اسلام ۾ ايمانداري

اسلامي تعليمات تي عمل دوران سچائي هڪ اهڙي نيڪي آهي جنهن کي تقيه، معاملا لڪائڻ ۽ منسوخيءَ جهڙن فعلن سان نقصان پهتو آهي
تقيه تحت اسلام ڦهلائڻ يا ان جي چڱائي کي بچائڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهايو ويندو آهي
ان ۾ ضرورت محسوس ٿيڻ تي ۽ ڪنهن طرح جو خطرو هئڻ يا زخمي هئڻ جي خطري تحت مذهبي ضرورتن يا مذهبي اصولن کي معطل ڪرڻ، بشمول مذهب کان انڪار ڪرڻ جي به اجازت آهي ۽ ان جي منظوري قرآن جي سورت نمبر 16 آيت نمبر 106 ۾ به ڏنل آهي
ان ۾ ڪوڙيون قسمون کائڻ ۽ حلف کڻڻ جي به اجازت هوندي آهي ۽ ان فعل کي مسلمان مبلغ ان وقت به استعمال ڪندا آهن جڏهن هو قرآن جي ڪجهه حصن کي لڪائڻ يا انهن کان انڪار ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪندا آهن ته جيئن اسلام جي جواز ۽ ان جي ڦهلاءُ جو رستو هموار ڪري سگهجي
ان کانسواءِ مون کي شڪ آهي ته ان ئي سبب ڪري منهنجا مسلمان دوست عيسائيت جي نظريي بابت غلط فهمي رکندا آهن
وڌيڪ اهو ته بگاڙ (ايبروگيشن) جي نظريي کي ان لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي ته جيئن پراڻي وحي جي جاءِ تي نئين وحي آڻي سگهجي ۽ ان باوجود به جيڪڏهن قرآن حڪم الاهي جي درست نقل آهي ته ان ۾ لفظن کي تبديل ڪيئن ٿو ڪري سگهجي. وڌيڪ اهو ته انهن بگڙيل يا منسوخ ڪيل آيتن جو حوالو اڪثر ڏنو ويندو آهي جنهن سبب هيرا ڦيري طور ابهام ۽ بهاني جو گمان ٿيندو آهي. ۽ اهو سڀ تقيه جو حصو آهي. ان سبب هڪ مسلمان شخص ڪنهن به مباحثي ۾ ضرورت محسوس ٿيڻ تي ۽ پنهنجي فائدي لاءِ ٻنهي پاسي راند کيڏي سگهي ٿو
جيڪڏهن اهڙا عمل مذهب جو حصو هجن ته هڪ مخلص مسلمان عقيدت مند کي اهو يقين ڪيئن ٿو ڏياري سگهجي ته هن کي سچ ٻڌايو ويو آهي؟ ان کانسواءِ انهن کي اها پڪ ڪيئن آهي ته عيسائيت ڪوڙ تي ٻڌل آهي؟ جيڪڏهن قرآني آيتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري سگهجي ٿو ته اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته جن ڳالهين لاءِ عيسائين ۽ يهودين کي بائبل جي سنڀار نه لهڻ يعني ”تحريف“ بابت قصوروار قرار ڏنو ويندو آهي اهي سچ هجن. افسوس جي ڳالهه ته اها آهي ته پهريائين عيسائيت جي مقدس ورقن جي قرآني آيتن ۾ تصديق ڪئي وئي پر بعد ۾ انهن سورتن ۽ آيتن کي بگاڙيو ويو حالانڪه اها به حقيقت آهي ته ان معاملي ۾ بائبل جي ابتدائي ۽ آخري مسودي ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي. تنهنڪري ان بگاڙ بابت يا ته اهي درست هئا يا غلط پر بائبل ۾ تبديلي جو ڪو طريقو ئي نه هو ڇاڪاڻ ته اسلام اچڻ کان اڳ ئي بائبل بابت اهڙا ڪيترا ئي دستاويز هئا جيڪي جديد ترجمي جي حساب سان بالڪل درست هئا ۽ انهن کي ڀيٽائي چڪاس ڪري سگهجي ٿي ته ڪا به تبديلي نه ٿي. انهن دستاويزن ۾ اسلام جي دور کان اڳ جا قديم چرچ جي پادرين جا اهي دستاويز به شامل آهن جن ۾ انهن الهامي دستاويزن جا حوالا به پيش ڪيا ويا آهن جن جو ذڪر پهريائين ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن تبديلي يا ڦيرڦار ڪرڻي هجي ها ته اسلام جي اچڻ کان اڳ ئي بائبل جي انهن حصن ۾ تبديلي ٿي چڪي هجي ها. نه صرف اهو پر ڇا توهان سمجهو ٿا ته عيسائين ۽ يهودين لاءِ اهو ممڪن هو ته هو گڏجي ويهي پراڻي عهد نامي (تنخ) ۽ نئين عهد نامي ۾ تبديليون ڪن! ۽ اڄ جي صورتحال اها آهي ته اهي ٻئي عهد ناما لازمي طور هڪ جهڙا ئي آهن. ان بابت مون هڪ آرٽيڪل لکيو آهي جيڪو هن لنڪ تي پڙهي سگهجي ٿو

jesusandjews.com/wordpress/2010/02/03/is-the-bible-reliable/

اهو سڀ پڙهڻ باوجود جيڪڏهن توهان پنهنجي سوچ تي قائم آهيو ته ان سوال جو جواب ڏيو ته خاص طور تي اهو ڪير هو جنهن مقدس ورقن کي تبديل ڪيو ۽ ڪهڙا ورق تبديل ڪيا ويا ۽ اهو سڀ ڪڏهن ٿيو؟ وڌيڪ اهو ته اسلامي سوچ کانسواءِ ڇا توهان وٽ ان ڳالهه جو ڪو ثبوت آهي جيڪو توهان جي راءِ کي درست ثابت ڪري سگهي؟
آخر ۾ اهو نتيجو اخذ ڪنداسين ته تقيه، لڪائڻ يا بگاڙڻ جو نظريو هڪ اهڙي سهولت آهي جنهن ۾ خدا ۽ سچي مذهب جي جعلي شبيهه پيش ڪئي وئي آهي ۽ ان لاءِ اهڙا طريقا اختيار ڪيا ويندا آهن جيڪي عقيدي جي نظام سان مطابقت نه ٿا رکن
ڇا توهان پنهنجي روح کي يا پنهنجي پاڻ کي اهڙي عقيدي جي عالمي نظريي لاءِ وقف ڪري سگهو ٿا جيڪو اهڙي طرح جي جعلسازيءِ جو سهارو وٺندو هجي؟

مسلم ۽ اسلامي وسيلا

سنڌي-Sindhi

Honesty in Islam

Beyond Opinion, Sam Soloman Ch.4, Copyright 2007, published in Nashville Tennessee, by Thomas Nelson

Leave a Reply