ڇا محمد ڪوڙو نبي آهي؟

ڇا محمد ڪوڙونبي آهي؟ اهڙا ڪيترائي مذهب ۽ مسلڪ آهن جن ۾ اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هڪ شخص ذريعي وحي نازل ٿيندي هئي ۽ اهو ماڻهو ثالث يا معتدل گر هوندو هو. ان باوجود اسان کي اهو ڏسڻ گهرجي ته انهن مان ڪهڙيون حالتون ناقابل ترديد حد تائين درست آهن ۽ ڪهڙيون ڳالهيون ڪوڙيون ۽ ڏند ڪٿائون آهن. خدائي وحي جي نزول جي دعويٰ ڪير به ڪري سگهي ٿو پر ڪنهن موقعي تي انهن دعوائن کي چئلنج ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن جي صداقت جي تصديق ڪري سگهجي ۽ ڇا اهي دعوائون سچ جي ترازو ۾ وزن ۽ تنقيد برداشت ڪري سگهن ٿيون يا نه.شهادت اوتري ئي چڱي هوندي آهي جيتري گواه يا ماڻهو جي ساک. جيڪڏهن توهان ڪنهن ماڻهو کي عدالت ۾ جائز گواه طور پيش ڪندا آهيو ته سڀ کان پهريائين هن جي قابليت جو جائزو ورتو ويندو آهي
ڇا ان گواه جي ڪردار کي ڏسندي ان جي شاهدي کي قابل اعتماد قرار ڏيئي سگهجي ٿي يا ان گواه کي غير موزون گواه قرار ڏبو
منهنجي راءِ ۾ سڀ کان پهريائين جنهن ڳالهه جو جائزو آئون وٺندس اها مذهبي تحريڪ، جنهن کي اسلام جو نالي ڏنو ويو آهي، جي خالق ۽ ان جي باني جو ڪردار آهي
محمد هڪ اهڙو ماڻهو هو جنهن پاڻ کي مراقبي ۽ مذهبي معاملن جي سوچ ويچار لاءِ وقف ڪيو هو. ان سبب هن جو واسطو هڪ روحاني مخلوق سان پئجي ويو جنهن کي هن ممڪنه طور تي جن سمجهو. انهيءَ صورتحال هن تي ايترو ته دٻاءُ وڌو جو هن 2 ڀيرا خودڪشي جي ڪوشش ڪئي ۽ هن کي اها خبر ڪونه هئي ته ان وحيءَ سبب ماڻهو هن کي شاعر سمجهندا يا ڪو چريو ماڻهو. ان کانسواءِ اسلام جا اڳوڻن ذريعن مان خبر پوي ٿي ته جنهن وقت هن تي سورت نمبر 53 نازل ٿي ان وقت هو شيطان جي اثر ۾ هو ۽ ان سبب مان اهو سوال پڇڻ تي مجبور آهيان ته ڇا هن جو خدائي تحريڪ جون دعوائون سچ آهن يا نه. وڌيڪ اهو ته هڪ موقعي تي محمد پنهنجي زندگي ۾ چيو هو ته هو ڪنهن جادوئي اثر جو شڪار ٿيو هو جنهن جو اثر هڪ سال تائين برقرار رهيو ۽ ابن اسحٰق جو چوڻ آهي ته ان هڪ سال جي عرصي دوران محمد شيطان جي اثر ۾ هو جڏهن ته بخاري مطابق ان هڪ سال دوران محمد مغالطي ۾ مبتلا رهيو
مجموعي طور تي اسان کي محمد جي ذاتي زندگي، بيان ۽ ڪردار ۾ به ڪيترائي تضاد نظر اچن ٿا. جڏهن به هن کي پنهنجو فائدو نظر آيو ۽ هن پنهنجي عقيدي کي ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي، هن فوجي حملن ۽ فتح کي طاقت ۽ داٻي طور استعمال ڪيو. هي هڪ اهڙو مذهب هو جنهن ان صورت ۾ جهاد يا مقدس جنگ جي ابتدائي صورت اختيار ڪئي ته جيئن پنهنجو اثر رسوخ ۽ ڪنٽرول برقرار رکي سگھجي ۽ اڄ جي دور ۾ به اسلام جي اهائي حڪمت عملي آهي. اسلام خون وهائڻ سان شروع ٿيو ۽ اڄ تائين اهو سلسلو جاري رهيو. تنهنڪري اسان کي جيڪو مذهب اڄ اسلام جي صورت ۾ نظر اچي رهيو آهي ان جو ڦهلاءَ پيار جي انساني جذبي تحت نه پر انسان جي چالاڪي جي خصوصيت سان ڦهليو جيڪو انسانيت جي تباهي ۽ ان جي استحصال تي ختم ٿئي ٿو
طاقت جي غلط استعمال سان گڏ، محمد جو جنسي رويو به قابل احتساب آهي جنهن ۾ هن عائشه نالي ننڍڙي ٻارڙي جو فائدو حاصل ڪيو ۽ هن سان شادي ڪيائين ۽ هن جي بلوغيت جي عمر تائين پهچڻ کان اڳ ئي جنهن وقت هوءَ 9 سالن جي هئي، هن سان ازدواجي رشتو قائم ڪيائين. محمد هڪ کان وڌيڪ شادين جي به حمايت ڪئي آهي، پر مشڪوڪ انداز سان نازل ٿيل هڪ وحي تحت پاڻ 9 شاديون ڪيائين حالانڪه قرآن جي سورت نمبر 4 آيت نمبر 3 ۾ پابندي مڙهي صرف 4 شادين جي اجازت ڏني وئي آهي. هڪ ٻيو معاملو زينب سان شرمناڪ انداز ۾ شادي جو آهي جنهن ۾ هن جي پُٽ زيد زينب کي طلاق ڏني ته جيئن محمد هن سان شادي ڪري سگھي. ان جو سبب هي هو ته محمد اوچتو زينب کي ان وقت اگهاڙو ڏسي ورتو هو هڏهن هو بي مهل پنهنجي پُٽ زيد سان ملاقات لاءِ هن جي گهر پهتو ۽ هن جا جنسي جذبا جاڳي پيا. ان کانسواءِ مسلمان باندي بڻيل عورتن سان بنا شادي جي جنسي لاڳاپا قائم ڪري سگهن ٿا پوءِ ڀلي انهن باندي عورتن جا مڙس جيئرا ڇو نه هجن. محمد پنهنجي پوئلڳن کي طوائفيت جي هڪ قسم يعني متعه جي به اجازت ڏني، جنهن تي اڄ به عمل جاري آهي، جنهن ۾ ڪو به مسلمان جنسي تعلق رکڻ لاءِ رقم ادا ڪري سگهي ٿو، ڪنهن عورت سان مختصر وقت لاءِ شادي ڪري پوءِ هن عورت کي طلاق ڏيئي سگهي ٿو. ان کانسواءِ محمد عورتن جي حقن جي ڀڃڪڙي طور مسلمانن کي اجازت ڏني ته هو پنهنجن زالن کي، ضرورت موجب، هلڪي مار ڪٽ ڪري سگهن ٿا
اها صورتحال بيان ڪري، آئون اسلام جي وڌيڪ جرح نه ڪندس ته جيئن اهو معلوم ڪري سگهجي ته هي هڪ اهڙو مذهب آهي جنهن جو بنياد هڪ اهڙي شخص وڌو جنهن جي پنهنجي ساک مجروح ۽ ڪردار قابل احتساب آهي
تاريخ ۾ اهڙا ڪيترائي ماڻهو آهن جن پنهنجن مقصدن ۽ منصوبن جي پورائي لاءِ سياسي يا مذهبي پليٽ فارم استعمال ڪيو آهي. انهن مان ڪيترن ئي منصوبن تي عمل جي نتيجي ۾ غيرجانبداريت ۽ تعصب سبب انساني نسل جو قتل عام ٿيو آهي ۽ ان جو سبب صرف انساني اثر ۽ صلاحيتون ناهن. اهو سڀ ڪجهه ايترو ته بد دماغي يا بي وقوفي تي مبني هوندو آهي جو چئي سگهجي ٿو ته اهو فعل شيطاني نوعيت جو آهي. اسٽالن ۽ هٽلر جهڙن ماڻهو، جيڪي ڪوڙا نبي هئا، مڪمل طور تي پنهنجي حڪمراني قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جن سان انهن جي پنهنجي ذات خراب ٿي ۽ انهن جي شيطاني ذهانت سبب تباهي جي منصوبي تي عمل ڪيو ويو. اها حيرت جي ڳالهه آهي ته ماڻهو هٽلر جهڙي اهڙي ڪرشماتي شخصيت جي پوئواري ڪيئن ڪري سگهن ٿا جيڪو ماڻهو پاڻ دماغي طور ٺيڪ نه هجي. اسان سڀ گمراهه آهيون ۽ اڄ ان ظلم کي ڏسون ٿا ۽ حيران ٿيون ٿا ته انساني سطح تي اهو ڪيئن ممڪن آهي ته 20هين صدي ۾ ايڏو وڏو سانحو پيش اچي ۽ ماڻهو دوکي جي حد تائين انهن ڳالهين تي يقين به ڪن. بدقسمتي سان اهو سڄو نظارو اسلام جهڙن مثالن جي صورت ۾ اسان اڄ به ڏسي رهيا آهيون. اهو هڪ اهڙي چريائپ آهي جيڪا انسانيت جي هر پهلو ۽ ثقافت کي متاثر ڪري رهي آهي. ماڻهن کي ان جي دعوائن طرف اچڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي ٿو ۽ هو اهو اندازو به نه ٿا لڳائي سگهن ته هو تباهي جي منهن ۾ وڃي رهيا آهن جنهن ۾ هڪ نه هڪ ڏينهن اهڙي تباهي ايندي جيڪا هٽلر جي حڪومت جي دور ۾ آئي هئي
سڄي دنيا انهن ظالم ۽ دوکي باز ماڻهن جي نقاب پٺيان اونداهي جي گهرائي ۽ انهن جي بدڪارين ۽ ڏوهن جو نظارو ڏٺو ۽ ان کي سڃاڻيو جيڪي انهن انسانيت خلاف ڪيا ۽ بعد ۾ معاشري انهن کي انتهائي حد جو ڏوهاري قرار ڏنو. اسلام هڪ اهڙو مذهب آهي جنهن جي پوئواري ڪندڙن جو تعداد سڄي دنيا ۾ ڦهليل آهي ۽ ان جو اثر هڪ وبائي مرض جهڙو آهي جنهن وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي. سالياني بنياد تي اهڙا ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي ان مرض وگھي متاثر ٿين ٿا ۽ مرن ٿا ڇاڪاڻ ته صرف هڪ ماڻهو قابل احتساب خواب ڏٺو
ڇا توهان موت ۽ تباهي جي ان رستي تي هلڻ پسند ڪندئو؟ جيڪڏهن توهان اسلام تي عمل ڪندڙ آهيو ته مان توهان کي صرف ايترو چوندس ته عام حالتن ۾ جنهن ڳالهه کي توهان مذهبي ۽ مقدس سمجهندا آهيو ان کي ٿوري وقت لاءِ پاسيرو ڪري سنجيدگي سان شاهدين کي ڏسو ۽ خدا جي روبرو دعا گهرو ته هو توهان کي سچ ڏيکاري ته ڪير آهي اُهو جنهن صرف ۽ صرف زندگي جو پرچار ڪيو. ان جو نالو يسوع آهي

متي باب نمبر 7 آيت نمبر 15 ۽ 16
ڪوڙن نبين کان خبردار رهو جيڪي رڍ جي ويس ۾ توهان وٽ ايندا آهن پر اصل ۾ اهي توهان کي اذيت پهچائيندڙ بگهڙ آهن
توهان انهن کي انهن جي ميون سان سڃاڻي وٺندئو

مسلم ۽ اسلامي وسيلا

سنڌي-Sindhi

Is Muhammad a false prophet?

Permission granted by David Woods for excerpts taken from the article on “ Muhammad and the Messiah” in the Christian Research Journal Vol.35/No.5/2012

Leave a Reply