يسوع جي الهاميت ۽ اسلام

يسوع مسيح جي قد کي ڏسندي ڪو به شخص پهريائين ان ڳالهه جو فيصلو ڪري ته بائبل سٺي ساک رکندڙ وسيلو آهي يا نه. تنهنڪري مون اهو آرٽيڪل لکيو آهي ته جيئن مسلم پهلو کي نظر ۾ رکندي نئين عهد نامي جي قابل ڀروسو هئڻ کي بيان ڪري سگهجي

اسلامي راءِ ته بائبل ۾ تبديليون ٿي چڪيون آهن

عيسيٰ جي الهاميت جي ان سڄي معاملي ۾ اها ڳالهه وڌيڪ اهم ناهي ته بائبل ۾ ڇا لکيل آهي جنهن سبب اهو سڄو معاملو تنازعي وارو ٿئي ٿو، پر اهو قرآن جي سورت نمبر 5 جي آيت نمبر 116 جو غلط تاثر آهي جنهن ۾ اهو تاثر پيش ڪيو ويو آهي ته تثليت (ٽرنيٽي) ۾ الله، يسوع مسيح ۽ بي بي مريم شامل آهن. هي هڪ اهڙو تاثر آهي جنهن جي حمايت بائبل ڪئي آهي ۽ نه ئي راسخ العقيدي واري عيسائيت. ان بدران تثليت جي نظريي ۾ هميشه پيءُ، پُٽ ۽ پاڪ روح جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن توهان پيءَ ۽ پٽ بابت بائبل ۾ ٻڌايل تمثيلي لفظن جي معنيٰ صحيح طريقي سان سمجهڻ چاهيو ٿا ته ان بابت مون هڪ عليحده آرٽيڪل لکيو آهي جنهن ۾ ان نظريي جو تفصيل بيان ڪيل آهي

يسوع مسيح خدا جو پُٽ آهي

ڪنهن به طرح سان ڏسجي، جيڪڏهن بائبل متاثر ڪندڙ مواد جي حيثيت سان انتهائي حد تائين درست آهي ته پوءِ يسوع مسيح جا چيل لفظ ۽ بشارتون هن جي الهامي هئڻ جو ثبوت آهن. شروعات ۾ اها ڳالهه مشاهدو ڪندڙن يا ان معاملي ۾ شڪ ڪندڙن لاءِ واضع نه به ٿي سگهي ٿي پر ان سان اها ڳالهه به واضع نه ٿيندي جنهن تحت مسلمان هن کي مسيحا سمجهندا آهن. عام قياس کان برعڪس، يسوع مسيح پاڻمرادو اهو نه چيو آهي ته هو ڪنهن به طرح جو مسيحائي درجو رکي ٿو حالانڪه اها ڳالهه هن جي ڪردار تي بالڪل ٺهڪي اچي ٿي (حوالو متن؛ باب نمبر 11 آيت نمبر 2 کان 6). وڌيڪ اهو ته هن ان ڳالهه تي به مزاحمت نه ڪئي ته هن کي بادشاه چيو ويو (حوالو يوحنا باب نمبر 6، آيت نمبر 14 ۽ 15) ۽ اهو تاثر به ملي ٿو ته هن دنياوي بادشاهت کي ٺڪرايو ۽ چيائين ته هن جي بادشاهت دنياوي يا دنيا جي نظام تي مشتمل ناهي (حوالو يوحنا باب 18، آيت نمبر 36 ۽ 37). صرف ان وقت جڏهن هن جي دشمنن هن خلاف عدالتي ڪارروائي ڪئي ته هن باقاعدي اعتراف ڪيو ته هو عيسيٰ يا مسيحا آهي (حوالو لوقا باب نمبر 22، آيت نمبر 66 کان 71) وڌيڪ اهو ته جيتوڻيڪ بپتسمو ڏيندڙ يوحنا خدا جي راه هموار ڪرڻ آيو، يسوع پاڻ تبليغي مهم تي صرف پنهنجي الهامي حيثيت کي وڌائڻ لاءِ نه ويو پر ان موقعي تي هن جو بنيادي مشن انڪساري سان خدمت ڪرڻ هو، خدمت ڪرائڻ نه (متن باب 20 آيت 28). اهو صرف هڪ نجي ملاقات ۾ هو ته هن پنهنجن پيروڪارن کي پنهنجي اصل سڃاڻپ ڪرائي اهو به ايئن نه ته هن واضع لفظن ۾ سڀ ٻڌايو بلڪه هن هڪ کليل سوال ڪيو ته اهي هن کي عيسيٰ ڇو ٿا سمجهن، ان جو مقصد اهو هو ته هو صرف انساني شهادت تي دارومدار نه رکن پر خدا (پيءُ) ۽ پاڪ روح طرفان ڏنل سوچ سمجه استعمال ڪري صرف سچ بيان ڪن. متن باب 16 آيت نمبر 13 کان 20، يوحنا باب 6، آيت نمبر 44، يوحنا باب 16 آيت 13. آخر ۾ هو انهن کي ٻڌائي ٿو ته هو اها ڳالهه في الحال ڪنهن سان نه ڪن
ممڪن آهي ته توهان کي اها ڳالهه ٻڌي حيرت ٿيندي هجي ته جيڪي ڪجهه عيسيٰ پنهنجي متعلق انڪشاف ڪيو اهو بعد ۾ لڪائڻ جي تلقين ڇو ڪيائين، ان جو سبب اهو هو ته هو اهو ڏسڻ پيو چاهي ته هن جا دشمن ڪير آهن تيستائين جو ڌرتي تي هن جو وقت پورو ٿيو ۽ اهو طئي ٿي چڪو هو ته هو انهن کي جيڪا به ڳالهه چوندو ان جو انهن تي ڪو اثر نه پوندو ۽ اها ڳالهه هن جي خلاف استعمال ڪئي ويندي ڇاڪاڻ ته هو هن جي شاهدي کي رد ڪري رهيا هئا ۽ سچ ڏسڻ بدران هن کي ڏوهاري قرار ڏيئي رهيا هئا. تنهنڪري سچائي وارو اهو انڪشاف صرف ۽ صرف هن جي اصل ۽ سچي پيروڪارن لاءِ ئي هو ڇاڪاڻ ته يسوع تي يقين نه رکندڙن کي خدا انڌو ڪري ڇڏيو هو ۽ هو اهو سچ ڏسي نه سگهيا، هو ٻوڙا ٿي ويا ته جيئن سچ ٻڌي به نه سگهن. يسوع مسيح پنهنجا موتي جهڙا لفظ ناپاڪ ڪتن ۽ سوئرن کي ڏيڻ مناسب نه سمجهو. درحقيقت اها سڄي ڳالهه بائبل جي سچي هئڻ جي تصديق ڪري ٿي ته جيڪڏهن يسوع مسيح جي الهاميت کي ثابت ڪرڻ لاءِ عيسائين کي بائبل ۾ تبديليون يا ڪنهن به طرح جي هيرا ڦيري ڪرڻي هجي ها ته هو روحاني بشارتن جهڙيون بهترين جعلي ڪهاڻيون به ٺاهي سگهيا ٿي
هاڻي اچو ته اهو ڏسون ته پوئلڳن پاران ٻڌايل واقعن ۾ يسوع مسيح جي ڪردار ۽ هن جي طبعيت بابت اسان کي ڪهڙي ڄاڻ ملي ٿي ته جيئن ان راءِ بابت اسان جو ڪو تاثر قائم ٿي سگهي ته پنهنجي چيل لفظن ۽ ڪيل ڪمن مطابق هو الهامي هو
ڳالهه شروع ڪندي اسان پهريون حوالو يوحنا جي باب نمبر 8 آيت نمبر 58 جو ڏينداسين جنهن موجب يسوع مسيح پهريون ڀيرو پنهنجي لاءِ خدا جو ذاتي ڏنل نالو استعمال ڪيو جهڙي ريت عبراني صحيفن يا توريت ۾ لکيل آهي ته ”مان آهيان
هن پنهنجي سڃاڻپ تمام انسان ذات جي جج طور به ڪرائي، متي باب 25 آيت نمبر 31 کان 46

يوحنا باب نمبر 9 آيت 38
هن چيو اي خدا مون ايمان آندو ۽ هن سجدو ڪيو

متي باب نمبر 14 آيت 33
۽ جيڪي به ٻيڙي تي موجود هئا انهن هن کي سجدو ڪري چيو ته بالڪل تون خدا جو پُٽ آهين

متي باب نمبر 28 آيت نمبر 9 ۽ 10
 ۽ ڏسو، يسوع انهن سان ملاقات ڪئي ۽ چيائين سلام، اهي هن وٽ آيا ۽ هن جي پيرن تي ڪري پيا ۽ هن جي عبادت ڪيائون
 اهو ڏسي يسوع چيو ته ڍڄو نه، وڃو ۽ منهنجي ڀائرن کي چئو ته هو گليل وڃن ۽ اتي هو مون کي ڏسندا

متي باب نمبر 28 آيت نمبر 16 کان 20
 ۽ 11 شاگرد گليل جي ان پهاڙ تي ويا جيڪو يسوع انهن لاءِ مقرر ڪيو هو
 ۽ جڏهن انهن هن کي ڏٺو ته سجدو ڪيائون پر ڪجهه هن تي شڪ ڪيو
 يسوع ويجهو اچي انهن سان ڳالهيون ڪيون ۽ چيائين ته آسمان ۽ زمين جو سمورو اختيار مون کي ڏنو ويو آهي
 هاڻي توهان وڃو ۽ سڀني قومن کي شاگرد ٺاهيو ۽ انهن کي پيءُ پٽ ۽ پاڪ روح جي نالي سان بپتسمو ڏيو
 ۽ انهن کي تعليم ڏيو ته انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن جن جي هدايت مون توهان کي ڏني آهي ۽ ڏسو مان دنيا جي آخر تائين توهان سان گڏ آهيان

مرقس باب نمبر 2 جي آيت نمبر 1 کان 12 ۽ لوقا جي باب نمبر 7 جي آيت نمبر 40 کان 50 ۾ هن دعويٰ ڪئي آهي ته هن کي گناه معاف ڪرڻ جي طاقت آهي
هن پنهنجي پهريائين وجود جواعلان ڪيو ۽ دنيا جي شروعات کان اڳ پنهنجي جلال جو ذڪر ڪيو

يوحنا باب 16 آيت 28
مان پيءَ مان پيدا ٿيس ۽ هن دنيا ۾ آيس، ۽ هاڻي دنيا ڇڏيان ٿو ۽ پيءَ وٽ وڃان ٿو

يوحنا باب 17 آيت 5
۽ هاڻي اي والد (پي)، تون ان جلال سان جيڪو مان دنيا ۾ پيدا ٿيڻ کان اڳ توسان رکندو هيس، مون کي پاڻ سان جلالي ٺاهي ڇڏ

لوقس جي باب 2 آيت 28 ۽ متي جي باب 22 آيت 41 کان 45 ۾ يسوع پاڻ کي سبت جو بادشاه قرار ڏنو ۽ شاه دائود جو بادشاه قرار ڏنو آهي. ڪيترن ئي مثالن ۾ عبراني سوچ تحت آقائيت جو نظريو هڪ اهڙي الهامي شخصيت جي راءِ پيش ڪري ٿي جنهن ۾ سڄي بائبل ۾ خدا يا آقا جهڙا لفظ هڪ ٻئي جي جاءِ تي استعمال ڪيا ويا آهن ۽ انهن کي هڪ ٻئي جي جاءِ تي تبديل به ڪري سگهجي ٿو ۽ اهو ئي طرز يوناني توريت ۽ عبراني تنخ ۾ اختيار ڪيو ويو آهي. ان سان گڏو گڏ، راسخ العقيده يهودي جڏهن به آقا (ادونائي) جو حوالو ڏيندا آهن ته ان جي جاءِ تي خدا جو لفظ به استعمال ڪندا آهن

مرقس باب 2 آيت 28
تنهنڪري ابن آدم سبت جو مالڪ به آهي

متي باب 22 آيت 41 کان 45
 ۽ جڏهن فريسي گڏ ٿيا ته يسوع انهن کي پڇيو
 ته توهان مسيح جي حق ۾ ڇا ٿا سمجهو؟ هو ڪنهن جو پٽ آهي؟ انهن هن کي چيو دائود جو
 هن انهن کي چيو ته پوءِ دائود روح جي هدايت سان هن کي خدا ڇو چوندو آهي ته
 خدا منهنجي خدا کي چيو ته منهنجي ساڄي پاسي ويهه جيستائين آئون تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان نه آڻي ڇڏيان
 جيڪڏهن دائود هن کي خدا چوندو آهي ته هو هن جو پٽ ڪيئن ٿيو؟

متي باب 7 آيت 21 کان 23
 جيڪي به مون کي اي خدا اي خدا چوندا آهن انهن مان هر هڪ آسمان جي بادشاهي ۾ داخل نه ٿيندو، صرف اهي ئي جيڪي منهنجي آسماني والد جي مرضي موجب هلندا آهن
 ان ڏينهن ڪيترائي ماڻهو مون کي چوندا ته اي خدا اي خدا ڇا اسان تنهنجي نالي سان نبوت ناهي ڪئي ۽ تنهنجي نالي سان بد روحن کي ناهي ڪڍيو ۽ تنهنجي نالي سان ڪيترائي معجزا ناهن ڏيکاريا؟
 ان وقت مان انهن کي صاف صاف ٻڌائيندس ته منهنجي ڪڏهن به توهان سان واقفيت ناهي رهي، بدڪارو، مون کان پري هليا وڃو

يوحنا باب 13 آيت 13
توهان مون کي استاد ۽ خدا چئو ٿا، بالڪل ٺيڪ چئو ٿا، ڇاڪاڻ ته مان آهيان

يوحنا جي پهرئين باب جي مطابق، يسوع کي خدا جو درجو ڏنو ويو آهي جيڪو دنيا جي وجود کان اڳ ئي جلال رکندو هو
جيتوڻيڪ يسوع ڪيترائي ڀيرا پنهنجي تڪشف کي گهٽ کان گهٽ ڏيکاري خال ۾ ڪم نه ڪيو ۽ پنهنجي دشمنن آڏو پنهنجي سڃاڻپ نه ظاهر ڪئي جن ڪيترن ئي موقعن تي عوامي راءِ کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن هو پنهنجي مقصد کان هٽي وڃي ڇاڪاڻ ته هو هن جي خدا سان روحاني مساوات جي چڙ ڏياريندڙ دعوائن خلاف احتجاج ڪندا هئا. يوحنا باب 5 آيت 17 ۽ 18. مرقس باب 2 آيت 5 کان 7

آخر ۾، صحيفن مطابق، يسوع هڪ ماڻهو يا نبي جي درجي کان به مٿانهون هو ۽ ان ۾ انهن ڳالهين جو خيال رکڻ گهرجي ته ڪنهن به حد کان پار ٿي هن جي انسانيت لاءِ خدمت بابت هن پاڻ ۽ ٻين ماڻهن هن بابت ڇا چيو.
آئون توهان کان اهو سوال ڪندس ته اگر بائبل قابل ڀروسو آهي ته توهان سنجيدگي سان انهن آيتن تي غور ڪريو جيڪي يسوع جي سچي هئڻ جي گواهي ڏين ٿيون ۽ صرف ان لاءِ انهن کي رد نه ڪريو جو اهي توهان جي مذهب تحت ٺهڪي نه ٿيون اچن ۽ غلطي سان ان ڳالهه کان انڪار ڪيو ويندو آهي ته بائبل ۾ اڪثر اهڙا ئي دعويءِ ڪيا وڃن ٿا. ٻي صورت ۾ توهان پاڻ کي انهن منافقن جي فهرست ۾ بيٺل محسوس ڪندئو جيڪي يسوع سان بيٺل هئا جن يسوع کي مسيحا قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، انهن يسوع جي روحاني گواهي ۽ لفظن تي ايمان آڻڻ ۽ يقين ڪرڻ بدران انسان جي شڪل ۾ مسيحي کي مڃڻ کان انڪار ڪيو. يوحنا باب 1، متي باب 7 آيت نمبر 24 کان 27

مسلم ۽ اسلامي وسيلا

سنڌي-Sindhi

The Divinity of Jesus and Islam

Permission granted by David Woods for excerpts taken from the article on “ Muhammad and the Messiah” in the Christian Research Journal Vol.35/No.5/2012

Leave a Reply