عورتن بابت اسلام جو نظريو

اسلامي معاشرن ۾ شايد مختلف اصول اختيار ڪيا ويندا آهي ليڪن ان باوجود قرآن ۽ حديث جي شهادتن موجب ڏسجي ته زندگي ۾ عورتن جي حيثيت تابعداري واري ۽ انهن جو ڪردار گهٽ مقرر ڪيل آهي
اسلام ۾ بنيادي طور پدرانه نظريو آهي ۽ ان ۾ ڪجهه معاملن ۾ ان ۾ عورتن جي غير ضروري استحصال ۽ خراب سلوڪ جي اجازت ڏني وئي آهي
قرآن جي سورت نمبر 4 ۽ آيت نمبر 34 ۾ عورتن کي مار ڏيڻ جي اجازت ڏني وئي آهي
انساني وجدان جي بنياد پنهنجي شريڪ حيات سان ويجهڙائي وارو محبت جو اهڙو رشتو قائم ڪرڻ آهي جنهن ۾ هن کي اهڙو ماحول ڏجي جنهن ۾ اعتماد ۽ ڀروسي جو رشتو جڙي سگهي جنهن جو مرڪز پنهنجي ساٿي جي حفاظت ۽ ان جي سنڀال ڪرڻ آهي. پوءِ اهو سڌار وارو فعل پيار جي جائز اظهار ۾ ڪيئن ٿو تبديل ٿئي؟ اگر اها ئي صورتحال آهي ته اگر مڙس غلطي ڪري ته هن کي ڪيئن سڌارجي؟ ڇا رد عمل طور ان ۾ برابري جي رويي جي ضرورت ناهي جيستائين جو هو ڪا به غلطي نه ڪري يا اخلاقي بالادستي سبب هن کي سڌارڻ يا درست ڪرڻ جي ضرورت نه هجي؟
شايد عورتن ۾ ڪمتر هئڻ جي اخلاقي خرابي موجود آهي ۽ شايد اهو ئي سبب آهي ته حديث ۾ صنف نازڪ کي سڌارڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت جو اظهار ڪيو ويو آهي. ان لاءِ حديث ۾ اهو نقطه نظر پيش ڪيو ويو آهي ته روحاني ۽ اخلاقي لحاظ کان عورتن جي گمراهي طرف مائل ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن. حديث ۾ چيل آهي ته عورتن جي اڪثريت کي دوزخ ۾ جاءِ ملندي ۽ جنت ۾ وڃڻ وارين عورتن جو تعداد تمام گهٽ آهي. مسلم، جلد نمبر 4، حديث نمبر 6597، صفحو 1432 ۽ مسلم، جلد نمبر 4، حديث نمبر 6600 صفحو 1432
ان سان گڏو گڏ، اسلام ۾ اهڙا آدرش مقرر ڪيل آهن جن جو بنياد مرد جي جنسي لذت پسندي آهي. خدا پرست مرد کي جنت ۾ هڪ ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 100 حورن سان جماع جي بشارت ڏني وئي آهي (سورت نمبر 55). ڇا انهن عورتن کي به برابري جي بنياد تي اها لذت بطور انعام نصيب ٿيندي جن جو گهٽ تعداد جنت ۾ پهچندو؟ سڄي زندگي پنهنجي مڙس جي خدمت ۽ هن سان وفا ڪندڙ ان جي زال پاڻ کي ڪهڙي مقام تي بيٺل محسوس ڪندي جڏهن هن کي خبر پوندي ته جنت ۾ هن جو مڙس لطف ۽ لذت سان ڀرپور جڳهه تي اجنبي عورتن سان همبستري ڪندو؟ اگر هن جي مستقبل جو مقصد اهو ئي آهي ته جنت ۾ پهچي اهو ڪم ڪري ته قليل مدتي عرصي دوران هن جو پنهنجي زال سان تعلق ڪهڙي نوعيت جو آهي؟ اگر هميشگيءَ ۾ هو جسماني لذت حاصل ڪرڻ گهري ٿو ته ڇا توهان سمجهو ٿا ته پنهنجي زال سان تعلق وقت هو اهو مقصد حاصل نه ڪري رهيو آهي؟ شايد جڏهن هو هن زندگي ۾ توهان مان مطمئن ٿي ۽ سڀ حاصل ڪري وٺي ٿو ته هن کي بعد جي زندگي ۾ توهان جي ضرورت محسوس نه ٿيندي ڇاڪاڻ ته بعد ۾ هن جي ضرورتن جو خيال ٻيا رکندا
قرآن ۽ حديث ۾ به زال جو خيال ڪرڻ بنا مرد جي مطالبي ۽ هن جي جنسي ضرورتن جي حوالي سان فرمايل آهي. قرآن جي سورت نمبر 2، آيت نمبر 223، مشڪات المسابيح صفحو 691 ترمذي، بخاري جلد نمبر 7 حديث نمبر 121 صفحو 93
وڌيڪ اهو ته اسلامي ثقافت ۾ جنسي گمراهي جا اهڙا ڪيترائي مثال ملن ٿا جن ۾ جنسي عضوي کي ڪٽڻ جنهن ۾ ڇوڪرين جي ختنه ڪئي ويندي آهي ته جيئن انهن جي جنسي خواهشن کي روڪي انهن جي پاڪيزگي برقرار رکي سگهجي. ان معاملي تي اڃان بحث ٿي رهيو آهي ته محمد ان طرح جي تشدد جي اجازت ڏني يا نه پر ان باوجود ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهو فعل جاري آهي
ٻيو اهو ته ڪجهه مسلمانن حرام ڪاري (عصمت فروشي) يا متع کي قانوني شڪل ڏيئي ڇڏي آهي ۽ ان جي اجازت عارضي شادي جي نالي تي ڏني ويندي آهي جنهن جو مقصد مسلمان مردن جي جنسي ضرورت کي پورو ڪري سگهجي
ان سان گڏ هڪ اهڙو عمل جيڪو ثقافتي لحاظ کان غير فعاليت پيدا ڪري سگهي ٿو اهو هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪرڻ جو رجحان آهي ۽ خاندان جي سرشتي ۾ اهو عمل سماجي مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو
اها ڳالهه سمجهڻ لاءِ ڪنهن ماهر بشريات يا ماهر عمرانيات جي ضرورت ناهي ته اهڙي طرح جي ثقافتي تجربن جي بنياد تي ٿيندڙ اهڙن فعلن سان انسان ذات تي ڪيترا هاڃيڪار اثر پئجي سگهن ٿا. ڪو به ماڻهو اخلاقي اقدار ٺاهڻ خلاف بحث ڪري سگهي ٿو پر ان باوجود اسان صرف انسان جي بنيادي ضرورتن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون جيڪي انسان جي آفاقي وجود جي وضاحت ڪن ٿيون
ممڪن آهي ته توهان اسلام جي ثقافتي ڄار ۾ گرفتار ٿي ويا آهيو جنهن ۾ توهان پاڻ کي ڦاٿل محسوس ڪيو ٿا يا پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪيو ٿا يا افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته توهان ڪجهه مختلف سوچي نه ٿا سگهو. ڇا توهان کي اهو نظر نه ٿو اچي ته ڪجهه عورتن کي اسلام جي جرم سبب جسماني ۽ ذهني طور تي نشانو پيو بڻايو وڃي. جيڪڏهن توهان انهن حقيقتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار نه آهيو ته ممڪن آهي ته توهان اسلامي ثقافت سان هم وابستگي اختيار ڪري ڇڏي آهي. ٿي سگهي ٿو ته توهان کي اهڙن موضوعن تي سوچڻ نه سيکاريو ويو آهي جن تي مون کي اعتراض آهي
حديث مطابق عورتن جي ذهني صلاحيت گهٽ يا بالڪل ختم آهي. ان نظريي سان عورتن کي اهڙو بي وقوف انسان سمجهيو ويندو آهي جنهن ۾ فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت محدود هوندي آهي. جڏهن ماڻهن کي اهو پڙهايو ويندو آهي ته عورتون ڪم تر آهن ته انهن لاءِ اها ڳالهه قبول ڪرڻ ۽ انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ آسان ٿي ويندو آهي. هي اُهو ئي ڪجهه آهي جيڪو توهان کي مرد جي بالادستي واري مذهب ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ ساک کان وڌيڪ جسماني بالادستي وڌيڪ اهم آهي. بخاري جلد 3 حديث نمبر 826 صفحو 502
مون کي خبر آهي ته منهنجو هيءُ بلاگ سخت ۽ چڀندڙ آهي ۽ مون کي اميد آهي ته براه راست لفظن جي چونڊ ڪري مون پنهنجو مقدمو وڌائي پيش ناهي ڪيو. پوري طرح شفافيت اختيار ڪندي آئون اسلام ۾ حيا جي نظريي جي تعريف ڪريان ٿو پر ان باوجود ان ڳالهه جو ڪو جواز نه ٿو ملي ته عورت کي هڪ اهڙي زندگي تائين محدود ڪيو وڃي جنهن سان انهن جي انسان هئڻ جي خوبي ۾ گهٽتائي اچي وڃي
آئون تمام مردن کي چئلنج ڪندس ته هو عورتن بابت اسلام ۾ ڪيل دعوائن ۽ انهن سان ٿيندڙ سلوڪ جو تنقيدي نظر سان جائزو وٺن. ڀلي توهان انهن دعوائن مطابق عمل نو ڪندا هجو پر ان باوجود ان طرح جي جبر جي حمايت اڄ به برقرار آهي ۽ اسلام جي پيروڪارن طرفان ان جي حمايت به ڪئي ويندي آهي ۽ هو مقدس ڪتابن جي ذريعي ان جو جواز به پيش ڪندا آهن. ياد رکو ته اهي ئي عورتون اسان جون مائر آهن جن اسان جي پالنا ڪري اسان اهڙي وقت نپايو جنهن وقت اسان بي وس هئا سين. اهي ئي عورتون ان عزت ۽ احترام جون حقدار آهن جيڪا پالڻهار انهن کي جائز طريقي سان عطا ڪئي آهي ۽ انهن جو درجو بلند ڪري انهن کي مردن جي ترقي ۽ انهن جي سنڀار رکندڙ هستي بڻايو آهي
مان چاهيان ٿو ته توهان کي اوهان کي ان ڳالهه جي خبر پوي ته اسلام پنهنجو خدا بڻايو آهي ۽ جيتوڻيڪ آئون توهان جي عقيدي جو احترام ڪريان ٿو پر انهن دعوائن کي به چئلنج ڪريان ٿو جيڪي سچ ۽ مذهب جي نالي تي توهان قائم ڪيا آهن ۽ انهن جي ئي سبب توهان تباهي جو رستو اختيار ڪيو آهي
بائبل ۾ خدا جي ڪردار جي بنيادي وصف اها آهي ته هو محبت جو ساگر آهي جڏهن ته اسلام ۾ ان راءِ جي نفي ڪيل آهي. خدا رحمدل، نرم، مهربان ۽ پر امن آهي. هي اهو خاصيتون آهن جيڪي توهان الله سان جوڙيون هجن پر الله جي ٻانهن ۾ اهڙي هڪڙي به خاصيت ناهي. جيتوڻيڪ آمدني جو معمولي حصو غريبن لاءِ وقف ڪيو وڃي ٿو پر سماج ۾ انساني مدد لاءِ اسلامي ايجنسيون بالخصوص اهڙيون اسلامي ايجنسيون ناهن جيڪي معاشري جي اهڙن ٻين حصن لاءِ ناهن جن کي ڪافر سمجهيو ويندو آهي. اسلام خدائي تاثير بابت نه پر دهشت ۽ تشدد سان ڀريل جذبن بابت آهي جنهن ۾ زور زبردستي جي ذريعي غلبو حاصل ڪيو ويندو آهي ۽ ان بعد پنهنجو دنياوي اثر مسلط ڪيو ويندو آهي. هن ۾ توهان جو خيال نه رکيو ويندو آهي بلڪه اصل سوچ دنيا قبضي جي هوندي آهي. توهان هڪ معتدل مسلمان هئڻ جي دعويٰ ته ڪري سگهو ٿا پر اسلام ۾ جن اصولن ۽ عقيدي تي عمل ڪيو ويندو آهي ان جي وصف کي ڏسندي اها دعويٰ پنهنجي معنيٰ ۾ ئي ان عقيدي جو ضد آهي. اهو اسلام ئي آهي جيڪو توهان جي رويي ۽ ورتاءُ جي رخ جو فيصلو ڪندو آهي پوءِ ڀلي توهان جي ذاتي سوچ ۽ نقطه نظر ڪجهه به هجي. جيڪڏهن توهان دعويٰ ڪيو ٿا ته توهان اسلام جي انهن اصولن تي عمل نه ٿا ڪريو ته پوءِ توهان صرف نالي ماتر مسلمان آهيو يا شايد لاشعوري طور توهان الله جي اطاعت کان انڪار ڪري رهيا آهيو. شايد دل جي گهرائي ۾ توهان کي خبر آهي ته ڪنهن ڳالهه جي گهٽتائي آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته اهو خدا جي حقيقي پيار ۽ محبت جو تجربو حاصل ڪرڻ جو هڪ موقعو آهي
خدا دنيا سان ايتري ته وڌيڪ محبت ڪري ٿو جو هن دنيا کي يسوع مسيح جي صورت ۾ هڪ تحفو ڏنو ۽ چيائين ته جيڪو به هن تي ڀروسو ڪندو اهو فنا نه ٿيندو بلڪه هن کي لازوال زندگي ملندي
عورتن کي مخاطب ٿيندي آئون اميد ڪندس ته انهن کي ايتري سوچ ۽ صلاحيت هوندي ته هو خدا جي حقيقي محبت ۽ جعلي مذهب جي وچ ۾ فرق ڏسندي سمجهداري سان درست فيصلو ڪن
آخر ۾ آئون درخواست ڪندس ته مان توهان کي اهڙا لفظ ناهن چيا جن سان توهان جي عزت مجروح ٿئي. مون اهو سڀ توهان تي تنقيد ڪرڻ يا دل آزاري ڪرڻ لاءِ ناهي چيو ۽ جيتوڻيڪ منهنجي پيشڪاري چڙ ڏياريندڙ ٿي سگهي ٿي پر مون اهو سڀ نفرت جي ڪري ناهي چيو. منهنجي دل ۾ توهان جي روحاني طور بهتري جا جذبا آهن ۽ جڏهن توهان معاشري ۾ چئني طرفان ڦاٿل هوندا آهيو، توهان پنهنجي ثقافتي روين جي حدن کان ٻاهر ڏسڻ جي ڪوشش ئي نه ڪندا آهيو
آخر ۾ مان اميد ڪندس ته توهان خدا جي روبرو سچائي ۽ ايمانداري اختيار ڪريو. مون کي خبر آهي ته شروعات ۾ ٿورو ڊپ محسوس ٿي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته ڪنهن مقصد سان پاڻ کي وقف ڪندڙ انسان اهو مقصد ختم ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪندو پر ان باوجود مان توهان کي چئلنج ڪيان ٿو ته خدا کي التجا ڪريو ته هو پنهنجي محبت توهان تي نڇاور ڪري ۽ يسوع مسيح جي صورت ۾ توهان کي پنهنجي پيار سان نوازي

ڪجهه ويب سائٽون توهان جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو جيڪي توهان جي مدد ڪري سگهن ٿيون

www.bible.com/bible/722/jhn.1

Audio Bible

مسلم ۽ اسلامي وسيلا

سنڌي-Sindhi

Islamic view of Women

Leave a Reply