جڏهن اسان يسوع مسيح جي مرڻ جي ڳالهه ڪندا آهيون ته اها صرف بائبل ۽ قرآن ۾ ٻڌايل اختلافن جي ڳالهه ناهي پر ان ۾ اهڙن ثانوي ذريعن جو به جائزو وٺڻ گهرجي جيڪي سيڪولر نوعيت جا آهن ۽ ڇا جيڪي به اختلاف بيان ڪيا ويا آهن اهي تاريخي آهن يا يسوع کي صليب تي چاڙهڻ جا تفصيل بيان ڪرڻ مهل مخالفاڻي راءِ سبب قائم ڪيا ويا آهن تنهنڪري عيسائيت جي نظريي جي حوالي سان اهي رايا همدرداڻي نوعيت جا ناهن. انهن ذريعن ۾ مارا بن سرافيون، يهودين جي تلمود، ٿيلس، ڪورنيلئس، فليويئس جوزفئس شامل آهن جن رومن ۽ يهودي تصنيف جي نمائندگي ڪئي
ان کانسواءِ صليب تي چاڙهڻ جو عمل ڪنهن ڪنڊ ۾ پيش نه آيو هو ۽ يسوع جي دشمنن لاءِ اهو واقعو غلط سڃاڻپ جو ايئن ئي پيش آيل واقعو ناهي ڇاڪاڻ ته اهي دشمن مقبري تائين لاش جي حفاظت جي مقصد سان آيا هئا. انهن کي هن جي موت جو نه پر هن جي مبينه طور تي ٻيهر زندهه ٿيڻ ۽ لاش جي چوري ٿيڻ جو ڊپ هو
نئين عهد نامي موجب اها هڪ پيچيده صورتحال هئي ته اهو منظرنامو دوکي تي مبني هو جنهن ۾ صرف مرڪزي واقعو ئي نه پر هر اهو واقعو شامل آهي جيڪو صليب تي چاڙهڻ تائين ۽ يسوع جي ٻيهر زنده ٿيڻ تائين پيش آيو
اصل ۾ يسوع جي مرڻ جي شروعات صليب تي نه پر ان وقت ٿي جڏهن هن کي چابڪ لڳي رهيا هئا ۽ اها هڪ عدالتي ڪارروائي هئي جيڪا رومين ۽ يهودين ڪئي هئي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهي سڀ هن جي ويجهو هئا جنهن سان انهن کي يسوع جي سڃاڻپ بابت ڪو شڪ نه هيو
عوامي سطح تي موت جو سزا ملڻ کان اڳ تائين يسوع جي زندگي ۽ هن جي خدمتن بابت سڀني کي خبر هئي ۽ صليب تي چاڙهڻ مهل زندگي جي هر طبقي جا ماڻهو وقت موجود هئا. ان ۾ رومن سپاهي، مذهبي يهودي ۽ عيسيٰ جا شاگرد ۽ شايد يوحنا به شامل آهي
جنهن وقت عيسيٰ خلاف ڪارروائي ٿي رهي هئي ان وقت ڪجهه اهڙا ماڻهو به هئا جيڪي هن سان ڳالهائي رهيا هئا جنهن بعد ان ڳالهه جو امڪان ختم ٿي وڃي ٿو ته جيڪي ماڻهو هن جي ويجهو هئا ۽ هن کي چڱي طرح سڃاڻيندا هئا اهي ان وقت انڌا ٿي ويا هئا. ان کانسواءِ اها ڳالهه خدا جي شخصيت جي برعڪس آهي ته هو سچ کي لڪائڻ ۽ ڪوڙ پيش ڪندو ۽ ماڻهن سان چالبازي ڪري انهن کي بي وقصف بڻائڻ يا انهن کي ڌوڪي ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪندو ته اصل ۾ يهودا عيسيٰ هو
عيسيٰ خلاف ٽرائل ۽ هن کي صليب تي چاڙهڻ وقت جيڪي به لفظ هن ڳالهايا اهي يهودا جي لفظن سان مطابقت نه ٿا رکن جهڙي طرح هو مسيحا هئڻ جي دعويٰ ڪري ٿو. هن ماڻهو هي لفظ به ادا ڪيا هئا ته ”اڄ توهان مون سان گڏ جنت ۾ هوندئو“ يا ”انهن کي معاف فرماءِ ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر ناهي ته ڇا ڪري رهيا آهن“ ۽ ”اي خدا تو مون کي ڇو وساري ڇڏيو آهي“. هي اهي لفظ آهن جيڪي هڪ معصوم شخص جا ادا ڪيل ٿي سگهن ٿا، ڪنهن اهڙي ماڻهو جا نه جيڪو وسارڻ يا ڌوڪو ڏيڻ جو ڪم ڪري رهيو هو. اسان کي اها به خبر آهي ته ٻيهر زندهه ٿيڻ کان پوءِ يسوع پاران پنهنجا زخم ڏيکارڻ جا ثبوت به موجود آهن تنهنڪري اهو سڄو واقعو ڪنهن طرح جي سازش هئڻ جي ڳالهه نه ئي مذهبي دستاويزن ۾ بيان ڪيل واقعن سان مطابقت رکي ٿي ۽ نه ئي ٻاهرين ذريعن کان ورتل ثبوتن سان جيڪي مون پهريائين واضع ڪيا آهن. ايتر قدر جو پراڻي عهد نامي ۾ به بيان ڪيل واقعي کي پڙهجي ته ان جي حقيقت جو اندازو ٿيندو ۽ اهو ممڪن ناهي ته اهي دستاويز تبديل ٿيا هجن يا عيسائين انهن ۾ ترميم ڪئي هجي ڇاڪاڻ ته يهودين عيسائيت جي ڦهلجڻ کان اڳ ئي اهي دستاويز محفوظ ڪري ڇڏيا هئا. حيراني جي ڳالهه اها آهي ته جڏهن ڪو به سيڪولر يهودي پهريون ڀيرو پراڻي عهد نامي جو دستاويز جهڙوڪ يسعياه باب 52 آيت 13، باب 53 آيت 12 ۽ زبور باب 22 ٻڌي ٿو ته هو تڪليف ۾ مبتلا خادم ۽ صليب تي چڙهندڙ عيسيٰ جي وچ ۾ رشتو قائم ڪن ٿا. ان موقعي تي هو ان ڳالهه تي اعتراض ڪن ٿا ته توهان جيڪي ڪجهه به پڙهي ٻڌايو آهي اُهو عيسائين جي بائبل مان پڙهيو آهي ۽ ان وقت انهن کي اها خبر ئي نه هوندي آهي ته جيڪو ڪجهه به پڙهي ٻڌايو ويو اهو انهن جي پنهنجي ڪتاب مان پڙهيو ويو. نه صرف اهو پر انهن آيتن ۾ يسوع کي چابڪ هڻڻ ۽ هن کي صليب تي چاڙهڻ جي واقعي جو مڪمل تفصيل ٻڌايل آهي جيڪو هٿ گهڙيو ٿي نه ٿو سگهي ڇاڪاڻ ته اهڙي طرح جو تشدد ان وقت تائين موجود نه هو جيستائين اهي لفظ چيا ويا. خير، مان هيٺ انگريزي ۾ 2 لنڪ پيش ڪري رهيو آهيان جن کي پڙهي توهان حوالا ڪڍي سگهو ٿا
اڄ جي دور ۾ ڪجهه شڪي ماڻهو بائبل جي پيغام جي ڪجهه پهلوئن تي ته اعتراض ڪري سگهن ٿا پر عام طور تي صليب جي واقعي تي سڀئي متفق آهن ۽ ايتري قدر جو ڪجهه اهڙا ماڻهو به آهن جن جي راءِ آهي ته انقلابي هئڻ جي حيثيت سان يسوع ان انجام جو ئي مستحق هو
آّخر ۾ پنهنجي آخري سفر ۽ صليب تي چڙهڻ کان اڳ يسوع پنهنجي موت جي طرز جي تصديق ڪئي ۽ ان ڳالهه کي ٻڌڻ کان پوءِ هن جا شاگرد شرمنده ۽ حيران ٿيا ۽ ان واقعي جي ٿيڻ کا انڪار ڪيائون. ابتدائي طور تي انهن جي اهڙي اميد جو سبب اهو هو ته ان وقت جا يهودي غير ملڪي جارحيت ۾ هئا ۽ انهن جي راءِ هئي ته مسيحا پاڻ اذيت ناڪ موت کي منهن ۾ وڃڻ بدران انهن کي بچائيندو. پوءِ آخر عيسيٰ پاران پنهنجي موت تي تبصري بابت هن جا شاگرد گهٽ معلومات ڇو رکندڙ هوندا ۽ هڪ اهڙي ڪهاڻي ٺاهڻ پويان انهن جو ڪهڙو مقصد هوندو جنهن ۾ انهن جي هيرو کي دشمنن هٿان مرندي ڏيکاريو ويو آهي؟ انساني پهلو سان ڏسجي ته اها هڪ طرح جي ڪمزوري آهي ۽ انهن جي مسيحا لاءِ هڪ ڪاميابي بجاءِ شڪست آهي. انهن لاءِ اهو بهتر هجي ها ته هو قرآن ۾ بيان ڪيل واقعي کي قبول ڪري اهو تسيلم ڪن ها ته عيسيٰ کي ڪو به نقصان نه ٿيو ۽ هو دنيا جي خاتمي کان اڳ ظاهر ٿي حالات بهتر ڪندو
لازمي طور تي انهن ۾ ايتري صلاحيت نه هئي ته هو قديم عهد نامي جي دستاويز کي سمجهي سگهن ۽ اڄ به يهودين ۾ ايتري صلاحيت ناهي ته هو انهن دستاويزن کي سمجهي سگهن حالانڪه ڪيترائي يهودي اهڙا آهن جن انهن دستاويزن تحت ايمان آندو جن جو مون حوالو ڏنو هو
معاملي جي بصيرت ۽ فهم موجب اهو سمجهڻ بالڪل آسان آهي ته اهو سڀ خدا جي الهامي منصوبي تحت ٿيو ۽ تنهنڪري ڪنهن به طرح جي منفي سوچ يا تشريح کي رد ڪجي ٿو
جيڪڏهن توهان بائبل جي نظريي بابت ان سڄي معاملي جو سروي ڪندئو ته اهو پاڻ کي بائبل بابت عالمي راءِ مطابق لڳندو جيڪا يسوع جي قرباني تي مشتمل موت کان اڳ ئي قائم ٿي چڪو هو. هي اهڙو واقعو آهي جيڪو تاريخ جي صفحن ۾ جڙي چڪو آهي جنهن ڪفاري طور قرباني ڏيڻ جي نظام بابت ٻڌايو ويو آهي
قرباني جي نظام ۾ انصاف ۽ خدا جو رحم شامل هوندو آهي جنهن جو مقصد گناه ۽ تقصير جو فيصلو ڪرڻ هوندو آهي. ان رسمي قانون تحت ڏوهاري کي جانورن جي قرباني جي صورت ۾ عبوري طور جرمانو ادا ڪرڻو هوندو آهي. احبار (ليويٽيڪس) جي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته خون وهائڻ بنا گناهه جي معافي ناهي. تنهنڪري انسان جي متبادل طور معصوم جانورن جو رت وهائي عبوري طور گناه بخشائبا آهن
اهو سڄو ڊرامو ان لاءِ سجايو ويو هي جيڪو عبرانين جي نئين عهد نامي ۾ عيسيٰ بابت چيو ويو آهي جيڪو پراڻي عهد نامي جي پاڇن جي حقيقت هو ۽ ان جي تڪميل خدا پاران موڪليل ان رڍ ۾ هئي جنهن جي قرباني ڏني وئي ۽ ڪفارو ادا ٿيڻ تي خدا اسان کي امن ڏنو
عيسيٰ جي هن ڌرتي تي اچڻ جو سبب انسانيت جي نمائندگي ڪرڻ هو ۽ ڇاڪاڻ ته هو ڪنهن به طرح جي گناهه کان پاڪ هو، هو اهي سڀ ڪجهه ڪري سگهيو ٿي جيڪي توهان ۽ مان نه ٿا ڪري سگهون ۽ پاڪ ۽ معصوم هئڻ سبب هن رضاڪارانه طور تي اهڙن گناهن جي سزا حاصل ڪئي جيڪي اسان جا ڪيل گناهه هئا. اگر اسان پنهنجو مقابلو يسوع سان ڪيون ته اسان جي حيثيت انتهائي معمولي آهي ڇاڪاڻ ته اسان گناهن سان ڀريل آهيون تنهنڪري اگر اسان پنهنجو مقابلو پاڻ جهڙن ماڻهن سان ڪندا سين ته ممڪن آهي ته اسان ۾ ٿورو اعتماد باقي رهجي وڃي پر جڏهن اسان جو مقابلو ڪنهن پاڪ هستي سان ڪيو ويندو ته اسان ۾ ٿورو به اعتماد باقي نه رهندو. جنهن وقت اسان پاڻ کي ٻين سان مشابهت ڏيون ٿا ان وقت اسان صوفن ۾ مشابهت نه ڏيئي رهيا آهيون تنهڪرن جنهن وقت اسان خدا جي روبرو فيصلي جي ڏينهن موجود هوندا سين ته ان وقت اسان تي اها ڳالهه واضع هوندي ته اسان خدا جي مخلوق آهيون ۽ هڪ خراب وڻ وانگر اسان سڙيل ۽ بدبودار ميوو پيدا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو ڪم ناهي ڪيو. خدا پالڻهار ۽ ڪائنات جو خالق آهي ۽ ان کان گهٽ ڪا به وصف هن جي خدائي جي خلاف ورزي آهي. پوءِ اهڙي صورتحال ۾ جڏهن اسان وٽ ناڪافي ايمانداري هجي ته پوءِ خدا جي آڏو هن کي ڇا جواب ڏينداسين؟ اسان هن جي آڏو بالڪل اگهاڙا هوندا سين ۽ هو اسان جا سڀ فعل ڏسي رهيو هوندو تنهنڪري ان ڳالهه تي حيرت نه ٿيڻ گهرجي ته جنهن وقت اسان زندگي جي بنيادي اخلاقي اصول تي عمل ۾ ناڪام ثابت ٿيندا سين ان وقت هر شخص اسان جي مذمت ڪندو
اهو ئي سبب آهي ته اسان کي هڪ مسيحا جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته اسان پاڻ کي خدا جي انصاف کان بچائي نه ٿا سگهون ۽ هو اسان کان ڪمال جي اميد رکي ٿو ۽ ان هوندي به بائبل جي خدا کي پيار جو خدا به چيو ويندو آهي ۽ هن جي پيار ۾ ان وقت واڌارو ايندو جڏهن هو پنهنجي رحم سان اسان جي گناهن کان پوءِ اسان کي رعايت ڏيندو
ان کانسواءِ اهو سڀ ڪرڻ لاءِ خدا کي ڪا مجبوري ناهي ڇاڪاڻ ته هو چاهيندو ته اسان هن جي غصي ۽ انصاف کي منهن ڏيون. پر سٺي خبر اها آهي ته نه صرف اسان خدا کان بچيل آهيون پر خدا اسان کي زندگي، موت ۽ يسوع جي ٻيهر زندهه ٿيڻ تائين بچائي ٿو. خدا اسان کي هر ان مسئلي مان بچائي ٿو ٻي صورت ۾ اسان فنا ٿي وڃون ها پر هاڻي خدا کان پري وڃڻ بدران اسان پراعتماد آهيون ۽ اسان کي يقين ڏياريو ويو آهي ته جيئن اسان هن زندگي مان ٻي زندگي تائين پهچون ته اسان کي لازوال زندگي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن طرح جو جوا نه کيڏڻو پوي
شايد توهان کي ان پيار، رحم ۽ قرباني جي اهميت سمجهه ۾ نه ايندي هجي ۽ ممڪن آهي ته توهان کي حيرت ٿيندي هجي ته خدا هڪ اهڙي موقعي تي اها عدم مساوات جي اجازت ڪيئن ٿو ڏيئي سگهي جڏهن اسان دنياوي ڏي وٺ جي معاملي ۾ هڪ ئي وقت فائدو حاصل ڪندڙ ۽ سازش ڪندڙ هجون ۽ ان جي اجازت نه هجڻ جي صورت ۾ اسان جي مغفرت ڪيئن ٿئي ها؟
ان سان گڏو گڏ بائبل خدا جي مطلقيت جي تاثر جي حمايت ڪري ٿي جنهن ۾ اهو بيان ڪيو ويو آهي ته هن جي سوچ اسان جي سوچ ناهي ۽ نه ئي اسان جا رستا هن جا رستا آهن. ان معاملي ۾ اسان مختلف منطق اختيار ڪندا آهيون ۽ چوندا آهيون ته خدا کي ايئن نه ڪرڻ گهرجي ۽ ان باوجود اهو هن جو صوابديدي اختيار آهي ۽ ان کانسواءِ اسان وٽ ٻي ڪهڙي اميد آهي؟ اهو به ياد رکڻ گهرجي ته ان ۾ خدا جي ڪردار يا فطرت ۾ ڪو به تضاد يا سمجهوتو ناهي ڇاڪاڻ ته هو يسوع جي قرباني جي صورت ۾ اسان کي گناهن کان معاف فرمائي رهيو آهي. يسوع کي اهو اختيار هو ته هو پنهنجي زندگي قربان ڪري ۽ هن کي آسمان تي کنيو وڃي. خداوند هن جي زندگي رڍ جي بدلي قبول ڪئي ۽ ان باوجود ته ڪنهن موقعي تي اسان هن جا دشمن هئا سين، يسوع اسان لاءِ پنهنجي زندگي قربان ڪئي ۽ ان لاءِ ئي هن لاءِ اسان کي حيران ڪندڙ جلال ياد ايندو آهي
۽ جڏهن توهان انهن سڀني ڳالهين تي غور ڪندئو ته توهان ان نوعيت جي رد عمل جو اندازو ئي نه ٿا لڳائي سگهو ۽ وڌ کان وڌ اسان اهڙي طرح جي محبت واري قرباني کي والدين يا شريڪ حيات سان ئي جوڙي سگهون ٿا ۽ توهان اندازو ڪيو ته خدا ڪيتري قدر مهربان، شفيق ۽ محبت ڪندڙ آهي جنهن اسان جهڙن غير ڪامل انسانن کي پيدا ڪيو ۽ ان ڪري مون کي اهو معلوم ڪري سڪون ٿو ملي ته هو جو لامحدود پيار هن جي پيدا ڪيل مخلوق جي محدود پيار کان عظيم آهي. منهنجا دوستو! خدا زندگي ان لاءِ پيدا نه ڪئي ته دوزخ لاءِ ٻارڻ جو انتظام ٿي سگهي ۽ بائبل ۾ لکيل آهي ته دنيا شيطان ۽ فرشتن لاءِ ٺاهي وئي پر پوءِ اسان هن جي نجات جي عبوري ذريعي کي نظرانداز ڪري ڪيئن نجات حاصل ڪري سگهندا سين؟
انتهائي احترام سان، توهان لاءِ منهنجي طرفان چئلنج آهي ته توهان احساس گناه کي ڪيئن منهن ڏيندا آهيو؟ ان کانسواءِ ڇا توهان کي ان ڳالهه تي حيرت ٿي آهي يا توهان ان ڳالهه تي غور ڪيو آهي ته جنت حاصل ڪرڻ لاءِ توهان ڪيترا سٺا فعل ڪيا آهن؟ ڇا توهان کي ان ڳالهه جي خبر آهي ته توهان جي زندگي کي الله قبول ڪندو يا نه؟
نتيجي طور، خدا جي محبت اسان کي اڪيلو ناهي ڇڏيو ۽ نه ئي اسان کي بي وس ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته هن يسوع جي صورت ۾ انتهائي سخاوت سان پنهنجو پيار اسان تي نڇاور ڪيو آهي جنهن سان اسان کي لازوال زندگي جي ضمانت ملي ٿي
يسوع توهان کي دعوت ٿو ڏئي ۽ هن اسان جي گناهن جو وزن پنهنجي ڪلهي تي کنيو آهي ۽ اسان کي مذهبي اميدن تحت علم ۽ ڏاهپ ۽ پاڻ سان ذاتي تعلق ڏنو آهي
متي باب 11 آيت نمبر 28 کان 30
اي محنت ڪندڙ ۽ وزن هيٺان دٻيل ماڻهو، توهان سڀ مون وٽ اچو، مان توهان کي آرام ڏيندس
منهجي پاڃاري پنهنجي ڳچي ۾ وجهو ۽ مون کان سکو، آئون دل جو نرم ۽ نماڻو آهيان، توهان کي آرام ملندو
ڇاڪاڻ ته منهنجي پاڃاري آسان آهي ۽ منهنجو بار هلڪو آهي