عيسيٰ جي بصيرت ۽ خواب

هڪ مسلمان ملڪ سان تعلق رکندڙ منهنجي دوست مون کان پڇو ته ڇا آئون هن کي اهڙن ماڻهن متعلق ٻڌائي سگهان ٿو جيڪي عيسيٰ جي بصيرت ۽ خواب کان واقف آهن. ڳالهه شروع ڪندي توهان کي ٻڌائيندس ته جڏهن مان ننڍڙو ٻار هئس ته مون کي خدا جو سپنو آيو ۽ اهو اهڙو خواب هو جيڪو ڪير به گهڙي نه ٿو سگهي. خواب ۾ خدا جو اچڻ بالڪل ايئن ئي هو جيئن بائيبل ۾ هن جي جلال بابت فرمايل آهي پر مون کي ان بابت ڪا به ڄاڻ نه هئي. ان خواب جو مون تي اهڙو اثر ٿيو جو مون کي اهو اڄ تائين ياد آهي ۽ جيتوڻيڪ هن مون کي ڪجهه به نه چيو پر اها هن جي وجود جي روشني يا چمڪ هئي جنهن ذريعي مون تائين اهو پيغام پهتو ته هو عبادت لائق آهي ۽ ان لاءِ مون هن آڏو پنهنجو سر نمايو
منهنجا ڪجهه دوست يهودي به آهن جن کي به عيسيٰ جي حوالي سان ذاتي طور تي تجربو ٿي چڪو آهي. هڪ عورت منهجي سٺي دوست هئي ۽ هوءَ عيسائيت کان پاسو ڪندي هئي ڇاڪاڻ ته هوءَ سمورن مذهبن کي درست سمجهندي هئي. پر مرڻ کان ڪجهه وقت اڳ جڏهن هوءَ اسپتال ۾ هئي ته هن دعويٰ ڪئي ته هن کي عيسيٰ ڪيترا ئي دفعا پنهنجو ديدار ڪرايو. هاڻي هيءَ هڪ اهڙي يادگار ۽ ڪرشماتي صورتحال آهي جنهن ۾ ڪو يهودي اهو اعتراف ڪري ته هن ايترو ويجهو کان عيسيٰ کي ڏٺو ۽ مان يقين سان چئي سگهان ٿو ته ان واقعي کان پوءِ هن عورت جو عيسيٰ جي سچي مسيحا هئڻ بابت تاثر گهڻي قدر تبديل ٿيو
ٻيو واقعو ڏکڻ افريقا جي هڪ يهودي جو آهي جيڪو هاڻي ان چرچ جو پادري آهي جنهن ۾ آئون ويندو رهندو آهيان. هو به ان ڳالهه کي رد ڪندو هيو ته عيسيٰ ئي سچو مسيحا آهي حالانڪه يروشلم جي دوري جي موقعي تي هن کي ڏينهن ڏٺي ڪيترا ئي ڀيرا هو نظر آيو. هاڻي هن پادري پنهنجن تجربن بابت هڪ ڪتاب لکيو آهي جنهن جو عنوان ”يروشلم جي ملاقات“ آهي
آخر ۾ آئون پنهنجن مسلم دوستن سان پيش آيل ڪجهه انتهائي دلچسپ ۽ حيران ڪندڙ واقعا ۽ شهادتن جو ذڪر ڪندس، جيڪي عيسيٰ کي نه رڳو نبي سمجهندا آهن پر انهن پنهنجي عقيدي ۾ هن کي خدا سمجڻ لڳا آهن
پهريون ڀيرو مون ان معاملي تي وچ اوڀر سان تعلق رکندڙ هڪ ماڻهو سان انٽرنيشنل چرچ جي تقريب ۾ ڳالهايو هو ۽ بعد ۾ اهو ساڳيو ماڻهو مون کي سودي سلف جي دڪان تي مليو. منهنجو هن ايراني شهري سان ان ڳالهه تي مباحثو ٿيو ته هو عقيدت مند ڪيئن ٿيو ۽ هن مون کي ٻڌايو ته هن عيسيٰ جو ديدار ڪيو يا هن کي خواب آيو
هڪ ٻيو ماڻهو فلسطيني دوست آهي جنهن سان منهنجي ملاقات اسرائيل ۾ ٿي ۽ هن مون کي ٻڌايو ته جيتوڻيڪ هن جو تعلق هڪ مسلم گهراڻي سان آهي پر ڪيئن نه ڪيئن ڪري منهنجو عقيدو عيسيٰ ۾ مضبوط ٿيو. بعد ۾ هن کي ان عقيدت سبب جيل ۾ قيد ڪيو ويو ۽ هي اهو ئي وقت هو جڏهن يسوع مسيح هن اڳيان ظاهر ٿيو ۽ جيل جي سڄي ڪمري کي روشن ڪري ڇڏيائين
جن ٻين ماڻهن سان منهنجي ملاقات ٿي آهي انهن ۾ هڪ پاڪستاني عورت به شامل آهي جنهن جو چوڻ هو ته جڏهن هو نوجوان ڇوڪري هئي ته هڪ رات خواب ۾ عيسيٰ هن جي خواب ۾ آيو ۽ هن کي پيڻ لاءِ پاڻي ڏنائين. اهو ٻڌي مون هن کي واضع ڪيو ته بائبل موجب عيسيٰ پاڻي جي ان وهڪري وانگر آهي جيڪو زندگي عطا ڪندو آهي
هڪ ٻي عورت جو تعلق ايران سان هو جنهن مون کي اي ميل موڪلي ۽ چيائين ته سمهڻ مهل جڏهن هن دعا گهري ته ان وقت هن کي سجاڳي ٿي جڏهن سڄو ڪمرو سائي رنگ جي روشني سان ڀريل هو ۽ هڪ مرد جو آواز آيو ته ”اٿ! آئون عيسيٰ آهيان“ هن عورت ٻڌايو ته اهو لقاءُ ڏسي آئون ڍڄي ويس ۽ بستري مان ٻاهر نه آيس ڇاڪاڻ ته مون کي حجاب پهريل هو ۽ نه ئي پاڻ کي ڍڪيل هو.
آخر ۾ اهو چوندس ته اهڙيون ڪافي ڳالهيون آهن جيڪي آئون ڀلجي چڪو آهيان ۽ خواهش آهي ته جيڪر انهن کي پهرين ئي لکي وٺان ها ليڪن ان باوجود مون کي اهڙن ڪيترن ئي واقعن بابت معلومات ملي رهي آهي جن سان ماڻهن جي زندگي ايتري حد تائين تبديل ٿي رهي آهي جو اهي مرد ۽ عورتون پنهنجن خاندانن حالانڪه معاشري پاران نيڪالي کي به قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا جنهن جو مطلب ڪجهه ماڻهن لاءِ موت به ٿي سگهيو ٿي. ماڻهون ڪنهن به فضول شئي لاءِ پنهنجي زندگي خطري ۾ ناهن وجهندا ۽ مون کي يقين آهي ته مردن ۽ عورتن جي زندگي تي ايترو ته زبردست اثر پيو جيڪو انهن کي ڪڏهن به پنهنجي عقيدي يعني موسيٰ يا محمد مان ناهي مليو ۽ اها ئي ڳالهه انهن کي سجاڳ ڪرڻ جو سبب بڻي ۽ ان تعليم يا هدايتن کي چيلنج ڪرڻ لاءِ سوچ عطا ڪئي جيڪا انهن کي هن (عيسيٰ) بابت ملندي رهي هئي. شايد توهان انهن واقعن جي صداقت تي شڪ جو اظهار ڪيو پر مان صرف توهان کي اها درخواست ڪندس ته توهان عيسيٰ يا خدا کي چئو ته هو توهان کي پنهنجي سڃاڻپ اهڙي ذاتي طور تي ڪرائي جو توهان جو هن تي بطور خدا يا مسيحا طور عقيدو قائم ٿئي
آخر ۾ اهو به ٻڌائيندس ته مون 700 ڪلب تي ڪجهه ويڊيو فلمون به ڏٺيون آهن جن ۾ انهن مسلمانن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي جيڪي هي عقيدو اختيار ڪري رهيا آهن

www.cbn.com/tv/3166680520001
www1.cbn.com/cbnnews/insideisrael/2012/June/Dreams-Visions-Moving-Muslims-to-Christ

www1.cbn.com/video/fatimas-quest-for-god
morethandreams.org

مسلم ۽ اسلامي وسيلا

سنڌي-Sindhi

Visions and Dreams of Jesus, Isa, Esa, Yeshu, Yeshua

Leave a Reply