ڇا قرآن مقدس آهي؟

قرآن جي پاڪيزگي جي جائزو وٺڻ مهل ٻين مذهبي مسودن وانگر اسان کي ان جي دعون جي سچائيءَ جو جائزو وٺڻ گهرجي
اسلام ۾ قرآن کي ايترو ته اعليٰ مقام ڏنو ويو آهي جو ان جي حيثيت اسلام تي عمل ڪندڙن وچ ۾ بت پرستي جي هڪ علامت طور ٺهي چڪي آهي
وڌيڪ اهو ته اسلام ان جي الهام بابت ايترا ته دعويٰ ڪيا آهن جو دستاويزي حوالن ۾ انهن جو ثبوت دستياب ناهي
مورمون ازم پڙهڻ مهل مون کي اهڙيون ڪيتريون ئي ڳالهيون نظر آيون جيڪي اسلامي رسمن سان ملندڙ جلندڙ هيون. مورمن مذهب سان تعلق رکندڙ ماڻهو سون جي تختي يا لوح تي مقدس نقش ڪاري تي يقين رکندا آهن ۽ ڪنهن فرشتي جي مدد سان انهن تختين کي ڪنهن محفوظ مقام تي رکي انهن کي لفظي نقل لاءِ رکيو ويو
ان کانسواءِ جوزف سمٿ پاڻ کي مبينه طور تي هڪ سچو مذهب قائم ڪرڻ لاءِ وقف ڪيو هو ۽ ان ئي سبب جي ڪري هن تي ڪيترائي ڀيرا مبينه طور تي وحي نازل ٿي ۽ هن ڪيترائي روحاني نظارا به ڏٺا
پر انهن سڀني الهامي نزول باوجود ”مورمن جو ڪتاب“ قرآن وانگر هڪ ڪامل دستاويز کان گهٽ اهميت رکي ٿو
مسلمان اها دعويٰ ڪري سگهن ٿا ته قرآن انتهائي ڪامل ۽ تمام مقدس دستاويزي ڪتابن ۾ خوبصورت ڪتاب آهي، ۽ اها ئي ڳالهه اندروني شاهدي طور قرآن جي صداقت ۽ ان جي الهام جي تصديق ڪري ٿي
پر جوزف سمٿ جي مورمون جي ڪتاب جي معاملي ۾ به اها ئي ڳالهه نظر ايندي ۽ هن چيو هو ته سندس ڪتاب انتهائي ڪامل ۽ اڄ تائين لکيل بهترين ڪتابن مان بهترين ڪتاب آهي
پر ٻنهي صورتن ۾ ڏسجي ته جنهن طرح جي سچائي ۽ خوبصورتي جي دعويٰ ٻنهي ڪتابن بابت ڪئي وئي آهي اها انهن ۾ ناهي. ڪنهن شئي جي دعويٰ ڪرڻ ۽ حقيقت ۾ ان جو هجڻ ٻه عليحده ڳالهيون آهن ۽ ڪو به ماڻهو اگر انهن ڪتابن بابت ڪا دعويٰ ڪري ٿو ته ان جو فرض آهي ته هو پنهنجي دعوي جي سچائيءَ لاءِ منطقي يا قابل اعتبار ثبوت پيش ڪري
هن آرٽيڪل جي شروعات اسان ان ڳالهه کان ڪندا سين ته قرآن جو ماخذ يا ان جو باني هڪ اهڙي شخصيت آهي جنهن جو ڪردار مشڪوڪ آهي
وحي نازل ٿيڻ جي شروعات کان ئي محمد کي پنهنجي ذهني حالت تي شڪ هو ڇاڪاڻ ته هن کي خبر نه پئي پوي ته هو چريو ماڻهو هو يا ڪو شاعر. هن کي پنهنجي ذات متعلق شڪ هو ته ڪٿي هن تي جادوئي اثر ته ناهي ۽ ان جو سبب وحي جي نزول وقت ڪجهه نشانيون اهڙيون هيون جيڪي نظر اينديون هيون جن ۾ منهن مان جهڳي نڪرڻ يا اٺ جهڙو آواز نڪرڻ شامل آهي. هڪ ٻيو سوال اهو به آهي ته الله هڪ اهڙي ناخوانده ماڻهو کي سچائي بيان ڪرڻ لاءِ جو منتخب ڪندو ۽ اهو به اهڙو سچ جيڪو هن جي پنهنجي زندگي ۾ تدوين نه ٿي سگهي
مان ان معاملي تي پنهنجي هڪ ٻئي بلاگ تي وڌيڪ معلومات لکي آهي. اها معلومات هن لنڪ تي ڏسي سگهجي ٿي
ڇا محمد ڪوڙو نبي آهي؟
ان کانسواءِ پريشاني جي هڪ ڳالهه اها به آهي ته واقعي قرآن اصلي آهي حالانڪه اها به حقيقت آهي ته قرآن ۾ لکيل ڪافي ڳالهين جا حوالا اسان کي ثانوي ذريعن مان به ملن ٿا. انهن ثانوي ذريعن ۾ بائبل سان گڏو گڏ ڪافراڻي تعليم تي مبني يهودين ۽ عيسائين جي غير مستند مذهبي دستاويزن جا حوالا به شامل آهن جيڪي خدائي الهام جي چڪاس ۾ ناڪام رهيا. اهي غير مستند لکڻيون يهودين ۽ عيسائين جي اهڙن مسلڪن سان تعلق رکن ٿيون جن کي انهن ڪڏهن به سنجيدگي سان ناهي ڏٺو
ان سان گڏ، قرآن ۾ فارس جي زرتشت قوم جي زباني روايتن جا مثال ۽ ان جا اثرات به شامل ٿيل آهن
ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته الله دنياوي پيغمبرن جي مغالطن ۽ انساني روايتن مان پنهنجو ڪلام ترتيب ڏئي؟
هڪ اهڙي انساني تصور جي ايجاد مان ڪهڙو معجزو يا ڪمال حاصل ڪري سگهجي ٿو جنهن کي مختلف قومن رد ڪري ڇڏيو هجي جن اهڙا دستاويز لکيا جيڪي ڪامل هئڻ کان ڪافي پري هئا
جيڪڏهن اسلام واقعي سچو ۽ ڪامل مذهب آهي ته ان ٻين ذريعن مان تحريڪون حاصل ڪرڻ بجاءِ پنهنجون اصل روايتون ڇو قائم نه ڪيون ايتري قدر جو اڄ جي دور ۾ اهي تاريخي روايتون مذهب جو حصو بڻيل آهن.؟ ڇا اها ئي اصليت آهي؟
هڪ ٻيو اهم سوال ان مقدس مسودي جي موازني جو آهي جيڪو ابتدائي انداز ۾ قابل اتلاف يا غير پائيدار شين جي جزوي حصن جهڙوڪ هڏيون، ڪاٺ، چمڙي، وڻ جي پنن ۽ پٿرن تي انحصار ڪري ٿو
قرآن جي جوڙجڪ ۾ شهادتون گڏ ڪرڻ جو عمل به اهم هو جنهن ۾ انسان جي اهڙي ذهن تي دارومدار رکيو ويو جيڪو ڪافي ڳالهيون ڀلجي به ويندو آهي ۽ سموريون ڳالهيون مڪمل طور تي واپس ياد ڪرڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته انهن ۾ انتهائي حد تائين درستگي هجي ته جيئن ڪنهن به طرح جي ڀل يا چُڪ کان بچي سگهجي
اهڙي ريت جيڪڏهن ڪو ڪتاب تيار ٿئي ته ان کي ڪتابن ۾ بهترين ڪتاب جو درجو ملي سگهي ٿو ۽ اگر اها ڳالهه درست ناهي ته پوءِ ڇا قرآن به هڪ عام ڪتابن وانگر هڪ ڪتاب آهي
اها ڳالهه به ثابت ناهي ٿي ته سڄي جو سڄو قرآن محمد جي زندگي ۾ يا هن جي رحلت کان مختصر عرصو بعد تائين جمع ٿي چڪو هو. ان جي بجاءِ ثبوتن مان خبر پوي ٿي ته قرآن جي تدوين ۽ ان کي مڪمل طور جمع ڪرڻ جو عمل محمد جي رحلت کان پوءِ 150 کان 200 سالن ۾ پورو ٿيو ۽ حتمي طور تي ان کي 8هين ۽ 9هين صديءَ ۾ تعظيم ۽ تڪريم حاصل ٿي
دانشور ان ڳالهه تي به متفق آهن ته قرآن ڪنهن هڪ ماڻهو ناهي لکيو پر مختلف ماڻهن جي گروپن لکڻ جي عمل ۾ حصو ورتو ۽ اهو عمل مڪمل ٿيڻ ۾ ڪجهه سئو سال لڳي ويا
قرآن جو قديم ترين نسخو مائل اسڪرپٽ (خط حجازي) ۾ سال 790 ۾ يعني محمد جي رحلت کان 150 سال پوءِ تحرير ڪيو ويو
ايتري قدر جو اڄ جي دور ۾ جيڪي پراڻي کان پراڻا دستياب دستاويز به اهڙا آهن جيڪي محمد جي رحلت کان 100 سال پوءِ جا لکيل آهن
وڌيڪ اهو ته عثمان جي دور ۾ لکيل نسخا به دستياب ناهن ۽ جيتوڻيڪ اسلامي عالم دعويٰ ڪندا آهن پر حقيقت اها آهي ته جنهن متنازع ڪوفي اسڪرپٽ ۾ اهي دستاويز موجود آهن اهو اسڪرپٽ عثمان جي دور ۾ استعمال نه ٿيندو هو ۽ اهي نسخا عثمان جي رحلت جي 150 سالن تائين نظر ئي نه آيا
ان کانسواءِ قياس طور تي ڏسجي ته قرآن عربي ٻولي ۾ آهي ۽ اها ٻولي الله جي ٻولي سمجهي ويندي آهي ۽ جيڪڏهن قرآن جو ماخذ الله آهي ته پوءِ قرآن ۾ رابطي لاءِ غير ملڪي ٻولين جهڙوڪ اڪيڊين (نووا اسڪاشيا علاقي جي ٻولي)، آشوري ٻولي، فارسي، سرياني ٻولي، يوناني، عبراني، سامي ٻولي ۽ ايٿوپيائي ٻولي جا لفظ ڇو استعمال ڪيا ويا آهن؟
جيڪڏهن قرآن واقعي اصلي آهي ته پوءِ اهي اصل دستاويز ڇو دستياب ناهن جيڪي ان جي اصل هئڻ جو ثبوت ڏين، خاص طور تي اهي دستاويز جيڪي اسلام اچڻ مهل ان وقت دستياب هئا جن مان ڪجهه مڪمل طور تي سلامت موجود آهن؟ واقعي الله پنهنجي خودمختاري ۾ مقدس ڪتاب جي حفاظت ڪري سگهي ٿو
قرآن جي تاريخ کي ڏسجي ته اهو زيد ابن ثابت جي دور ۾ جمي ڪيو ويو جيڪو محمد جو ذاتي سيڪريٽري هو. ابو بڪر جي هدايت تي زيد ابن ثابت محمد جي چيل ڳالهين (چوڻين) جمع ڪري انهن کي لکندو هو
نتيجي طور، ٽئين خليفي عثمان جي دور ۾ڄاڻي واڻي قرآن کي معياري ٺاهڻ ۽ سڀني مسلمانن تي هڪ ئي مسودو مڙهڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. ان ڪوشش ۾ زيد جي لکيل مسودي جون ڪيتريون ئي ڪاپيون (نقل) ٺاهيون ويون جڏهن ته اصل ۽ مستند دستياب ورق ضايع ڪيا ويا
ڪير چوندو ته معياري ٺاهيل نسخو واقعي معياري هو ۽ اهو به اهڙي وقت جڏهن سڄي مسلمان ڪميونٽي، جن مان ڪجهه جو تعلق محمد جي ذاتي ساٿين مان هو، جي مقابلي ۾ سمورا اختيار هڪ ماڻهو وٽ هئا
اڄ اسان وٽ پراڻي دستياب مسودي جي مقابلي ۾ زيد جون لکيل ڪيتريون ئي ڪاپيون موجود آهن. اسان کي اها خبر ڪيئن پوندي ته پراڻي مسودي ۾ جيڪي ڪجهه لکيل هو اهوئي معياري مسودي ۾ آهي ۽ جيڪي ڪجهه به معياري مسودي ۾ لکيل آهي، محمد ان جي چڪاس ڪئي؟
ان سان گڏو گڏ اها ڳالهه به غور طلب آهي ته جيئن ته اسان وٽ اصل مسودو موجود ناهي ڇاڪاڻ ته ان کي ضايع ڪيو ويو هو، اسان وٽ اهڙو ڪو طريقو ناهي جنهن سان اصل مسودو ٻيهر جمع ڪري سگهجي
هن مهل چار دستياب نسخن ۾ فرق موجود آهن. اهي نسخا زيد، عبدالله ابن مسعود، ابو موسيٰ ۽ اوبي جا لکيل آهن پر ان باوجود انهن ماڻهن جي ساک تي ڪو شڪ نه ٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته اهي چار ئي محمد جا ويجها ساٿي هئا
عبدالله مسعود کي محمد قرآن جي تلاوت جو معلم طور مقرر ڪيو هو ۽ اوبي نبيءَ جو سيڪريٽري هو
منهنجو سوال اهو آهي ته نبي جي انهن چئني صحابين جي لکيل نسخن مان ڪنهنجو نسخو وڌيڪ با اختيار آهي؟
اُن صورتحال ۾ عثمان کي ڇو اختيار مليل هئا جڏهن ته ان وقت مستند مسودا موجود هئا جن کي ٻيون ڪميونٽيز قبول ڪنديون هيون؟
وڌيڪ اهو ته جڏهن زيد نسخن کي گڏ ڪيو ته هن محمد جون ڪجهه چوڻيون انهن ۾ شامل ڪرڻ ڀلجي ويو. انهن ۾ سنگسار“ ڪرڻ متعلق به ڪجهه چوڻيون شامل آهن
قرآني نسخا جمي ڪرڻ ۽ انهن جي تدوين کان پوءِ ان جو جائزو ورتو ويو ۽ ان ۾ تبديليون به ڪيون ويون. ۽ اهو سڀ ڪوفا جي گورنر حجاج بن يوسف جي دور ۾ ڪيو ويو
پهريائين هن مسودي ۾ 11 تبديليون ڪيون پر بعد ۾ هن جون تبديليون 7 تائين محدود رهيون
ان سڄي ڪارروائي کان پوءِ حفصه نسخي، اهو اصل مسودو جنهن مان حتمي مسودو تيار ڪيو ويو هو، کي مديني جي گورنر مروان ضايع ڪري ڇڏيو
ان کانسواءِ قرآن ۾ هڪ وڌيڪ غير معمولي ڳالهه هڪ اهڙو بگاڙ آهي جنهن جي ذريعي اندروني تضاد بابت پتو لڳائي سگهجي ٿو جن کي مسودي ۾ بهتري طور واضع ڪيو ويو آهي
مون کي حيرت ان ڳالهه تي ٿئي ٿي ته هڪ اهڙي شئي کي بهتي ڪيئن ٿو بڻائي سگهجي جنهن متعلق دعويٰ ڪئي ويندي آهي ته اهو اڳ ۾ ئي ڪامل ۽ بهترين آهي ڇاڪاڻ ته وحي نازل ٿيڻ جو عرصو 20 سال آهي ۽ ثقافتي معيارن ۾ ايندڙ ارتقا ۾ مدد ڏيڻ لاءِ ان ۾ ڪنهن به طرح جي بهتري جي ضرورت محسوس نه ڪئي وئي؟
چيو وڃي ٿو ته مجموعي طور تي 5 کان 500 جڳهن تي تبديلي ڪئي وئي آهي پر ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته تبديليون تقريبن 225 جي لڳ ڀڳ آهن. ان مان جيڪا ڳالهه خبر پوي ٿي اها هي آهي ته بگاڙ يا تبديلي پيدا ڪرڻ جو معاملو به ناقص آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن کي به درست اندازي سان خبر ناهي ته اصل ۾ ڪيتريون تبديليون ڪيون ويون
نه رڳو اهو، پر قرآن ۾ ڪيتريون ئي سائنسي ۽ گرامر جون غلطيون به آهن
انهن تمام خامين کي گڏ ڪندي اهو به ٻڌائيندا سين ته حديثن جو تعداد به ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. حديثون ظاهر ٿيڻ جو عمل 9 صدي ۾ شروع ٿيو، يعني سچ ظاهر ٿيڻ جي 250 سالن کان پوءِ
اُن وقت مجموعي طور تي 6 لک حديثون موجود هيون پر انهن مان صرف 7 هزار باقي رهجي ويون ۽ 99 سيڪڙو روايتن کي غلطي سان ڀريل قرار ڏنو ويو
جيڪڏهن اهي 99 سيڪڙو روايتون غلط هيون ته پوءِ اسان بخاري جون لکيل باقي هڪ سيڪڙو حديثن تي ڪيئن ڀروسو ڪيون؟
مسلم رواتين جو ارتقا ڪهاڻيون ٻڌانيندڙن يا قصن (قصص) ذريعي به ڦهليو، جن جون روايتون 8 صدي کان اڳ جمع نه ٿي سگهيون. اهي ڪهاڻيون مقامي لوڪ داستانن مان حاصل ڪيون وينديون هيون ۽ انهن سان به اسلام ۾ ڪافي بگاڙ پيدا ٿيو
ان کان سواءِ اگر توهان ڪڏهن ٽيليفون واري راند کيڏي آهي يا ڪيترن ئي ماڻهن جي هڪ گروپ کي في ماڻهو جي حساب سان ڪهاڻي ٻڌائڻ جو ڪم ڪيو هجي ته توهان کي خبر هوندي ته ڪهاڻي ٻڌائڻ مهل معمولي فرق ضرور ايندو آهي ۽ پهرئين ماڻهو جي ٻڌل ڪهاڻي ۽ آخري ماڻهو جي ٻڌل ڪهاڻي ۾ فرق هوندو
۽ جيڪڏهن اها ڪهاڻي سوين سالن جي عرصي تائين ماڻهن کي ٻڌائبي رهجي ته توهان جي راءِ ۾ ان سڄي مشق جو نتيجو ڇا ٿيندو؟
جنهن ڪتاب کي خدا جو معجزو يا وري الله جي بهترين ڪتابن مان به بهترين ڪتاب يا عجوبو سمجهو ويندو آهي اهو ڪيترن ئي محاذن تي مبالغه آرائي تي مبني آهي
قرآن پڙهڻ سان توهان کي جوابن بدران ڪيترائي سوال ملندا
ڇا قرآن واقعي هڪ شاندار ۽ دعوي مطابق بهترين ڪتاب آهي يا پنهنجي دعويٰ ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام آهي؟
ڇا ان جي مسودي ۾ اها خوبصورتي ۽ ڪشش آهي جيڪا ڪنهن ٻئي مسودي يا نسخي ۾ موجود ناهي؟ اها راءِ اسان ٻڌندڙن لاءِ ڇڏيون ٿا ته هو پاڻ اها ڳالهه ڏسن ته لٽريچر ۾ اهڙا ڪيترائي شاندار مسودا موجود آهن جن مان قرآن به ڪافي ڪجهه اڌار ورتو آهي ۽ اهي مسودا پنهنجي اصل صنف موجب شاندار حيثيت رکن ٿا
هڪ اهڙو ڪتاب جنهن متعلق چيو ويندو آهي ته هن جو ڪو ثاني ناهي، ان ۾ اهڙيون غلطيون ۽ ان جو مواد بي ربط هئڻ سبب هي ڪتاب اهڙن ماڻهن تنقيدي نگاه تي به پورو نه ٿو لهي جيڪي بامقصد انداز ۽ ان جي درست هئڻ جي صحيح چڪاس ڪري سگهن ٿا
ان مذهب جي مڃيندڙ باقي نادان ماڻهن لاءِ هي ڪتاب صرف فرمانبرداري ۽ اطاعت جو هڪ ذريعو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ مواد بابت انهن جي سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت ختم ٿي ويندي آهي
ڪتاب متعلق سوال پڇڻ جو مطلب الله يا هن جي رسول کان سوال پڇڻ برابر تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ اها ڳالهه مسلمانن جي سوچ کان به ٻاهر تصور ڪئي ويندي آهي ڇاڪاڻ ته اهڙي طرح جي عمل کي دوکي يا بغاوت طور ڏٺو ويندو آهي جنهن جا سخت نتيجا نڪرندا آهن
توهان اهو چئي سگهو ٿا ته اسلام جي ايترن مرحلن گزرڻ کان پوءِ به قرآن تبديلي جي انهيءَ دور مان گزري به سلامت رهيو آهي پر ان باوجود ثبوتن کي ڏسي منهنجي راءِ آهي ته منهنجي ان ڪتاب کي الهامي ڪتاب سمجهڻ ۽ ان کي مڃڻ لاءِ ڪنهن معجزي جي ضرورت پوندي
آخر ۾ اهو چوندس ته قرآن متعلق وڌيڪ تبصرو ڪرڻ لاءِ مون وٽ وڌيڪ لفظ ناهن. صرف اها ڳالهه چوندس ته مون کي اميد آهي ته بلاواسطه لفظن جو انتخاب ڪري مان پنهنجو مقدمو بيان ڪرڻ ۾مبالغي کان ڪم ناهي ورتو ۽ مسلمان دوستن لاءِ بي احترامي کان ڪم ناهي ورتو
اهو تمام ڏکيو ڪم آهي ڇاڪاڻ ته جڏهن مذهب ذاتي عقيدي ۾ انتهائي گهرائي تائين موجود هوندو آهي ته ڪا به اهڙي شئي يا ڳالهه جيڪا ان عقيدي يا مذهب لاءِ چئلنج سمجهي ويندي هجي، ان کي عمومي طور تي خطرو يا هڪ طرح جي مخالفت سمجهو ويندو آهي
جيڪڏهن مان توهان جون اکيون هڪ اهڙي ڪتاب، جنهن کي توهان مقدس سمجهو ٿا، لاءِ کولڻ بدران توهان کي ڪنهن طرح سان ناراض ڪيو آهي يا توهان جي غصي کي وڌايو آهي ته مان توهان سان معذرت جو اظهار ڪيان ٿو
هڪ ڀيرو ٻيهر چوندس ته منهنجو مقصد توهان کي ناراض ڪرڻ نه پر سچ سامهون آڻڻ هو پوءِ اهو سچ جو رستو اسان کي ڪيڏانهن به کڻي وڃي
آخر ۾ جيڪڏهن توهان کي ان موضوع تي وڌيڪ معلومات گهرجي ته توهان جي سمٿ جي لکيل آرٽيڪلز جو جائزو وٺي سگھو ٿا، مون هي بلاگ لکڻ لاءِ به انهيءِ جي آرٽيڪلن جو حوالو استعمال ڪيو آهي

مسلم ۽ اسلامي وسيلا

سنڌي-Sindhi

Is the Qur’an sacred?

Leave a Reply