توهان جو ڪفارو ادا ٿئي ڇاڪاڻ ته جان رکڻ سبب ئي رت ڪفارو ادا ڪندو آهي

ان ڳالهه سان ڪو فرق نه ٿو پوي ته توهان ڪيترن حڪم الٰهي تي عمل ڪيو آهي، ان ڳالهه جي ڪهڙي ثابتي آهي ته توهان ڪافي ڪم ڪيو آهي يا ان ڳالهه کان هٽي ڪري ته مسيحا ذريعي ڏنل قرباني تحت ڪيتري قدر خدا جو رحم ۽ شفقت حاصل ٿي، ڇا واقعي اسان جا گناه معاف ٿيا آهن جيئن يسعياه 53 ۾ بيان فرمايل آهي.
انهي ريت منهنجا جيڪي به مسلمان ظاهري طور نبوت جي عهدي جي ناڪامي طور دوست يسوع مسيح جي لاڏاڻي (موت) کان انڪار ڪندا آهي اهي مڪمل طور ان ڳالهه کان لاعلم آهن ته اهو خدا جو شاندار منصوبو ۽ حڪمت هئي ته يسوع کي ابراهيمي طرز وانگر متبادل مسيحا ذريعي ڪفاري فراهم ڪجي جنهن جي عارضي توهين خوشي جو سبب ثابت ٿي، هن صليب جي اذيت برداشت ڪئي ۽ ٻين کي خوشي ڏني. عبراني 18-9 .2 ۽ 12.2

حضرت عيسيٰ کي صليب تي چاڙهڻ جو عمل ۽ اسلام

آخر ۾، يسوع توهان کي زندگي جو پاڻي عطا ڪري سگهي ٿو جيڪو توهان جي زندگي کي تروتازه ۽ توهان کي مطمئن ڪري سگهي ٿو ۽ ان جي باوجود ته سڀني جو پيءُ توهان کي ان پاڻي تائين پهچائي سگهي ٿو پر هو توهان کي ان کي پيئڻ نه ڏيندو. ان ڪري آخر ۾، منهنجا دوستو، مان سامري عورت وانگر توهان جي حوصله افزائي ڪندس ته توهان به ان پاڪ پاڻي کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ڇاڪاڻ ته ٻين ڪوڙن مذهبن، فرقن ۽ نظرين جي مقابلي ۾ ان سان توهان پنهنجي روحاني اڃ اجهائي سگهو ٿا ۽ اهي مذهب، فرقه ۽ نظريه توهان کي اندر مان خشڪ ۽ مغرور بڻائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ڏيندا ۽ توهان صرف ۽ صرف اڃايل ئي رهندئو

يوحنا 4.10 ۽ 14-13
 يسوع کيس وراڻيو ته جيڪڏهن تو کي ايشور جي تحفي جي سڌ هجي ها ۽ ڄاڻين ها ته تو کان پاڻي گهرڻ وارو ڪير آهي ۽ هو تو کي زندگي جو پاڻي ڏئي ها
 يسوع هن کي چيو ته جيڪو هي (کوهه جو) پاڻي پيئي ٿو تنهن کي وري اڃ لڳي ٿي
 پر جيڪو پاڻي آئون ڏيندس سو جيڪڏهن ڪو پيئندو ته ان کي وري اڃ نه لڳندي. جيڪو پاڻي آئون ڏيندس سو ان ۾ هڪ چشمو ٿي پوندو، جنهن مان زندگي جو پاڻي نڪرندو، جيڪو کيس امر جيون ڏيندو

آخر ۾ يسوع توهان کي دعوت ٿو ڏئي

متي 30- 11.28
 اي اوهين سڀ جيڪي ڳرا بار کڻي ٿڪجي پيا آهيو! مون وٽ اچو، آئون توهان کي آرام ڏيندس
 منهنجي پاڃاري پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهو ۽ مون کا سکو، ڇاڪاڻ ته آئون دل جو نرم ۽ نماڻو آهيان، توهان کي آرام ملندو
 ڇاڪاڻ ته منهنجي پاڃاري آسان آهي ۽ منهنجو بار هلڪو آهي

مسلم ۽ اسلامي وسيلا

سنڌي-Sindhi

Ritual cleansing and purification

بت پرستي ۽ اسلام

Friday, December 26th, 2014

مان پهريائين هيٺ ڏنل ڪالمن ۾ اسلام تي ڪثرت پرستي ۽ بت پرستانه رجحان جي اثر بابت ڪافي ڪجهه لکي چڪو آهيان

اسلام جو هلالي چنڊ ۽ ستارو

ڇا ڪعبو واقعي مقدس آهي؟

اسلام ۾ بت پرستي بابت انهن ناليوارن حوالن کانسواءِ هڪ ٻيو حوالو به آهي جنهن کي شيطاني آيتون به چئبو آهي جنهن بابت مبينه طور تي چيو وڃي ٿو ته محمد سورۃ 53 آيت نمبر 19 ۽ 20 جي تلاوت ڪئي هئي جنهن جو تاريخي طور تي اسلام جي ابتدائي ذريعن مان حوالو ملي ٿو ۽ ان لاءِ ابن سعد ۽ طبري جهڙن معتبر تاريخ دانن جا حوالا موجود آهن جن محمد جي سوانح حيات تحرير ڪئي آهي. بهرالحال اهو واقعو مبينه طور تي مڪي جي عوام لاءِ هڪ اهڙو طريقو هو جنهن جي ذريعي انهن جي 3 ديوين، اللات، العزيٰ ۽ المنات، جن کي خدا جون ڌيئون سمجهو ويندو هو، جي جائز ۽ موثر هئڻ ۾ مدد ڏيئي سگهجي ته جيئن پاڙيسرين ۽ مائٽن کي اسلام جي دائري ۾ آڻي سگهجي. پر بعد ۾ ان سورۃ کي ختم ڪري ان کي شيطان طرفان گمراه ڪرڻ جو عمل قرار ڏنو ويو جنهن ۾ نزول ۾ تبديلي ڪرڻ تي جبرائيل محمد کي سزا ڏني قرآني سورت 22 جي آيت نمبر 52 ۽ 53 نازل ٿي ۽ ان سان گڏ سورت نمبر 53 جي 21 ۽ 22 آيت ۾ جعلي خدائن جو ذڪر ختم ڪيو ويو
مختصر طور ڏسجي ته مان سمجهان ٿو ته انهن بيانن مان تحريڪ جي جعلسازي جو اندازو ٿئي ٿوجنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان وقت ڇا ٿيو هوندو جڏهن مديني جي يهودين کي سهولت ڏيڻ لاءِ محمد يروشلم ڏانهن اتر پاسي منهن ڪري ۽ مڪي ڏانهن پنهنجي پٺي ڪري عبادت ڪئي پر بعد ۾ هن توبه تائب ڪئي ڇاڪاڻ ته يهودين هن جي پيغام کي رد ڪري ڇڏيو جنهن بعد هن يهودين کي جارحانه انداز ۾ مديني مان ڌڪي ڪڍيو
اها ڳالهه مڪمل ڪندي آئون چوندس ته اهو سڄو معاملو اسلام جي ان مرڪزي عقيدي جي برعڪس آهي جنهن تحت ان ”گواهي يا شاهدي“ کي انتهائي اهم درجو ڏنو ويو آهي جنهن ۾ خدا جي هڪ هئڻ ۽ محمد جي هن جي آخري نبي هئڻ ۽ ان سان گڏو گڏ اسماء جي نظريي جي دعويٰ ڪئي وڃي ٿي ته نبي ڪنهن به طرح جي گناه کان پاڪ ۽ معصوم هوندو آهي. پر هن معاملي ۾ جبرائيل جي اها ڊڪٽيشن جعلي ثابت ٿي جنهن جي ذريعي الله جي چيل لفظن ۾ جعلسازي ڪئي وئي. ان سان گڏ، هيءَ ڳالهه به ذهن ۾ ايندي ته محمد تي نازل ٿيندڙ ٻيون آيتون به مشڪوڪ ٿي سگهن ٿيون، يا وري انهن کي ذاتي لفظ به چئي سگهجي ٿو يا شيطان جو بهڪاوو
آخر ۾ هڪ محبوب نبي جي طور تي ڏسجندڙ نبي محمد جي شخصيت لاءِ اها صورتحال اڻ وڻندڙ ٿي سگهي ٿي پر مسلمان عذر خواهن جي وقتي بيانن تي ڌيان ڏيڻ بدران ان صورتحال کي سنجيدگي سان ڏسن ته ڇا اها صورتحال هڪ امتحان آهي يا ان ڪتاب جي مڪمل نفي

مسلم ۽ اسلامي وسيلا

سنڌي-Sindhi

Paganism and Islam

محمد ۽ معجزا

Friday, December 26th, 2014

قرآن ۾ تاثر ڏنو ويو آهي ته واحد معجزو جيڪو محمد ڪري ڏيکاريواهو نازل ٿيڻ واري سورت 29 جي آيت نمبر 49 کان 52 ۽ سورت نمبر 17 جي آيت نمبر 90 کان 93 تائين جي تلاوت ڪرڻ آهي ۽ مون قرآن بابت ڪافي ڪجهه هيٺ ڏنل ويب سائٽ آرٽيڪل تي بيان به ڪيو آهي

ڇا قرآن مقدس آهي؟

جيڪڏهن اهو قرآني بيان درست آهي ته اهو ٻين قابل قبول اسلامي ڪتابن جهڙوڪ صحيح بخاري جي حديثن سان اختلاف ۾ آهي جنهن ۾ هڪ نئين ديس جي جان پرستانه دعوائون موجود آهن ته (4.783) هڪ وڻ روئي رهيو هو ۽ محمد ان کي دلاسو ڏنو، ۽ هڪ ٻيو معجزو اهو آهي ته محمد مڪي جي ماڻهن کي حرم جبل ويجهو چنڊ کي ٻه ٽڪرا ڪري ڏيکاريو
يقيني طور تي اهي ڏند ڪٿائون افسانو ۽ داستان آهن ۽ ڪنهن باطني علم سان جڙيل نجع حمادي شهر جون جعلي آکاڻيون آهن جن ۾ ناقابل يقين حد تائين هڪ جهڙائي ملي ٿي ۽ تصوراتي آهن. ڪجهه مسلمان ته ان حد تائين وڃي سگهن ٿا ته ان جعلي مسيحي ادب کي شهادت طور استعمال ڪري اهو ثابت ڪري سگهن ٿا ته جيئن قرآن جي ان موقف کي درست ثابت ڪري سگهجي ته يسوع مسيح کي ظلم سان ڀريل پر پرجلال موت نصيب نه ٿيو
يسوع مسيح کي صليب تي چاڙهڻ جي ان تاريخي واقعي کي بيان ڪرڻ ۽ بائبل جي گواهن کي ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ وڌيڪ آرٽيڪل به لکيو آهي جيڪو هن لنڪ تي پڙهي سگهجي ٿو

حضرت عيسيٰ کي صليب تي چاڙهڻ جو عمل ۽ اسلام

نتيجو اهو نڪرندو ته نعج حمادي ۾ لکيل حديثون عيسيٰ ۽ محمد جي زندگين کان به پهرين آيون جنهن سان انهن کي موقعو مليو ته اهي پنهنجي ذات ۽ ڪمن بابت اساطيري راءِ پيش ڪري سگهن

مسلم ۽ اسلامي وسيلا

سنڌي-Sindhi

Muhammad and Miracles

Holman QuickSource Guide to Christian Apologetics, copyright 2006 by Doug Powell, ”Reprinted and used by permission.”

يسوع مسيح، آخري نبي

Friday, December 26th, 2014

ويجهڙائي ۾ منهنجي هڪ مسلمان دوست سان ملاقات ٿي جنهن مون کي ٻڌايو ته محمد ئي آخري نبي آهي. هي هڪ اهڙو عقيدو آهي جنهن جو حوالو اسان کي عبراني مقدس صحيفن مان به ملي ٿو ۽ ان جو حوالو استثنا جي باب نمبر 18 ۽ آيت نمبر 15 ۾ به ملي ٿو
ان صحيفي جي تڪميل اسلام جي باني ۾ نه هئي، جنهن جي نمائندگي هڪ ٻاهرئين مذهب طور ٿئي ها ۽ اهو عبرانين لاءِ هڪ ڪوڙي ديوتا جهڙو هجي ها، جن لاءِ اها پيش گوئي غلط استعمال ڪئي وئي
موسيٰ اهو ڪلام خاص طور تي عبرانين لاءِ چيو هو ۽ حتمي طور تي عبرانين هڪ ساٿي عبراني رستي ان تي عمل به ڪيو. اسرائيل جي عوام لاءِ توريت اچڻ بعد ۽ پوئلڳ پطرس جي اعمالن جي باب نمبر 3 جي 22 آيت ۽ اسٽيفن جي اعمالن جي باب 7 جي آيت نمبر 37 مطابق ان جي تڪميل آخري نبي يسوع مسيح ذريعي ٿيڻي هئي
موسيٰ اسرائيل جي ٻارن کي ٻڌايو ته خدا مون جهڙو هڪ نبي موڪليندو جيڪو توهان جي ڀائرن مان هڪ هوندو. اها هڪ اهم ڳالهه آهي جنهن ۾ لفظ ”ڀائرن“ جو استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن جو مطلب ٿيو ته ايندڙ نبي عبراني نسل مان هوندو
جيتوڻيڪ عبراني ۽ عربي نسل جي ماڻهن ۾ اباڻي وقتن کان ڪجهه تعلقات آهن پر صحيفي ۾ واضع طور تي اسرائيل جي عوام يا انهن جي ڪتاب سان جڙيل ماڻهن جو حوالو ڏنل آهي
آخر ۾ اهو واضع ڪبو ته اهي مقدس ورق نه ئي خراب ٿيا آهن ۽ نه ئي عيسائين انهن کي خراب ڪيو آهي، نه ان جي اکرن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪئي وئي آهي، آخر ڪار يهودي مذهب جو مرڪزي ڪتاب توريت آهي جنهن ۾ يسوع مسيح کي نبي جو لقب يا حيثيت ڏيڻ لاءِ ڪنهن به طرح جي همدردي ظاهر ناهي ڪئي وئي
توهان به يهوديت جي مرڪزي موقف سان اتفاق ڪري سگهو ٿا جنهن تحت يسوع مسيح کي عظيم نبي سمجهڻ کان انڪار ڪيو ويندو آهي پر توهان ان ڳالهه تي به اتفاق نه ڪندئو ته ان مسودي سبب اسلام کي ڪيتري قدر آزادي ملي آهي
جيڪڏهن توهان نبوت بابت اسرائيلي عقيدي متعلق پڙهندئو ته توهان کي يهودي برادري جي بنيادي رد عمل ۾ انڪار ملندو. يسوع مسيح تي صادر ايندڙ عظيم صحيفن مان هڪ يسعياه جو آهي. يسعياه 53 ۾ ٻڌايو ويو آهي ته يسوع هڪ مصيبت ۾ ورتل ملازم هو جنهن کي ناپسند ڪيو ويو پر خدا هن کي قبول ڪيو
منهنجي دعا آهي ته توهان يسوع مسيح کي هن جو جائز رتبو ڏيڻ کان انڪار نه ڪندئو ته هو ئي آخري نبي آهي ۽ تمام تر صحيفا هن ۾ ئي پنهنجي تڪميل ۽ مقصد ڏسن ٿا
عبراني 1:1-2
اڳئين زماني ۾ خدا ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ هلندڙ ۽ مختلف نبين جي ذريعي ڳالهايو، هن زماني جي آخر ۾ اسان سان پُٽ جي معرفت ڳالهايائين جنهن کي هن سمورين شين جو وارث قرار ڏنو ۽ جنهن جي ذريعي هن ڪيترائي عالم به پيدا ڪيا
جن وٽ ڪن آهن ته اهي ٻڌن ته خدا جو روح انهن سان ڇا ٿو ڳالهائي. ڇا توهان نبي جي وسيلي خدا جو آواز ٻڌي رهيا آهيو؟

مسلم ۽ اسلامي وسيلا

سنڌي-Sindhi

Jesus the Last Prophet

يسوع مسيح خدا جو پُٽ آهي

Friday, December 26th, 2014

اسلام ۾ اها تعليم ڏني ويندي آهي ته خدا جو ڪو پٽ ناهي ۽ عمومي طور تي ڏسجي ته آئون پٽ جي نظريي جي حوالي سان توهان جي ان راءِ سان اتفاق ڪندس. حالانڪه يسوع مسيح منفرد ۽ معجزاڻي نموني سان پيدا ٿيو ۽ مان اها ڳالهه مڃان ٿو ته خدا جو ڪنهن سان جنسي تعلق ناهي ۽ نه ئي هو ان طرح ٻار پيدا ڪندو آهي. هي هڪ اهڙو عقيدو آهي جيڪو بت پرستانه نظرين تي ٻڌل آهي ۽ ڪجهه اهڙا مسلڪ آهن جيڪي اها تعليم ڏين ٿا
ڊاڪٽر مائيڪل برائون سامي زبانن جو ماهر آهي. هي اهي زبانون آهن جيڪي بائبل ۽ يهودين جي اصل زبانون آهن. هن ان نظريي جي اصل اساس تي تبصرو ڪيو آهي. ڳالهه شروع ڪرڻ کان اڳ اسان کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻي پوندي ته 21هين صدي جي ماڻهو جي حيثيت سان اسان جو دماغ ان ريت نه ٿو سوچي جهڙي طرح پراڻي دور جو عبراني ماڻهو سوچ رکندو هو
اصل ۾ لفظ ”خدا جو پُٽ“ عبراني صحيفن ۾ ڪيترائي ڀيرا استعمال ٿي چڪو آهي جنهن ۾ خدا اسرائيل جي حوالي سان ڳالهائيندي هن کي پُٽ قرار ڏنو آهي، ۽ ان سان گڏ بادشاهن کي به ۽ فرشتن کي به. ڇو ته يسوع مسيحا آهي ان ڪري هو ان لقب جو نمائندو آهي ۽ ان ۾ اها ڳالهه غور ڪرڻ گهرجي ته هو اسرائيلي نسل مان آهي ۽ نه صرف اهو پر هو بادشاهن جو بادشاه ۽ مالڪن جو مالڪ آهي ۽ آخر ۾ هن جو درجو جنت جي فرشتن کان به مٿانهون رکيو ويو آهي. هن جون اهي سڀ خاصيتون ڏسي اڃان وڌيڪ هن کي خدا جو پٽ نه چئجي ته ٻيو ڇا چئجي
بائبل ۾ پٽ يا فرزند لاءِ عبراني زبان جي آرامي لهجي ۾ ”بن“ يا ”بار“ جو لفظ استعمال ٿيو آهي جنهن کي عربي ۾ ”ابن“ چيو ويندو آهي
معنوي حد تائين ڏسجي ته اهي لفظ اولاد لاءِ استعمال ٿيندا آهن جنهن ۾ توهان اهو لفظ پٽ لاءِ ڪتب آڻيندا آهيو يا پوءِ استعاري طور ”نبين جي پٽن“ لاءِ به استعمال ٿي سگهن ٿا جنهن جو مطلب نبين جا پوئلڳ آهي. جنهن وقت اهو لفظ اسرائيلي بادشاه لاءِ استعمال ٿيندو ته ان جو مطلب خدائي انتخاب طور بالڪل ائين ئي چئبو جيئن 2 سموئيل جي باب نمبر 7 ۽ آيت نمبر 14 ۾ فرمايل آهي ته ”۽ آئون هن جو پيءُ ۽ هو منهنجو پٽ هوندس“ ۽ اها ئي ڳالهه اسرائيلي قوم بابت به چئي وئي آهي جنهن لاءِ خروج جي باب نمبر 4 جي آيت نمبر 22 ۽ 23 ۾ لکيل آهي ته ”اسرائيل منهنجو پهريون پٽ آهي ۽ مون توهان کي چئي ڇڏيو آهي ته هن کي وڃڻ ۽ منهنجي عبادت ڪرڻ ڏيو“. ان باوجود پُٽ جي معنيٰ اها به ٿي سگهي ته اهڙو ماڻهو جيڪو ان ئي درجي سان تعلق رکي جنهن سان فرشتن جو تعلق آهي. اهو چوڻ ته منهنجو اهو مقصد ناهي ته فرشتا خدا آهن پر انهيءَ طرح انهن جو حوالو ”بيني الوهم“ يا ”خدا جا فرزند“ طور ڏنو ويندو آهي. اهو لفظ اسرائيل جي فرمانبردار ماڻهن لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو جنهن جو حوالو اسان کي هوسيع جي باب نمبر پهرئين جي آيت نمبر 10 ۾ ملي ٿو ته ”انهن کي زنده خدا جا فرزند چئبو
آخر ۾، چئبو ته اهو لفظ هڪ خاص لقب يا مخصوص مشن لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي ۽ جيئن ته يسوع مسيح مسيحا جو هڪ منفرد ڪردار ادا ڪيو تنهنڪري هن کي حتمي طور ”خدا جو فرزند“ قرار ڏنو ويندو آهي
مان اهو نتيجو اخذ ڪندس ته ”پُٽ“ ۽ ”پيءَ“ جا لفظ جديد ۽ هاڻوڪي دور جي دنياوي معنيٰ بدران بائبل جي حوالي سان استعاري يا تمثيل طور استعمال ڪري سگهجن ٿا. تنهنڪري توهان جي تعصب يا توهان جي ثقافتي اظهار لاءِٰ انهن لفظن جي عام استعمال واري معنيٰ جي برعڪس انهن لفظن کي بائبل جي قديم راءِ مطابق غلط سمجهي سگهجي ٿو

مسلم ۽ اسلامي وسيلا

سنڌي-Sindhi

Jesus is God’s Son

* Of special note regarding the title and term ‘Son of God’ , it is used in its most unique and supreme sense as a reference to the divinity of Jesus as the Christ in Mathew 28:16-20, John 5:16-27, and Hebrews 1.يسوع جي الهاميت ۽ اسلام-Sindhi

عورتن بابت اسلام جو نظريو

Friday, December 26th, 2014

اسلامي معاشرن ۾ شايد مختلف اصول اختيار ڪيا ويندا آهي ليڪن ان باوجود قرآن ۽ حديث جي شهادتن موجب ڏسجي ته زندگي ۾ عورتن جي حيثيت تابعداري واري ۽ انهن جو ڪردار گهٽ مقرر ڪيل آهي
اسلام ۾ بنيادي طور پدرانه نظريو آهي ۽ ان ۾ ڪجهه معاملن ۾ ان ۾ عورتن جي غير ضروري استحصال ۽ خراب سلوڪ جي اجازت ڏني وئي آهي
قرآن جي سورت نمبر 4 ۽ آيت نمبر 34 ۾ عورتن کي مار ڏيڻ جي اجازت ڏني وئي آهي
انساني وجدان جي بنياد پنهنجي شريڪ حيات سان ويجهڙائي وارو محبت جو اهڙو رشتو قائم ڪرڻ آهي جنهن ۾ هن کي اهڙو ماحول ڏجي جنهن ۾ اعتماد ۽ ڀروسي جو رشتو جڙي سگهي جنهن جو مرڪز پنهنجي ساٿي جي حفاظت ۽ ان جي سنڀال ڪرڻ آهي. پوءِ اهو سڌار وارو فعل پيار جي جائز اظهار ۾ ڪيئن ٿو تبديل ٿئي؟ اگر اها ئي صورتحال آهي ته اگر مڙس غلطي ڪري ته هن کي ڪيئن سڌارجي؟ ڇا رد عمل طور ان ۾ برابري جي رويي جي ضرورت ناهي جيستائين جو هو ڪا به غلطي نه ڪري يا اخلاقي بالادستي سبب هن کي سڌارڻ يا درست ڪرڻ جي ضرورت نه هجي؟
شايد عورتن ۾ ڪمتر هئڻ جي اخلاقي خرابي موجود آهي ۽ شايد اهو ئي سبب آهي ته حديث ۾ صنف نازڪ کي سڌارڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت جو اظهار ڪيو ويو آهي. ان لاءِ حديث ۾ اهو نقطه نظر پيش ڪيو ويو آهي ته روحاني ۽ اخلاقي لحاظ کان عورتن جي گمراهي طرف مائل ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن. حديث ۾ چيل آهي ته عورتن جي اڪثريت کي دوزخ ۾ جاءِ ملندي ۽ جنت ۾ وڃڻ وارين عورتن جو تعداد تمام گهٽ آهي. مسلم، جلد نمبر 4، حديث نمبر 6597، صفحو 1432 ۽ مسلم، جلد نمبر 4، حديث نمبر 6600 صفحو 1432
ان سان گڏو گڏ، اسلام ۾ اهڙا آدرش مقرر ڪيل آهن جن جو بنياد مرد جي جنسي لذت پسندي آهي. خدا پرست مرد کي جنت ۾ هڪ ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 100 حورن سان جماع جي بشارت ڏني وئي آهي (سورت نمبر 55). ڇا انهن عورتن کي به برابري جي بنياد تي اها لذت بطور انعام نصيب ٿيندي جن جو گهٽ تعداد جنت ۾ پهچندو؟ سڄي زندگي پنهنجي مڙس جي خدمت ۽ هن سان وفا ڪندڙ ان جي زال پاڻ کي ڪهڙي مقام تي بيٺل محسوس ڪندي جڏهن هن کي خبر پوندي ته جنت ۾ هن جو مڙس لطف ۽ لذت سان ڀرپور جڳهه تي اجنبي عورتن سان همبستري ڪندو؟ اگر هن جي مستقبل جو مقصد اهو ئي آهي ته جنت ۾ پهچي اهو ڪم ڪري ته قليل مدتي عرصي دوران هن جو پنهنجي زال سان تعلق ڪهڙي نوعيت جو آهي؟ اگر هميشگيءَ ۾ هو جسماني لذت حاصل ڪرڻ گهري ٿو ته ڇا توهان سمجهو ٿا ته پنهنجي زال سان تعلق وقت هو اهو مقصد حاصل نه ڪري رهيو آهي؟ شايد جڏهن هو هن زندگي ۾ توهان مان مطمئن ٿي ۽ سڀ حاصل ڪري وٺي ٿو ته هن کي بعد جي زندگي ۾ توهان جي ضرورت محسوس نه ٿيندي ڇاڪاڻ ته بعد ۾ هن جي ضرورتن جو خيال ٻيا رکندا
قرآن ۽ حديث ۾ به زال جو خيال ڪرڻ بنا مرد جي مطالبي ۽ هن جي جنسي ضرورتن جي حوالي سان فرمايل آهي. قرآن جي سورت نمبر 2، آيت نمبر 223، مشڪات المسابيح صفحو 691 ترمذي، بخاري جلد نمبر 7 حديث نمبر 121 صفحو 93
وڌيڪ اهو ته اسلامي ثقافت ۾ جنسي گمراهي جا اهڙا ڪيترائي مثال ملن ٿا جن ۾ جنسي عضوي کي ڪٽڻ جنهن ۾ ڇوڪرين جي ختنه ڪئي ويندي آهي ته جيئن انهن جي جنسي خواهشن کي روڪي انهن جي پاڪيزگي برقرار رکي سگهجي. ان معاملي تي اڃان بحث ٿي رهيو آهي ته محمد ان طرح جي تشدد جي اجازت ڏني يا نه پر ان باوجود ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهو فعل جاري آهي
ٻيو اهو ته ڪجهه مسلمانن حرام ڪاري (عصمت فروشي) يا متع کي قانوني شڪل ڏيئي ڇڏي آهي ۽ ان جي اجازت عارضي شادي جي نالي تي ڏني ويندي آهي جنهن جو مقصد مسلمان مردن جي جنسي ضرورت کي پورو ڪري سگهجي
ان سان گڏ هڪ اهڙو عمل جيڪو ثقافتي لحاظ کان غير فعاليت پيدا ڪري سگهي ٿو اهو هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪرڻ جو رجحان آهي ۽ خاندان جي سرشتي ۾ اهو عمل سماجي مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو
اها ڳالهه سمجهڻ لاءِ ڪنهن ماهر بشريات يا ماهر عمرانيات جي ضرورت ناهي ته اهڙي طرح جي ثقافتي تجربن جي بنياد تي ٿيندڙ اهڙن فعلن سان انسان ذات تي ڪيترا هاڃيڪار اثر پئجي سگهن ٿا. ڪو به ماڻهو اخلاقي اقدار ٺاهڻ خلاف بحث ڪري سگهي ٿو پر ان باوجود اسان صرف انسان جي بنيادي ضرورتن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون جيڪي انسان جي آفاقي وجود جي وضاحت ڪن ٿيون
ممڪن آهي ته توهان اسلام جي ثقافتي ڄار ۾ گرفتار ٿي ويا آهيو جنهن ۾ توهان پاڻ کي ڦاٿل محسوس ڪيو ٿا يا پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪيو ٿا يا افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته توهان ڪجهه مختلف سوچي نه ٿا سگهو. ڇا توهان کي اهو نظر نه ٿو اچي ته ڪجهه عورتن کي اسلام جي جرم سبب جسماني ۽ ذهني طور تي نشانو پيو بڻايو وڃي. جيڪڏهن توهان انهن حقيقتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار نه آهيو ته ممڪن آهي ته توهان اسلامي ثقافت سان هم وابستگي اختيار ڪري ڇڏي آهي. ٿي سگهي ٿو ته توهان کي اهڙن موضوعن تي سوچڻ نه سيکاريو ويو آهي جن تي مون کي اعتراض آهي
حديث مطابق عورتن جي ذهني صلاحيت گهٽ يا بالڪل ختم آهي. ان نظريي سان عورتن کي اهڙو بي وقوف انسان سمجهيو ويندو آهي جنهن ۾ فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت محدود هوندي آهي. جڏهن ماڻهن کي اهو پڙهايو ويندو آهي ته عورتون ڪم تر آهن ته انهن لاءِ اها ڳالهه قبول ڪرڻ ۽ انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ آسان ٿي ويندو آهي. هي اُهو ئي ڪجهه آهي جيڪو توهان کي مرد جي بالادستي واري مذهب ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ ساک کان وڌيڪ جسماني بالادستي وڌيڪ اهم آهي. بخاري جلد 3 حديث نمبر 826 صفحو 502
مون کي خبر آهي ته منهنجو هيءُ بلاگ سخت ۽ چڀندڙ آهي ۽ مون کي اميد آهي ته براه راست لفظن جي چونڊ ڪري مون پنهنجو مقدمو وڌائي پيش ناهي ڪيو. پوري طرح شفافيت اختيار ڪندي آئون اسلام ۾ حيا جي نظريي جي تعريف ڪريان ٿو پر ان باوجود ان ڳالهه جو ڪو جواز نه ٿو ملي ته عورت کي هڪ اهڙي زندگي تائين محدود ڪيو وڃي جنهن سان انهن جي انسان هئڻ جي خوبي ۾ گهٽتائي اچي وڃي
آئون تمام مردن کي چئلنج ڪندس ته هو عورتن بابت اسلام ۾ ڪيل دعوائن ۽ انهن سان ٿيندڙ سلوڪ جو تنقيدي نظر سان جائزو وٺن. ڀلي توهان انهن دعوائن مطابق عمل نو ڪندا هجو پر ان باوجود ان طرح جي جبر جي حمايت اڄ به برقرار آهي ۽ اسلام جي پيروڪارن طرفان ان جي حمايت به ڪئي ويندي آهي ۽ هو مقدس ڪتابن جي ذريعي ان جو جواز به پيش ڪندا آهن. ياد رکو ته اهي ئي عورتون اسان جون مائر آهن جن اسان جي پالنا ڪري اسان اهڙي وقت نپايو جنهن وقت اسان بي وس هئا سين. اهي ئي عورتون ان عزت ۽ احترام جون حقدار آهن جيڪا پالڻهار انهن کي جائز طريقي سان عطا ڪئي آهي ۽ انهن جو درجو بلند ڪري انهن کي مردن جي ترقي ۽ انهن جي سنڀار رکندڙ هستي بڻايو آهي
مان چاهيان ٿو ته توهان کي اوهان کي ان ڳالهه جي خبر پوي ته اسلام پنهنجو خدا بڻايو آهي ۽ جيتوڻيڪ آئون توهان جي عقيدي جو احترام ڪريان ٿو پر انهن دعوائن کي به چئلنج ڪريان ٿو جيڪي سچ ۽ مذهب جي نالي تي توهان قائم ڪيا آهن ۽ انهن جي ئي سبب توهان تباهي جو رستو اختيار ڪيو آهي
بائبل ۾ خدا جي ڪردار جي بنيادي وصف اها آهي ته هو محبت جو ساگر آهي جڏهن ته اسلام ۾ ان راءِ جي نفي ڪيل آهي. خدا رحمدل، نرم، مهربان ۽ پر امن آهي. هي اهو خاصيتون آهن جيڪي توهان الله سان جوڙيون هجن پر الله جي ٻانهن ۾ اهڙي هڪڙي به خاصيت ناهي. جيتوڻيڪ آمدني جو معمولي حصو غريبن لاءِ وقف ڪيو وڃي ٿو پر سماج ۾ انساني مدد لاءِ اسلامي ايجنسيون بالخصوص اهڙيون اسلامي ايجنسيون ناهن جيڪي معاشري جي اهڙن ٻين حصن لاءِ ناهن جن کي ڪافر سمجهيو ويندو آهي. اسلام خدائي تاثير بابت نه پر دهشت ۽ تشدد سان ڀريل جذبن بابت آهي جنهن ۾ زور زبردستي جي ذريعي غلبو حاصل ڪيو ويندو آهي ۽ ان بعد پنهنجو دنياوي اثر مسلط ڪيو ويندو آهي. هن ۾ توهان جو خيال نه رکيو ويندو آهي بلڪه اصل سوچ دنيا قبضي جي هوندي آهي. توهان هڪ معتدل مسلمان هئڻ جي دعويٰ ته ڪري سگهو ٿا پر اسلام ۾ جن اصولن ۽ عقيدي تي عمل ڪيو ويندو آهي ان جي وصف کي ڏسندي اها دعويٰ پنهنجي معنيٰ ۾ ئي ان عقيدي جو ضد آهي. اهو اسلام ئي آهي جيڪو توهان جي رويي ۽ ورتاءُ جي رخ جو فيصلو ڪندو آهي پوءِ ڀلي توهان جي ذاتي سوچ ۽ نقطه نظر ڪجهه به هجي. جيڪڏهن توهان دعويٰ ڪيو ٿا ته توهان اسلام جي انهن اصولن تي عمل نه ٿا ڪريو ته پوءِ توهان صرف نالي ماتر مسلمان آهيو يا شايد لاشعوري طور توهان الله جي اطاعت کان انڪار ڪري رهيا آهيو. شايد دل جي گهرائي ۾ توهان کي خبر آهي ته ڪنهن ڳالهه جي گهٽتائي آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته اهو خدا جي حقيقي پيار ۽ محبت جو تجربو حاصل ڪرڻ جو هڪ موقعو آهي
خدا دنيا سان ايتري ته وڌيڪ محبت ڪري ٿو جو هن دنيا کي يسوع مسيح جي صورت ۾ هڪ تحفو ڏنو ۽ چيائين ته جيڪو به هن تي ڀروسو ڪندو اهو فنا نه ٿيندو بلڪه هن کي لازوال زندگي ملندي
عورتن کي مخاطب ٿيندي آئون اميد ڪندس ته انهن کي ايتري سوچ ۽ صلاحيت هوندي ته هو خدا جي حقيقي محبت ۽ جعلي مذهب جي وچ ۾ فرق ڏسندي سمجهداري سان درست فيصلو ڪن
آخر ۾ آئون درخواست ڪندس ته مان توهان کي اهڙا لفظ ناهن چيا جن سان توهان جي عزت مجروح ٿئي. مون اهو سڀ توهان تي تنقيد ڪرڻ يا دل آزاري ڪرڻ لاءِ ناهي چيو ۽ جيتوڻيڪ منهنجي پيشڪاري چڙ ڏياريندڙ ٿي سگهي ٿي پر مون اهو سڀ نفرت جي ڪري ناهي چيو. منهنجي دل ۾ توهان جي روحاني طور بهتري جا جذبا آهن ۽ جڏهن توهان معاشري ۾ چئني طرفان ڦاٿل هوندا آهيو، توهان پنهنجي ثقافتي روين جي حدن کان ٻاهر ڏسڻ جي ڪوشش ئي نه ڪندا آهيو
آخر ۾ مان اميد ڪندس ته توهان خدا جي روبرو سچائي ۽ ايمانداري اختيار ڪريو. مون کي خبر آهي ته شروعات ۾ ٿورو ڊپ محسوس ٿي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته ڪنهن مقصد سان پاڻ کي وقف ڪندڙ انسان اهو مقصد ختم ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪندو پر ان باوجود مان توهان کي چئلنج ڪيان ٿو ته خدا کي التجا ڪريو ته هو پنهنجي محبت توهان تي نڇاور ڪري ۽ يسوع مسيح جي صورت ۾ توهان کي پنهنجي پيار سان نوازي

ڪجهه ويب سائٽون توهان جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو جيڪي توهان جي مدد ڪري سگهن ٿيون

www.bible.com/bible/722/jhn.1

Audio Bible

مسلم ۽ اسلامي وسيلا

سنڌي-Sindhi

Islamic view of Women

حضرت عيسيٰ کي صليب تي چاڙهڻ جو عمل ۽ اسلام

Thursday, December 25th, 2014

جڏهن اسان يسوع مسيح جي مرڻ جي ڳالهه ڪندا آهيون ته اها صرف بائبل ۽ قرآن ۾ ٻڌايل اختلافن جي ڳالهه ناهي پر ان ۾ اهڙن ثانوي ذريعن جو به جائزو وٺڻ گهرجي جيڪي سيڪولر نوعيت جا آهن ۽ ڇا جيڪي به اختلاف بيان ڪيا ويا آهن اهي تاريخي آهن يا يسوع کي صليب تي چاڙهڻ جا تفصيل بيان ڪرڻ مهل مخالفاڻي راءِ سبب قائم ڪيا ويا آهن تنهنڪري عيسائيت جي نظريي جي حوالي سان اهي رايا همدرداڻي نوعيت جا ناهن. انهن ذريعن ۾ مارا بن سرافيون، يهودين جي تلمود، ٿيلس، ڪورنيلئس، فليويئس جوزفئس شامل آهن جن رومن ۽ يهودي تصنيف جي نمائندگي ڪئي
ان کانسواءِ صليب تي چاڙهڻ جو عمل ڪنهن ڪنڊ ۾ پيش نه آيو هو ۽ يسوع جي دشمنن لاءِ اهو واقعو غلط سڃاڻپ جو ايئن ئي پيش آيل واقعو ناهي ڇاڪاڻ ته اهي دشمن مقبري تائين لاش جي حفاظت جي مقصد سان آيا هئا. انهن کي هن جي موت جو نه پر هن جي مبينه طور تي ٻيهر زندهه ٿيڻ ۽ لاش جي چوري ٿيڻ جو ڊپ هو
نئين عهد نامي موجب اها هڪ پيچيده صورتحال هئي ته اهو منظرنامو دوکي تي مبني هو جنهن ۾ صرف مرڪزي واقعو ئي نه پر هر اهو واقعو شامل آهي جيڪو صليب تي چاڙهڻ تائين ۽ يسوع جي ٻيهر زنده ٿيڻ تائين پيش آيو
اصل ۾ يسوع جي مرڻ جي شروعات صليب تي نه پر ان وقت ٿي جڏهن هن کي چابڪ لڳي رهيا هئا ۽ اها هڪ عدالتي ڪارروائي هئي جيڪا رومين ۽ يهودين ڪئي هئي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهي سڀ هن جي ويجهو هئا جنهن سان انهن کي يسوع جي سڃاڻپ بابت ڪو شڪ نه هيو
عوامي سطح تي موت جو سزا ملڻ کان اڳ تائين يسوع جي زندگي ۽ هن جي خدمتن بابت سڀني کي خبر هئي ۽ صليب تي چاڙهڻ مهل زندگي جي هر طبقي جا ماڻهو وقت موجود هئا. ان ۾ رومن سپاهي، مذهبي يهودي ۽ عيسيٰ جا شاگرد ۽ شايد يوحنا به شامل آهي
جنهن وقت عيسيٰ خلاف ڪارروائي ٿي رهي هئي ان وقت ڪجهه اهڙا ماڻهو به هئا جيڪي هن سان ڳالهائي رهيا هئا جنهن بعد ان ڳالهه جو امڪان ختم ٿي وڃي ٿو ته جيڪي ماڻهو هن جي ويجهو هئا ۽ هن کي چڱي طرح سڃاڻيندا هئا اهي ان وقت انڌا ٿي ويا هئا. ان کانسواءِ اها ڳالهه خدا جي شخصيت جي برعڪس آهي ته هو سچ کي لڪائڻ ۽ ڪوڙ پيش ڪندو ۽ ماڻهن سان چالبازي ڪري انهن کي بي وقصف بڻائڻ يا انهن کي ڌوڪي ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪندو ته اصل ۾ يهودا عيسيٰ هو
عيسيٰ خلاف ٽرائل ۽ هن کي صليب تي چاڙهڻ وقت جيڪي به لفظ هن ڳالهايا اهي يهودا جي لفظن سان مطابقت نه ٿا رکن جهڙي طرح هو مسيحا هئڻ جي دعويٰ ڪري ٿو. هن ماڻهو هي لفظ به ادا ڪيا هئا ته ”اڄ توهان مون سان گڏ جنت ۾ هوندئو“ يا ”انهن کي معاف فرماءِ ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر ناهي ته ڇا ڪري رهيا آهن“ ۽ ”اي خدا تو مون کي ڇو وساري ڇڏيو آهي“. هي اهي لفظ آهن جيڪي هڪ معصوم شخص جا ادا ڪيل ٿي سگهن ٿا، ڪنهن اهڙي ماڻهو جا نه جيڪو وسارڻ يا ڌوڪو ڏيڻ جو ڪم ڪري رهيو هو. اسان کي اها به خبر آهي ته ٻيهر زندهه ٿيڻ کان پوءِ يسوع پاران پنهنجا زخم ڏيکارڻ جا ثبوت به موجود آهن تنهنڪري اهو سڄو واقعو ڪنهن طرح جي سازش هئڻ جي ڳالهه نه ئي مذهبي دستاويزن ۾ بيان ڪيل واقعن سان مطابقت رکي ٿي ۽ نه ئي ٻاهرين ذريعن کان ورتل ثبوتن سان جيڪي مون پهريائين واضع ڪيا آهن. ايتر قدر جو پراڻي عهد نامي ۾ به بيان ڪيل واقعي کي پڙهجي ته ان جي حقيقت جو اندازو ٿيندو ۽ اهو ممڪن ناهي ته اهي دستاويز تبديل ٿيا هجن يا عيسائين انهن ۾ ترميم ڪئي هجي ڇاڪاڻ ته يهودين عيسائيت جي ڦهلجڻ کان اڳ ئي اهي دستاويز محفوظ ڪري ڇڏيا هئا. حيراني جي ڳالهه اها آهي ته جڏهن ڪو به سيڪولر يهودي پهريون ڀيرو پراڻي عهد نامي جو دستاويز جهڙوڪ يسعياه باب 52 آيت 13، باب 53 آيت 12 ۽ زبور باب 22 ٻڌي ٿو ته هو تڪليف ۾ مبتلا خادم ۽ صليب تي چڙهندڙ عيسيٰ جي وچ ۾ رشتو قائم ڪن ٿا. ان موقعي تي هو ان ڳالهه تي اعتراض ڪن ٿا ته توهان جيڪي ڪجهه به پڙهي ٻڌايو آهي اُهو عيسائين جي بائبل مان پڙهيو آهي ۽ ان وقت انهن کي اها خبر ئي نه هوندي آهي ته جيڪو ڪجهه به پڙهي ٻڌايو ويو اهو انهن جي پنهنجي ڪتاب مان پڙهيو ويو. نه صرف اهو پر انهن آيتن ۾ يسوع کي چابڪ هڻڻ ۽ هن کي صليب تي چاڙهڻ جي واقعي جو مڪمل تفصيل ٻڌايل آهي جيڪو هٿ گهڙيو ٿي نه ٿو سگهي ڇاڪاڻ ته اهڙي طرح جو تشدد ان وقت تائين موجود نه هو جيستائين اهي لفظ چيا ويا. خير، مان هيٺ انگريزي ۾ 2 لنڪ پيش ڪري رهيو آهيان جن کي پڙهي توهان حوالا ڪڍي سگهو ٿا

Isaiah
Psalms

اڄ جي دور ۾ ڪجهه شڪي ماڻهو بائبل جي پيغام جي ڪجهه پهلوئن تي ته اعتراض ڪري سگهن ٿا پر عام طور تي صليب جي واقعي تي سڀئي متفق آهن ۽ ايتري قدر جو ڪجهه اهڙا ماڻهو به آهن جن جي راءِ آهي ته انقلابي هئڻ جي حيثيت سان يسوع ان انجام جو ئي مستحق هو
آّخر ۾ پنهنجي آخري سفر ۽ صليب تي چڙهڻ کان اڳ يسوع پنهنجي موت جي طرز جي تصديق ڪئي ۽ ان ڳالهه کي ٻڌڻ کان پوءِ هن جا شاگرد شرمنده ۽ حيران ٿيا ۽ ان واقعي جي ٿيڻ کا انڪار ڪيائون. ابتدائي طور تي انهن جي اهڙي اميد جو سبب اهو هو ته ان وقت جا يهودي غير ملڪي جارحيت ۾ هئا ۽ انهن جي راءِ هئي ته مسيحا پاڻ اذيت ناڪ موت کي منهن ۾ وڃڻ بدران انهن کي بچائيندو. پوءِ آخر عيسيٰ پاران پنهنجي موت تي تبصري بابت هن جا شاگرد گهٽ معلومات ڇو رکندڙ هوندا ۽ هڪ اهڙي ڪهاڻي ٺاهڻ پويان انهن جو ڪهڙو مقصد هوندو جنهن ۾ انهن جي هيرو کي دشمنن هٿان مرندي ڏيکاريو ويو آهي؟ انساني پهلو سان ڏسجي ته اها هڪ طرح جي ڪمزوري آهي ۽ انهن جي مسيحا لاءِ هڪ ڪاميابي بجاءِ شڪست آهي. انهن لاءِ اهو بهتر هجي ها ته هو قرآن ۾ بيان ڪيل واقعي کي قبول ڪري اهو تسيلم ڪن ها ته عيسيٰ کي ڪو به نقصان نه ٿيو ۽ هو دنيا جي خاتمي کان اڳ ظاهر ٿي حالات بهتر ڪندو
لازمي طور تي انهن ۾ ايتري صلاحيت نه هئي ته هو قديم عهد نامي جي دستاويز کي سمجهي سگهن ۽ اڄ به يهودين ۾ ايتري صلاحيت ناهي ته هو انهن دستاويزن کي سمجهي سگهن حالانڪه ڪيترائي يهودي اهڙا آهن جن انهن دستاويزن تحت ايمان آندو جن جو مون حوالو ڏنو هو
معاملي جي بصيرت ۽ فهم موجب اهو سمجهڻ بالڪل آسان آهي ته اهو سڀ خدا جي الهامي منصوبي تحت ٿيو ۽ تنهنڪري ڪنهن به طرح جي منفي سوچ يا تشريح کي رد ڪجي ٿو
جيڪڏهن توهان بائبل جي نظريي بابت ان سڄي معاملي جو سروي ڪندئو ته اهو پاڻ کي بائبل بابت عالمي راءِ مطابق لڳندو جيڪا يسوع جي قرباني تي مشتمل موت کان اڳ ئي قائم ٿي چڪو هو. هي اهڙو واقعو آهي جيڪو تاريخ جي صفحن ۾ جڙي چڪو آهي جنهن ڪفاري طور قرباني ڏيڻ جي نظام بابت ٻڌايو ويو آهي
قرباني جي نظام ۾ انصاف ۽ خدا جو رحم شامل هوندو آهي جنهن جو مقصد گناه ۽ تقصير جو فيصلو ڪرڻ هوندو آهي. ان رسمي قانون تحت ڏوهاري کي جانورن جي قرباني جي صورت ۾ عبوري طور جرمانو ادا ڪرڻو هوندو آهي. احبار (ليويٽيڪس) جي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته خون وهائڻ بنا گناهه جي معافي ناهي. تنهنڪري انسان جي متبادل طور معصوم جانورن جو رت وهائي عبوري طور گناه بخشائبا آهن
اهو سڄو ڊرامو ان لاءِ سجايو ويو هي جيڪو عبرانين جي نئين عهد نامي ۾ عيسيٰ بابت چيو ويو آهي جيڪو پراڻي عهد نامي جي پاڇن جي حقيقت هو ۽ ان جي تڪميل خدا پاران موڪليل ان رڍ ۾ هئي جنهن جي قرباني ڏني وئي ۽ ڪفارو ادا ٿيڻ تي خدا اسان کي امن ڏنو
عيسيٰ جي هن ڌرتي تي اچڻ جو سبب انسانيت جي نمائندگي ڪرڻ هو ۽ ڇاڪاڻ ته هو ڪنهن به طرح جي گناهه کان پاڪ هو، هو اهي سڀ ڪجهه ڪري سگهيو ٿي جيڪي توهان ۽ مان نه ٿا ڪري سگهون ۽ پاڪ ۽ معصوم هئڻ سبب هن رضاڪارانه طور تي اهڙن گناهن جي سزا حاصل ڪئي جيڪي اسان جا ڪيل گناهه هئا. اگر اسان پنهنجو مقابلو يسوع سان ڪيون ته اسان جي حيثيت انتهائي معمولي آهي ڇاڪاڻ ته اسان گناهن سان ڀريل آهيون تنهنڪري اگر اسان پنهنجو مقابلو پاڻ جهڙن ماڻهن سان ڪندا سين ته ممڪن آهي ته اسان ۾ ٿورو اعتماد باقي رهجي وڃي پر جڏهن اسان جو مقابلو ڪنهن پاڪ هستي سان ڪيو ويندو ته اسان ۾ ٿورو به اعتماد باقي نه رهندو. جنهن وقت اسان پاڻ کي ٻين سان مشابهت ڏيون ٿا ان وقت اسان صوفن ۾ مشابهت نه ڏيئي رهيا آهيون تنهڪرن جنهن وقت اسان خدا جي روبرو فيصلي جي ڏينهن موجود هوندا سين ته ان وقت اسان تي اها ڳالهه واضع هوندي ته اسان خدا جي مخلوق آهيون ۽ هڪ خراب وڻ وانگر اسان سڙيل ۽ بدبودار ميوو پيدا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو ڪم ناهي ڪيو. خدا پالڻهار ۽ ڪائنات جو خالق آهي ۽ ان کان گهٽ ڪا به وصف هن جي خدائي جي خلاف ورزي آهي. پوءِ اهڙي صورتحال ۾ جڏهن اسان وٽ ناڪافي ايمانداري هجي ته پوءِ خدا جي آڏو هن کي ڇا جواب ڏينداسين؟ اسان هن جي آڏو بالڪل اگهاڙا هوندا سين ۽ هو اسان جا سڀ فعل ڏسي رهيو هوندو تنهنڪري ان ڳالهه تي حيرت نه ٿيڻ گهرجي ته جنهن وقت اسان زندگي جي بنيادي اخلاقي اصول تي عمل ۾ ناڪام ثابت ٿيندا سين ان وقت هر شخص اسان جي مذمت ڪندو
اهو ئي سبب آهي ته اسان کي هڪ مسيحا جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته اسان پاڻ کي خدا جي انصاف کان بچائي نه ٿا سگهون ۽ هو اسان کان ڪمال جي اميد رکي ٿو ۽ ان هوندي به بائبل جي خدا کي پيار جو خدا به چيو ويندو آهي ۽ هن جي پيار ۾ ان وقت واڌارو ايندو جڏهن هو پنهنجي رحم سان اسان جي گناهن کان پوءِ اسان کي رعايت ڏيندو
ان کانسواءِ اهو سڀ ڪرڻ لاءِ خدا کي ڪا مجبوري ناهي ڇاڪاڻ ته هو چاهيندو ته اسان هن جي غصي ۽ انصاف کي منهن ڏيون. پر سٺي خبر اها آهي ته نه صرف اسان خدا کان بچيل آهيون پر خدا اسان کي زندگي، موت ۽ يسوع جي ٻيهر زندهه ٿيڻ تائين بچائي ٿو. خدا اسان کي هر ان مسئلي مان بچائي ٿو ٻي صورت ۾ اسان فنا ٿي وڃون ها پر هاڻي خدا کان پري وڃڻ بدران اسان پراعتماد آهيون ۽ اسان کي يقين ڏياريو ويو آهي ته جيئن اسان هن زندگي مان ٻي زندگي تائين پهچون ته اسان کي لازوال زندگي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن طرح جو جوا نه کيڏڻو پوي
شايد توهان کي ان پيار، رحم ۽ قرباني جي اهميت سمجهه ۾ نه ايندي هجي ۽ ممڪن آهي ته توهان کي حيرت ٿيندي هجي ته خدا هڪ اهڙي موقعي تي اها عدم مساوات جي اجازت ڪيئن ٿو ڏيئي سگهي جڏهن اسان دنياوي ڏي وٺ جي معاملي ۾ هڪ ئي وقت فائدو حاصل ڪندڙ ۽ سازش ڪندڙ هجون ۽ ان جي اجازت نه هجڻ جي صورت ۾ اسان جي مغفرت ڪيئن ٿئي ها؟
ان سان گڏو گڏ بائبل خدا جي مطلقيت جي تاثر جي حمايت ڪري ٿي جنهن ۾ اهو بيان ڪيو ويو آهي ته هن جي سوچ اسان جي سوچ ناهي ۽ نه ئي اسان جا رستا هن جا رستا آهن. ان معاملي ۾ اسان مختلف منطق اختيار ڪندا آهيون ۽ چوندا آهيون ته خدا کي ايئن نه ڪرڻ گهرجي ۽ ان باوجود اهو هن جو صوابديدي اختيار آهي ۽ ان کانسواءِ اسان وٽ ٻي ڪهڙي اميد آهي؟ اهو به ياد رکڻ گهرجي ته ان ۾ خدا جي ڪردار يا فطرت ۾ ڪو به تضاد يا سمجهوتو ناهي ڇاڪاڻ ته هو يسوع جي قرباني جي صورت ۾ اسان کي گناهن کان معاف فرمائي رهيو آهي. يسوع کي اهو اختيار هو ته هو پنهنجي زندگي قربان ڪري ۽ هن کي آسمان تي کنيو وڃي. خداوند هن جي زندگي رڍ جي بدلي قبول ڪئي ۽ ان باوجود ته ڪنهن موقعي تي اسان هن جا دشمن هئا سين، يسوع اسان لاءِ پنهنجي زندگي قربان ڪئي ۽ ان لاءِ ئي هن لاءِ اسان کي حيران ڪندڙ جلال ياد ايندو آهي
۽ جڏهن توهان انهن سڀني ڳالهين تي غور ڪندئو ته توهان ان نوعيت جي رد عمل جو اندازو ئي نه ٿا لڳائي سگهو ۽ وڌ کان وڌ اسان اهڙي طرح جي محبت واري قرباني کي والدين يا شريڪ حيات سان ئي جوڙي سگهون ٿا ۽ توهان اندازو ڪيو ته خدا ڪيتري قدر مهربان، شفيق ۽ محبت ڪندڙ آهي جنهن اسان جهڙن غير ڪامل انسانن کي پيدا ڪيو ۽ ان ڪري مون کي اهو معلوم ڪري سڪون ٿو ملي ته هو جو لامحدود پيار هن جي پيدا ڪيل مخلوق جي محدود پيار کان عظيم آهي. منهنجا دوستو! خدا زندگي ان لاءِ پيدا نه ڪئي ته دوزخ لاءِ ٻارڻ جو انتظام ٿي سگهي ۽ بائبل ۾ لکيل آهي ته دنيا شيطان ۽ فرشتن لاءِ ٺاهي وئي پر پوءِ اسان هن جي نجات جي عبوري ذريعي کي نظرانداز ڪري ڪيئن نجات حاصل ڪري سگهندا سين؟
انتهائي احترام سان، توهان لاءِ منهنجي طرفان چئلنج آهي ته توهان احساس گناه کي ڪيئن منهن ڏيندا آهيو؟ ان کانسواءِ ڇا توهان کي ان ڳالهه تي حيرت ٿي آهي يا توهان ان ڳالهه تي غور ڪيو آهي ته جنت حاصل ڪرڻ لاءِ توهان ڪيترا سٺا فعل ڪيا آهن؟ ڇا توهان کي ان ڳالهه جي خبر آهي ته توهان جي زندگي کي الله قبول ڪندو يا نه؟
نتيجي طور، خدا جي محبت اسان کي اڪيلو ناهي ڇڏيو ۽ نه ئي اسان کي بي وس ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته هن يسوع جي صورت ۾ انتهائي سخاوت سان پنهنجو پيار اسان تي نڇاور ڪيو آهي جنهن سان اسان کي لازوال زندگي جي ضمانت ملي ٿي
يسوع توهان کي دعوت ٿو ڏئي ۽ هن اسان جي گناهن جو وزن پنهنجي ڪلهي تي کنيو آهي ۽ اسان کي مذهبي اميدن تحت علم ۽ ڏاهپ ۽ پاڻ سان ذاتي تعلق ڏنو آهي

متي باب 11 آيت نمبر 28 کان 30
 اي محنت ڪندڙ ۽ وزن هيٺان دٻيل ماڻهو، توهان سڀ مون وٽ اچو، مان توهان کي آرام ڏيندس
 منهجي پاڃاري پنهنجي ڳچي ۾ وجهو ۽ مون کان سکو، آئون دل جو نرم ۽ نماڻو آهيان، توهان کي آرام ملندو
 ڇاڪاڻ ته منهنجي پاڃاري آسان آهي ۽ منهنجو بار هلڪو آهي

مسلم ۽ اسلامي وسيلا

سنڌي-Sindhi

Crucifixion of Jesus Christ and Islam