اسلامي راءِ ته بائبل ۾ تبديليون ٿي چڪيون آهن

عيسائين جي سوچ ۽ فڪر ۾ سڀ کان اڳ ۾ بائبل جي لٽريچر جي توثيق ڪرڻ آهي ۽ مان پهرين به 2 آرٽيڪل ان مضمون تي لکي چڪو آهيان؛ انهن مان هڪڙو آرٽيڪل ادبي راءِ تحت لکيل آهي جڏهن ٻيو آرٽيڪل تاريخي نقطه نظر کان، جنهن ۾ مون بائبل کانسواءِ به ذريعا ۽ حوالا پيش ڪيا آهن ته جيئن هن جي دعوائن کي ثابت ڪري سگهجي. اهي آرٽيڪل هيٺ ڏنل ويب لنڪ تي پڙهي سگهجن ٿا

jesusandjews.com/wordpress/2010/02/03/is-the-bible-reliable/
jesusandjews.com/wordpress/2014/01/19/does-archaeology-disprove-the-bible/

انهن بلاگس ۾ ٻيا نقطا پيش ڪرڻ کانسواءِ، مان سمجهان ٿو ته ڪجهه ٻيا به اهڙا عنصر آهن جن تي غور ڪرڻ ان وقت ضروري آهي جڏهن بائبل جي صداقت ۽ ساک تي سوال اٿاريا وڃن ٿا. جهڙوڪ خدا هر ان ماڻهو کان حساب وٺندو جيڪو هن جي ڪلام سان ڇيڙ ڇاڙ ڪندو يا مذهبي صحيفن ۾ تبديلي جي ڪوشش ڪندو (حوالو استثنا باب نمبر 4 آيت نمبر 2 ۽ مڪاشفه باب نمبر 22 آيت 18) ۽ ان سان گڏو گڏ اهو به ڏسڻ گهرجي ته دوکو ڏيڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ يا ڪوڙي گواهي ڏيڻ عيسائيت جي بنيادي اخلاقي معيار جي ڀڃڪڙي آهي. تنهنڪري اگر ڪنهن جي فعل کي نفسياتي يا روحاني نظريي کان ڏسجي ته اهو سوچي به نه ٿو سگهجي ته هڪ اهڙو پڪو ايمان وارو مسودو تبديل ڪرڻ جي جرات ڪندو
ان سڄي سازشي نظريي ۾ هڪ ٻي طرح سان به ساک جي کوٽ آهي ته اها ڳالهه سمجهه کان بالاتر آهي ته ماڻهو ان ۾ ترميم ڪندا ۽ بظاهر متضاد بيان يا قياس آرائي نظر ايندڙ اهڙن بيانن کي تبديل نه ڪندا جيڪي ٻي صورت ۾ بائبل جي مواد کي ناموزون يا مشڪوڪ بڻائي سگهن ٿا
ان کانسواءِ اهو به ڏسڻ گهرجي ته قديم عهدنامو يا تنخ جا نگهبان يهودي آهن جڏهن ته جديد عهد نامي جي نگهباني گهڻي ڀاڱي غير يهودين وٽ آهي. ان ڳالهه جو امڪان بالڪل ناهي ته اهي ٻئي گروپ پنهنجا مسودا تبديل ڪن ڇاڪاڻ ته ٻنهي وٽ موجود مواد هڪ جهڙو ئي آهي. حالانڪه بحيره مردار مان ملندڙ مقدس پنا، جيڪي تقريبن هڪ هزار سال پراڻا آهن، به بائبل جي ساک جي گواهي ڏين ٿا
خير، مون کي ان ڳالهه جي سمجه آهي ته مخالف راءِ رکندڙ گروپن لاءِ بائبل ۾ تبديلين جا دعويٰ ڪرڻ جي راءِ رکڻ ضروري آهي ٻي صورت ۾ اهڙا گروپ عالمي منظر نامي ۾ پنهنجو وجود برقرار رکي نه سگهندا تنهنڪري هڪ اهڙي تحريڪ جو هئڻ ضروري آهي جيڪا تعصب جي بنياد ۽ ان غلط راءِ تي قائم هجي ته مقدس ڪتاب ۾ تبديليون ٿي چڪيون آهن ۽ ان کي درست بدران غلط ثابت ڪجي. آخر ڪار جڏهن انهن کان پڇجي، ته بائبل ڪنهن تبديل ڪئي، اها تبديلي ڪڏهن ڪئي وئي ۽ ان ۾ ڪهڙيون تبديليون ڪيون ويون، ته سڀ واضع ٿي ويندو. هن وقت انهن سڀني الزامن جو ڪو به مناسب جواب ناهي ڇاڪاڻ ته انهن 3 سوالن جو جواب ۽ تبديلي يا ڇيڙ ڇاڙ جا ثبوت موجود ناهن
مان اهو به نه ٿو سمجهان ته قرآن ذريعي بائبل جي مقدس صفحن کي رد ڪرڻ جو ڪو جواز ڪڍي سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته قرآن ۾ به خدا جي ڪلام جي تصديق هيٺ ڏنل سورتن ۾ ڪئي وئي آهي سورت نمبر 2 آيت 87، سورت نمبر 3 آيت 3، سورت 4 آيت 163، سورت 5 آيت 46 ۽ 47، سورت 5 آيت 68، سورت 10 آيت 94
تنهنڪري، قرآن بيان فرمائي ٿو ته انجيل، زبور ۽ توريت خدا جو ڪلام آهن جنهن کي تبديل نه ٿو ڪري سگهجي، منهنجن مسلمان دوستن وٽ پنهنجن مقدس ڪتابن ۾ اهڙي ڪا ٺوس دليل ناهي جنهن سان بائبل جي درستگي تي شڪ ڪري سگهجي. وڌيڪ اهو ته جيڪڏهن خدا جي ڪلامن توريت، زبور ۽ انجيل ۾ تبديلي ممڪن هجي ها ته قرآن به خدا جو ڪلام آهي ۽ تبديلي جو امڪان ان تي به لاڳو ٿئي ٿو
درحقيقت خدا جي ڪلام ۾ تبديلي ممڪن نه هئڻ بابت قرآن جي راءِ موزون ۽ مناسب آهي ۽ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته خود مختار ۽ هر جڳهه تي موجود خدا هر وقت پنهنجي ڪلام جي حفاظت نه ڪري سگهي ؟
آخر ۾، جيڪڏهن قرآن موجب بائبل محمد جي وقت تائين درست هئي ته اها ڳالهه مسلمانن لاءِ هڪ مسئلو بڻجي ويندي جيڪو بائبل جي تبديل ٿيڻ جو الزام مڙهي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته دستاويزي ثبوت ۽ چرچ جي اڳوڻي سربراهن (فادرز) جي چوڻين ۾ هڪ جهڙائي آهي جنهن سان ثابتي ملي ٿي ته سئو سالن جي عرصي ۾ به بائبل ۾ تبديلي ناهي آئي. تنهنڪري مسلمانن جي راءِ موجب اهو چوڻ، ته بائبل ۾ تبديلي ٿي چڪي آهي، محمد جي نبي هئڻ تي شڪ ڪرڻ برابر آهي ڇاڪاڻ ته قرآن ۾ بائبل جي درستگي ۽ ان جي مجاز هئڻ جي شاهدي ڏنل آهي

مسلم ۽ اسلامي وسيلا

سنڌي-Sindhi

An Islamic view that the Bible has been corrupted

Permission granted by David Woods for excerpts taken from the article on “ Muhammad and the Messiah” in the Christian Research Journal Vol.35/No.5/2012

Leave a Reply