ڇا ڪعبو مقدس آهي؟

جيتوڻيڪ عربن جي مذهب ۾ الله جي بطور اسلام جي هڪ سچي خدا عبادت کي قبول ڪيو ويو آهي پر هو اڃا به ڪثرت پرستي جي پنهنجي ماضي جي عقيدت مندي مان جان نه ڇڏائي سگهيا آهن
ڪعبو مڪعب نما هڪ عمارت آهي جيڪا مڪي ۾ قائم آهي، ان کي اسلام جي انتهائي مقدس جڳهه سمجهو ويندو آهي پر اسلام جي اچڻ کان اڳ اها ئي عمارت بت پرستي جي مزار طور استعمال ٿيندي هئي
ان عمارت جي پيڙه يا بنياد جو پٿر هڪ شهابي پٿر آهي جنهن متعلق چيو وڃي ٿو ته اهو جنت مان آيو هو ۽ ان جي ڪاري رنگ بابت چيو ويندو آهي ته اهو انسان جي گناهن سبب آهي. اڄ مسلمان حج دوران عقيدت مندي يا عبادت طور ان پٿر کي چمي ڏيندا آهن
اسلام کان اڳ جي دور ۾، قديم عرب هڪ اهڙي مسلڪ جي اثر هيٺ هئا جنهن ۾ پٿرن سان خاص عقيدت جو اظهار ڪيو ويندو هو ۽ ان عقيدت تحت ڪاري رنگ جي پٿر کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي هئي ۽ پنهنجين رسمن ۾ انهن ئي ڪارن پٿرن کي استعمال ڪيو ويندو هو
اهي عرب پٿرن جا پڄاري هئا ۽ انهن پنهنجو هڪ عليحدو ڪعبو به تعمير ڪيو هو جنهن ۾ انهن هڪ ڪارو پٿر به جوڙيو هو ته جيئن هو عبادت ڪري سگهن
ڪعبي سان جڙيل هڪ عمل اهو به آهي ته رسم تحت ان عمارت جي چوڌاري چڪر لڳائبا آهن. ان عبادت ۾ چڪر لڳائڻ جو رجحان ڪيئن آيو ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اهي عرب قبيلا ستارن جي چال تحت يعني سج، چنڊ ۽ تارن جي حرڪت تحت گول دائري ۾ چڪر لڳائيندا هئا. ان عمل تحت اهي قبيلا ڪاري پٿر کي چمي به ڌيندا هئا ڇاڪاڻ ته انهن جو خيال هو ته ان ڪاري پٿر ۾ خدا يا روح موجود هوندا آهن. پٿر کي چمي ڏيڻ يا ان کي هٿ لائڻ بابت چيو ويندو هو ته ان سان رحمت نازل ٿيندي
ان سان گڏو گڏ ڪعبي جي ڪاري پٿر کان علاوه اهي عرب چنڊ ديوتا يعني هُبل جي به عبادت ڪندا هئا
عرب ثقافت جا ٻيا پهلو جن سان قديم بت پرستي جون روايتون جڙيل آهن انهن ۾ منيٰ ۾ پٿر اڇلائڻ، صفا ۽ مروا نالي ٽڪرين وچ ۾ ڊوڙڻ (جنهن جو مقصد اهو ڏيکارڻ آهي ته بت پرست 2 بتن جي وچ ۾ ڊوڙ پائيندا هئا) ۽ ”تعريف ڪرڻ“ جي روايت به شامل آهي
ايئن محسوس ٿو تئي ته عرب ثقافت مڪمل طور پنهنجي جان ماضي جي انهن بت پرستاڻي روايتن مان ناهي ڇڏائي سگهيو حالانڪه ان نئين نالي سان ۽ واحد پرستي جي جهنڊي هيٺان اچي اها ڪوشش ڪئي. مختلف رسمن کي هڪ سان ملائي ۽ عرب رسمن کي اسلام نالي مذهب ۾ شامل ڪرڻ جي فعل سان ان کي پاڪيزگي ملڻ بدران هي سڀ هڪ آميزو يا مڪسچر ٺهي ويو آهي جنهن ۾ ڪعبي نالي عمارت جو شامل ٿيڻ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته ان مذهب جي تعمير ۽ ان جي مذهبي ڍانچي ۾ نقص آهن
اگر اها ئي صورتحال آهي ته پوءِ آخر اسلام سچي مذهب طور پنهنجي منفرد سڃاڻپ پيدا ڪرڻ ۾ ڪيئن ڪامياب ٿيو؟ اها ڳالهه واضع آهي ته ان مذهب ۾ ڪافي شيون يهودي ۽ عيسائي مذهب مان حاصل ڪيون ويون آهن ۽ پاڻ کي بت پرستي واري پراڻي نظام جي رسمن ذريعي سجايو آهي
چا اهو واقعي سچو مذهب آهي يا وري مختلف رسمن ۽ مذهبن کي ملائي عبادت لاءِ هڪ مقامي مذهب ٺاهيو ويو ان سان گڏ ان ۾ مختلف عالمي راءِ به شامل ڪئي وئي؟
ڇا توهان اهڙي مذهب سان وفاداري ۽ اطاعت جو قسم کڻڻ لاءِ تيار آهيو جنهن پنهنجي ماضي جي مسلڪانه رسمن مان آزاد ٿي پاڪيزگي حاصل ناهي ڪئي؟ چا اسلام پاڻ کي سجائي ۽ ان ۾ بت پرستي کي ٻيهر منظم ڪري، تبديليون آڻي هڪ نئين پردي تحت پنهنجي تشهير پيو ڪري؟ شايد اسلام جي نقاب پويان جيڪا شئي لڪل آهي اهو هڪ مٿي وارو بت بمقابلو توتم خدائن جا بت آهن
هي بلاگ لکڻ مهل مون ان عنوان بابت ڪيترن ئي ذريعن کان حوالا گڏ ڪيا آهن ۽ مان ڪوشش ڪئي آهي ته هيءَ معلومات لکڻ مهل ايمانداري سان ۽ شفافيت سان جائزو پيش ڪيان
مان توهان کي درخواست ڪندس ته توهان هن مواد کي صرف اهو چئي رد نه ڪجو ته اهو بدنام ڪرڻ جي هڪ مهم جو هڪ حصو آهي. مان توهان جي حوصلي افزائي ڪرڻ ٿو چاهيان ته توهان پاڻ کليل دماغ سان ان مواد تي تحقيق ڪيو
هي بلاگ لکڻ وقت مان هڪ طرف مسلمانن تي غير ضروري تنقيد يا الزام بازي کان پاسو ڪندي اسلامي عقيدي لاءِ ۽ انهن شين لاءِ هڪ چئلنج رکيو آهي جن کي هو مقدس سمجهندا آهن. مان سمجهان ٿو ته منهنجا ڪيترائي مسلمان دوست خدا سان پنهنجي عقيدت ۽ نيازمندي جي معاملي ۾ پڪا ۽ مخلص آهن ۽ مان ان ڳالهه جو احترام ڪيان ٿو. ان باوجود مان صرف اهو چاهيان ٿو ته هو حقيقت تي مبني معلومات جو جائزو وٺن جيڪا انهن کي پنهنجي اطاعت ۽ وفاداري جي معاملي ۾ بهتر فيصلو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي
آخر ۾ اهو چوندس ته جيڪڏهن توهان مسلمان آهيو ته مان توهان جي حوصلي افزائي ڪندس ته توهان خداوند ڪريم کي التجا ڪريو ته هو توهان کي اسلامي عقيدي ۽ رسمن بابت درست راه ڏيکاري

مسلم ۽ اسلامي وسيلا

سنڌي-Sindhi

Is the Ka’ba sacred?

Leave a Reply