يسوع مسيح، آخري نبي

ويجهڙائي ۾ منهنجي هڪ مسلمان دوست سان ملاقات ٿي جنهن مون کي ٻڌايو ته محمد ئي آخري نبي آهي. هي هڪ اهڙو عقيدو آهي جنهن جو حوالو اسان کي عبراني مقدس صحيفن مان به ملي ٿو ۽ ان جو حوالو استثنا جي باب نمبر 18 ۽ آيت نمبر 15 ۾ به ملي ٿو
ان صحيفي جي تڪميل اسلام جي باني ۾ نه هئي، جنهن جي نمائندگي هڪ ٻاهرئين مذهب طور ٿئي ها ۽ اهو عبرانين لاءِ هڪ ڪوڙي ديوتا جهڙو هجي ها، جن لاءِ اها پيش گوئي غلط استعمال ڪئي وئي
موسيٰ اهو ڪلام خاص طور تي عبرانين لاءِ چيو هو ۽ حتمي طور تي عبرانين هڪ ساٿي عبراني رستي ان تي عمل به ڪيو. اسرائيل جي عوام لاءِ توريت اچڻ بعد ۽ پوئلڳ پطرس جي اعمالن جي باب نمبر 3 جي 22 آيت ۽ اسٽيفن جي اعمالن جي باب 7 جي آيت نمبر 37 مطابق ان جي تڪميل آخري نبي يسوع مسيح ذريعي ٿيڻي هئي
موسيٰ اسرائيل جي ٻارن کي ٻڌايو ته خدا مون جهڙو هڪ نبي موڪليندو جيڪو توهان جي ڀائرن مان هڪ هوندو. اها هڪ اهم ڳالهه آهي جنهن ۾ لفظ ”ڀائرن“ جو استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن جو مطلب ٿيو ته ايندڙ نبي عبراني نسل مان هوندو
جيتوڻيڪ عبراني ۽ عربي نسل جي ماڻهن ۾ اباڻي وقتن کان ڪجهه تعلقات آهن پر صحيفي ۾ واضع طور تي اسرائيل جي عوام يا انهن جي ڪتاب سان جڙيل ماڻهن جو حوالو ڏنل آهي
آخر ۾ اهو واضع ڪبو ته اهي مقدس ورق نه ئي خراب ٿيا آهن ۽ نه ئي عيسائين انهن کي خراب ڪيو آهي، نه ان جي اکرن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪئي وئي آهي، آخر ڪار يهودي مذهب جو مرڪزي ڪتاب توريت آهي جنهن ۾ يسوع مسيح کي نبي جو لقب يا حيثيت ڏيڻ لاءِ ڪنهن به طرح جي همدردي ظاهر ناهي ڪئي وئي
توهان به يهوديت جي مرڪزي موقف سان اتفاق ڪري سگهو ٿا جنهن تحت يسوع مسيح کي عظيم نبي سمجهڻ کان انڪار ڪيو ويندو آهي پر توهان ان ڳالهه تي به اتفاق نه ڪندئو ته ان مسودي سبب اسلام کي ڪيتري قدر آزادي ملي آهي
جيڪڏهن توهان نبوت بابت اسرائيلي عقيدي متعلق پڙهندئو ته توهان کي يهودي برادري جي بنيادي رد عمل ۾ انڪار ملندو. يسوع مسيح تي صادر ايندڙ عظيم صحيفن مان هڪ يسعياه جو آهي. يسعياه 53 ۾ ٻڌايو ويو آهي ته يسوع هڪ مصيبت ۾ ورتل ملازم هو جنهن کي ناپسند ڪيو ويو پر خدا هن کي قبول ڪيو
منهنجي دعا آهي ته توهان يسوع مسيح کي هن جو جائز رتبو ڏيڻ کان انڪار نه ڪندئو ته هو ئي آخري نبي آهي ۽ تمام تر صحيفا هن ۾ ئي پنهنجي تڪميل ۽ مقصد ڏسن ٿا
عبراني 1:1-2
اڳئين زماني ۾ خدا ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ هلندڙ ۽ مختلف نبين جي ذريعي ڳالهايو، هن زماني جي آخر ۾ اسان سان پُٽ جي معرفت ڳالهايائين جنهن کي هن سمورين شين جو وارث قرار ڏنو ۽ جنهن جي ذريعي هن ڪيترائي عالم به پيدا ڪيا
جن وٽ ڪن آهن ته اهي ٻڌن ته خدا جو روح انهن سان ڇا ٿو ڳالهائي. ڇا توهان نبي جي وسيلي خدا جو آواز ٻڌي رهيا آهيو؟

مسلم ۽ اسلامي وسيلا

سنڌي-Sindhi

Jesus the Last Prophet

Leave a Reply