يسوع مسيح خدا جو پُٽ آهي

اسلام ۾ اها تعليم ڏني ويندي آهي ته خدا جو ڪو پٽ ناهي ۽ عمومي طور تي ڏسجي ته آئون پٽ جي نظريي جي حوالي سان توهان جي ان راءِ سان اتفاق ڪندس. حالانڪه يسوع مسيح منفرد ۽ معجزاڻي نموني سان پيدا ٿيو ۽ مان اها ڳالهه مڃان ٿو ته خدا جو ڪنهن سان جنسي تعلق ناهي ۽ نه ئي هو ان طرح ٻار پيدا ڪندو آهي. هي هڪ اهڙو عقيدو آهي جيڪو بت پرستانه نظرين تي ٻڌل آهي ۽ ڪجهه اهڙا مسلڪ آهن جيڪي اها تعليم ڏين ٿا
ڊاڪٽر مائيڪل برائون سامي زبانن جو ماهر آهي. هي اهي زبانون آهن جيڪي بائبل ۽ يهودين جي اصل زبانون آهن. هن ان نظريي جي اصل اساس تي تبصرو ڪيو آهي. ڳالهه شروع ڪرڻ کان اڳ اسان کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻي پوندي ته 21هين صدي جي ماڻهو جي حيثيت سان اسان جو دماغ ان ريت نه ٿو سوچي جهڙي طرح پراڻي دور جو عبراني ماڻهو سوچ رکندو هو
اصل ۾ لفظ ”خدا جو پُٽ“ عبراني صحيفن ۾ ڪيترائي ڀيرا استعمال ٿي چڪو آهي جنهن ۾ خدا اسرائيل جي حوالي سان ڳالهائيندي هن کي پُٽ قرار ڏنو آهي، ۽ ان سان گڏ بادشاهن کي به ۽ فرشتن کي به. ڇو ته يسوع مسيحا آهي ان ڪري هو ان لقب جو نمائندو آهي ۽ ان ۾ اها ڳالهه غور ڪرڻ گهرجي ته هو اسرائيلي نسل مان آهي ۽ نه صرف اهو پر هو بادشاهن جو بادشاه ۽ مالڪن جو مالڪ آهي ۽ آخر ۾ هن جو درجو جنت جي فرشتن کان به مٿانهون رکيو ويو آهي. هن جون اهي سڀ خاصيتون ڏسي اڃان وڌيڪ هن کي خدا جو پٽ نه چئجي ته ٻيو ڇا چئجي
بائبل ۾ پٽ يا فرزند لاءِ عبراني زبان جي آرامي لهجي ۾ ”بن“ يا ”بار“ جو لفظ استعمال ٿيو آهي جنهن کي عربي ۾ ”ابن“ چيو ويندو آهي
معنوي حد تائين ڏسجي ته اهي لفظ اولاد لاءِ استعمال ٿيندا آهن جنهن ۾ توهان اهو لفظ پٽ لاءِ ڪتب آڻيندا آهيو يا پوءِ استعاري طور ”نبين جي پٽن“ لاءِ به استعمال ٿي سگهن ٿا جنهن جو مطلب نبين جا پوئلڳ آهي. جنهن وقت اهو لفظ اسرائيلي بادشاه لاءِ استعمال ٿيندو ته ان جو مطلب خدائي انتخاب طور بالڪل ائين ئي چئبو جيئن 2 سموئيل جي باب نمبر 7 ۽ آيت نمبر 14 ۾ فرمايل آهي ته ”۽ آئون هن جو پيءُ ۽ هو منهنجو پٽ هوندس“ ۽ اها ئي ڳالهه اسرائيلي قوم بابت به چئي وئي آهي جنهن لاءِ خروج جي باب نمبر 4 جي آيت نمبر 22 ۽ 23 ۾ لکيل آهي ته ”اسرائيل منهنجو پهريون پٽ آهي ۽ مون توهان کي چئي ڇڏيو آهي ته هن کي وڃڻ ۽ منهنجي عبادت ڪرڻ ڏيو“. ان باوجود پُٽ جي معنيٰ اها به ٿي سگهي ته اهڙو ماڻهو جيڪو ان ئي درجي سان تعلق رکي جنهن سان فرشتن جو تعلق آهي. اهو چوڻ ته منهنجو اهو مقصد ناهي ته فرشتا خدا آهن پر انهيءَ طرح انهن جو حوالو ”بيني الوهم“ يا ”خدا جا فرزند“ طور ڏنو ويندو آهي. اهو لفظ اسرائيل جي فرمانبردار ماڻهن لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو جنهن جو حوالو اسان کي هوسيع جي باب نمبر پهرئين جي آيت نمبر 10 ۾ ملي ٿو ته ”انهن کي زنده خدا جا فرزند چئبو
آخر ۾، چئبو ته اهو لفظ هڪ خاص لقب يا مخصوص مشن لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي ۽ جيئن ته يسوع مسيح مسيحا جو هڪ منفرد ڪردار ادا ڪيو تنهنڪري هن کي حتمي طور ”خدا جو فرزند“ قرار ڏنو ويندو آهي
مان اهو نتيجو اخذ ڪندس ته ”پُٽ“ ۽ ”پيءَ“ جا لفظ جديد ۽ هاڻوڪي دور جي دنياوي معنيٰ بدران بائبل جي حوالي سان استعاري يا تمثيل طور استعمال ڪري سگهجن ٿا. تنهنڪري توهان جي تعصب يا توهان جي ثقافتي اظهار لاءِٰ انهن لفظن جي عام استعمال واري معنيٰ جي برعڪس انهن لفظن کي بائبل جي قديم راءِ مطابق غلط سمجهي سگهجي ٿو

مسلم ۽ اسلامي وسيلا

سنڌي-Sindhi

Jesus is God’s Son

* Of special note regarding the title and term ‘Son of God’ , it is used in its most unique and supreme sense as a reference to the divinity of Jesus as the Christ in Mathew 28:16-20, John 5:16-27, and Hebrews 1.يسوع جي الهاميت ۽ اسلام-Sindhi

Leave a Reply