قرآن بائبل جي حمايت ٿو ڪري

توريت، مزامير ۽ انجيل ۾ لکيل ڳالهين ۽ خدائي تلقين جي قرآن حمايت ڪري ٿو ليڪن ان باوجود اڄ جي دور جي مسلم عقيدو ان ڳالهه جي دعويٰ ٿو ڪري ته بائبل کي خراب ڪيو ويو آهي ۽ ان تي يقين نه ٿو ڪري سگهجي. يقيني طور تي اها ڳالهه ثابت نه ٿي ڪري سگهجي ۽ اهو بيان انهن ڪيترن ئي بيانن مان هڪ آهي جيڪو اسلام جي مڃيندڙن طرفان ڦئلايل آهي
اهڙي سوچ جو هڪ سبب ته اهو آهي ته ڇاڪاڻ ته ڪيترا ئي بائبل مطالعي لاءِ دستياب آهن ان ڪري اها منطق ڏني ويندي آهي ته اهي سڀ درست ٿي نه ٿا سگهن
ڪيترن ئي بائبل جي دستيابي جو سبب صرف اهو آهي ته قلمي نسخي جي صورت ۾ اسان وٽ ڪيتريون ئي شاهديون موجود آهن. صرف يوناني مسودي جا 6000 نسخا موجود آهن جيڪو ڪنهن ٻئي قديم ادبي نسخي جي مقابلي ۾ انتهائي قديم ثبوت آهي
اڄ جي جديد دور ۾ اسان وٽ ڇاپي جي مشين جي سهولت سان گڏو گڏ پيشڪش، تبادلي ۽ دستاويز محفوظ ڪرڻ جا بهتر ذريعا موجود آهن. بائبل جي آڳاٽي دور ۾ مسودا تمام گهٽ ۽ مهانگا هوندا هئا. تنهنڪري محفوظ ڪرڻ جي ضرورت ۽ ان سان گڏ پاڪ نسخن جي طلب سبب اهو انتهائي ضروري هو ته انهن جون ڪاپيون ڇاپيون وڃن ۽ انهن کي ڦهلايو وڃي
اهي ڪاپيون سخت چڪاس ۽ تحرير ڪاري جي اصولن موجب تيار يا شايع ڪيون ويون ۽ يهودين پاران اهڙي ٽئڪنيڪ استعمال ڪئي وئي ته جيئن اصل نسخي جو مواد تبديل نه ٿئي. اهي نسخا ۽ ڪاپيون ايتري قدر مفيد آهن جو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو ته اهي درست آهن. توهان کي اها ڳالهه ياد هئڻ گهرجي ته قابل قبول نسخن ۾ اگر ڪا شئي بي ربط هئي ته اها انتهائي معمولي سطح تي هئي ۽ اصل نسخي جي مقابلي ۾ ان ۾ ڪا به تبديلي نه هئي. پر جيڪا ڳاله نئين عهد نامي بابت نوٽ ڪرڻ لائق آهي، اها هي آهي ته جيڪڏهن ان کي تلف ڪري سگهجي ها ته به ان کي قديم ڪليسا جي پادرين جا لکيل حواله پيش ڪري ٻيهر تحرير ڪري سگهجي ها ۽ اها ئي ڳالهه نه صرف انهن نسخن جي صداقت بلڪه انهن جي درست هئڻ جو ثبوت آهي
نئين عهد نامي جي حمايت ۾ اها ڳالهه به موجود آهي ته اصل صحيفي ۽ پراڻي دستياب نسخي جي وچ ۾ 100 کان 250 سالن جو عرصو آهي جيڪو انهن ٻنهي جي وچ ۾ ٻين قديم ادبي لکڻين جي مقابلي ۾ انتهائي گهٽ ترين وقت آهي. سيزر جي گيلڪ جنگن بابت ڏسون ته اسان کي خبر پوندي ته انهن تاريخي دستاويزن وچ ۾ هڪ هزار سالن جو عرصو موجود آهي
بائبل جي صداقت جو هڪ ٻيو طريقو بحيره مردار جا ويڙهيل ڪاغذ آهن جيڪي قمران مان 1940 لڳ ڳولهي لڌا ويا. هن وقت تائين عهد قديم (پراڻي بائبل) جو جيڪو آڳاٽو ترين نسخو برآمد ڪيو ويو آهي اهو سال 900 جي عمومي دور (ڪامن اِرا ) جو آهي. جڏهن اسان ان قديم ترين نسخي کي بحيره مردار جي ويڙهيل نسخن سان ڀيٽائيندا سين ته اسان کي ڪو به فرق نظر نه ايندو
بائب ۾ ڪنهن به طرح جي تبديلي کي روڪڻ لاءِ طئي ڪيل معيار (چيڪ ۽ بيلنس) ۾ اهي گڏجاڻيون به هيون جيڪي پاڪ نسخي ۾ ٻڌل ڳالهين جي شامل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ منعقد ڪيون وينديون هيون ڇاڪاڻ ته مختلف نوعيت جا جعلي دستاويز به ان دور ۾ ورهايا پئي ويا ۽ چرچ جي قيادت کي اصول (آرٿوڊاڪسي) ۽ قانون (ڪينن) طئي ڪرڻا هئا جيڪي اصل ۾ مقدس نسخا هئا. عيسائين جي ڪونسل نائسيا عام دور (سي اي) جي سال 325 ۾ ٿي جڏهن ته يهودين جي ڪونسل جامنيا جو اجلاس عام دور (سي اي) جي سال 90 ۾ ٿيو
مختلف بائبل هئڻ جو هڪ سبب اهو به آهي ته پاڪ نسخي کي انهن ماڻهن جي زبان ۾ آڻڻ هو جن لاءِ مقصود هو. پيروڪارن کي هدايت ڪئي وئي ته هو سڄي دنيا ۾ ڦئلجي وڃن ۽ انجيل مقدس جي تبليغ ڪن ۽ اهو ئي اهڙو طريقو هو جنهن جي ذريعي اهو سڀ موثر طريقي سان ڪري سگهجي پيو. اهڙي ڪا به سازش ناهي جنهن جي ذريعي بائبل کي تبديل يا ان ۾ ترميم جي ڪوشش ڪئي وئي هجي. مان اهو تصور به نه ٿو ڪري سگهان ته ڪو شخص مون کي پنهنجي اصل عبراني، سامي ۽ يوناني زبان ۾ لکيل بائبل ڏيئي چوي ته ان جي معنيٰ سمجهاءِ. اگر مان اهي قديم ٻوليون پڙهي به وڃان ته ثقافتي لحاظ سان مان انگريزي ٻولي ۾ سوچ سمجهه جو ڪم ڪندس ۽ اها منهنجي تعصب تي ٻڌل تشريح هوندي
جڏهن به ادبي تنقيد جي ڳالهه ايندي آهي، بائبل وانگر قرآن کي به اهڙي طرح جي چئلنجن کي منهن ڏيڻو پيو پوي. آخر ڪار اهو پاڪ ڪتاب به آسمان تان براهِ راست ناهي لٿو، ۽ نه الله پنهنجي آنڱر سان ان کي لکيو آهي
آخر ۾ آئون اهو چوندس ته بائبل متعلق جيڪي به خيال محمد کي آيا، اهي هن عيسائيت ۽ يهوديت جي ثانوي اثر تحت حاصل ڪيا ڇاڪاڻ ته اهي ئي انهن مسودن جا اصل باني هئا. اگر محمد جي وقت تائين تاريخ ۾ بائبل ۾ تبديليون ٿي چڪيون هجن ها ته هن کي معاملي جو سچ ڪيئن خبر پوي ها ان باوجود ته هو عيسائيت ۽ يهوديت جي اثر تي دارو مدار رکي رهيو هو. اسلام جي اچڻ کان اڳ ئي بائبل جو مسودو بهترين حالت ۾ دستياب هيو ان ڪري مان هن موضوع کي بحث جوڳو نه ٿو سمجهان. اگر بائب کي عيسائين ۽ يهودين تبديل ڪيو ته پوءِ الله پنهنجي خودمختاري ۾ مسلمانن کي پهرين وحي ان بابت ڇو نه ڏني. مون کي خبر آهي ته اهي دليلون مزاحيه آهن پر مان انهن کي پنهنجي منطقي انجام تائين آڻڻ چاهيان ٿو ته جيئن توهان کي به خبر پوي ته انهن بي بنياد دليلون ڪيتري قدر ناهموار آهن

مسلم ۽ اسلامي وسيلا

سنڌي-Sindhi

The Quran Supports the Bible

Leave a Reply